مهاڳ: جوهيءَ جا جَر ڦُل!
ڪاڇو ڪيترن ئي زمانن کان، کيرٿر جِي ڳچيءَ ۾ پاسي تي ڀرت ڀريل پهراڻ وانگر پيل آهي، جنهن تي ٽاڪيل ڪاوَن جا، هاڻ رڳو نشان وڃي بچيا آهن- ۽ ڀرت ڪڏهوڪو اُڊڙي، اُجڙي چڪو آهي. اُڃارا هرڻ رُڃن ۾ ڊُڪي ڊُڪي ملوڪن جو شڪار ٿيندا پيا وڃن. ڪُونجن جا ڪرڳل سُڻيي سال لڳيو وڃن- سرنهُن جي مُند ۾، تلُورن جي تاڙَ ۾ ويٺل عرب شهزادن جا خيما، ايئن کوڙجي ويندا آهن، جهڙا مِنا ۾ مسافر حاجين جا تنبو هجن!
سچ به، ڪاڇي جي ڏرا ڏئي ويل اکين سان اکيون ڪير ملائي! ڪاڇي کي رُڳو ڪڪرن جي بيوفائيءَ جو ارمان ڪونهي، پر انهن پکين ۽ وڻن جو به افسوس آهي، جيڪي وڍجي، وِڪامجي، سڙي سُڪي ويا ۽ پکي الائجي ڪيڏانهن اُڏاڻا هليا ويا!
ماڻهو ۽ مال آهن پاڻيءَ سان- پکي ۽ پريت آهي وري ماڻهوءَ سان! گاج (نئن) کي الائي ڪهڙو غم کائي ويو! دِلان، ٻُوري، سالاري، سول ۽ ٻيون سوين اُڃاريون نديون (نيُون) واري ۾ وات وجهيو، اَڌ مُيون ٿِي، پٽن جي پاسن ۾، پيٽ اُگهاڙيون پيون آهن.
نديُن ننگا ٿيو پَون، پاڻيءَ ڌاران پيٽ!
ندين جو پيٽ، پاڻي ئي ته ڍڪيندو آهي! جي ساهُه سنگتياڻيءَ سان ٿو سُونهين، ته درياههَ به پاڻيءَ سان ٿا ٺهن!
آءٌ سوچيندو آهيان، ٿَر جي ڀِٽُن کي ته ڪيئي ڀانَ مليا آهن، مائي ڀاڳيءَ کان وٺي مائي ڌائِي تائين. مراد فقير کان وٺي صادق فقير تائين، موهن کان وٺي شفيع فقير ۽ رفيق فقير تائين! پر ڪاڇي جو ڪير هو!؟
توڙي جو اهڙي ڳالهه به ڪانهي، جو ڪنهن وڍيل جي وايُن ۽ ڪُٺلِ جي ڪُوڪن کي، ڪَنايو نه هُجي- ايئن لڳندو آهي، ڄڻ ڪيئي ڪَڻڇين جهڙا ڪَوي، پنهنجن چُنهنبن ۾ پاڻيءَ جا ڦڙا کنيون، ابراهيم جي آڙاهه کي اُجهائڻ جا جَتن ڪري رهيا هجن! تنهن هوندي به اڃا تائين اُڃيا کُوهَه پاڻي پاڻي پيا پُڪارين، ٻرندڙ ٻيلو دريا دريا پيو ڪري!
حيرت لڳندي آهي، جڏهن ڪاڇي توڙي ٿَرَ ۾ بنا برساتن جي به ڪيترا وڻ، سدا ساوا نظر ايندا آهن- ايئن ڪَلا کيتر ۾ به ڪيترائي ڪَوي ۽ لِکاري به سدا ساوا پيا نظر ايندا آهن! ڀلي اُهي هڪ ٻئي کي ويجهو آهن يا پري پري- پر اُهي پاڻيءَ جي مِٺن چشمن وانگر ڏَسجن ۽ ٻُڌجن ٿا- جتان ڪيئي پاڻياريون وَر ور ڪيو، دِلا، اويون (کليون) ڀريو، پِيئن پيارين پيون. ادب ۽ آرٽ جي اُڃ به عشق جي اُساٽ وانگر آهي، جنهن مان پيتي نه ٿو ڍاپجي-
سمنڊ مُنهن ڪيان، ته سُرڪيا ئي نه ٿئي!
ڪَلام ۽ ڪهاڻين جي ڪَويسَرن جا ڪيترا نالا ڳڻائجن! ڪَڪرن جا نالا ڪهڙا...! ڪڪر جڏهن وسڻ ٿا لڳن، تڏهن ٽڪرين جون دليون به ڌڙڪڻ شروع ڪريو ڇڏين! سچ ته، آرٽ به اهو ئي ڪم ڪندو آهي- ۽ اهڙا ڪيئي معجزا رڳو عشق ڏيکاريندو آهي يا ته آرٽ سرانجام ڏيندو آهي!
ڇا انهن آرٽسٽن جي آبيارِي، ڏک، اداسي ۽ اڪيلائي ٿي ڪري!؟ يا اهو اهتمام قدرت پاڻ ٿي ڪري!؟ جو پَٽَ ۽ پوٺا ته پاڻيءَ لپ لئه پريشان هوندا آهن، پر هنن جون اکيون برسات ۾ وهي آيل نيُن وانگر، وَڪُڙن (بندن) تان اُٿلي وَهي پونديون آهن!
اهو ايئن ئي آهي، جيئن آءٌ چوان ٿو، جي نه، ته انهن کان پُڇي ڏسو، جن طالب لغاري، احمد خان مدهوش، لياقت علي لياقت، جاني اسحاق، عزيز ڪنگراڻي، خليل عارف، آس ٻٻر ۽ طالب قنبراڻي کي ٻُڌو آهي!
ڀلا اُنهن جي ڏات کي ڪهڙي ماتِ، جن تي لُکون ۽ جهولا به سانوڻ جا مِينهن بنجي ٿا برسن! ايئن لڳندو آهي، ڄڻ چيٽي چانڊوڪيون، انهن جي هِنيانوَ ۾ هٿ وِجهڻ بدران، انهن جي ڏات کي، پاڪ پاڻيءَ ۾ وِهنجاري مٿن نالو رکي ڇڏينديون هجن!
نئين دور جو هٿ جهلڻ جي باوجود، پنهنجي ورثي جي وارثي به ڪوئي ناهي ڇڏيندو- ڪلا وارن جا وارث ڪلا وارا ئي هوندا آهن. جنهن کي وري اڃا اڳتي وڌائڻو هوندو آهي!
ان ڳالهه جو افسوس ضرور ٿئي ٿو ته، اسان ماڻهن کي تخليقي ورثي سان گڏ رُڃ ۽ اُڃ به پلئه پوندي ٿي رهي-
مونکي ماروئڙن، سُڃَ ڳڻائي سِيج ۾!
مير محرم لغاري:
مِينهن کي چئجو، هاڻ اچ به کڻي،
هوريان هوريان، لڏي پيو پاڙو!
برساتن نه پوڻ جي ڪري ڪاڇي واري علائقي ۾ جيڪا بيوسي ۽ ڏک واري صورتحال بنجي ٿي، ان کي جيڪڏهن ٻِن سِٽُن ۾ بيان ڪجي، ته ان کان وڌيڪ ڇا ٿو چئي سگهجي! برسات ناهي، پاڻي ناهي، زندگي ناهي، ساوڪ ناهي، مال جو چارو ناهي، ته پو ماڻهو لڏيندا نه ته ڇا ڪندا! مِلائيندا ته مِينهن هِن نه! ڏُڪارين حالتن کي هي شعر اهڙي زورائتي احساساتي انداز سان ٿو پينٽ ڪري، جنهن جو پينافليڪس ٺهرائي چونڪ تي لڳائي ڇڏجي.
مير محرم سرائڪي شعر به تمام خوبصورت انداز سان لکڻ جي صلاحيت رکي ٿو- مان سمجهان ٿو، ڪهڙن به سببن جي ڪري ڪافي خوبصورت شاعر، شاعريءَ مان ايئن هٿ ڪڍي ٿا وڃن، جيئن گهٽ ريج ۽ لاڳيتي برسات نه پوڻ جي ڪري، ماڻهو پوکيل فصل مان، هٿ ڪڍي، ان کي مال کان ڀيلائي ڇڏيندا آهن!
زندگي حادثا، هِڪو پاڙو،
پيار، پيڙا جو جيئن جنڊو پاڙو.
تنهنجي پاڙي جي نانوَ تان صدقي،
مير ۽ مير جو سڄو پاڙو!
يار جو پاڙو ته ماکيءَ جو مانارو لڳندو آهي. پر پيار ۽ پيڙا جو به پاڻ ۾ ڪيڏو ڳانڍاپو آهي. استاد چوندو هو، پيار ۽ پيڙ هڪ ٻئي جا پاڙيسري آهن- مير به ساڳي ڳالهه ٿو ٻڌائي، ته انهن جو پاڻ ۾ جنڊو پاڙو آهي.
مير جي شاعريءَ ۾ پنهنجي تَرَ جا، کوڙ مشاهدا ۽ مشاهدن مان ميڙي گڏ ڪيل تشبيهون آهن. جيڪي هن شعرن جي مالا ۾ مَڻين وانگر پوئي ڇڏيون آهن.
زندگي چُپ چاپ، ائين گذري پئي،
ڄڻ اَڳاٽي ٻير آ، جا اُڪري پئي.
انتظاري جو لغاري کان نه پُڇ،
سُئي جي دُڪ مان هر گهڙي گذري پئي.
ٻيريون به ڪي آڳاٽيون، ڪي پاڇاٽيون ٿين. ڪي آرهاڙي جا ٻير به جهلن. انتظار جي گهڙين يعني اُٺن جي قافلي کي ننڍو ڪري سُئيءَ جي دُڪَ يا پاکي مان گذارڻ، اَڻ ڇُهي ۽ اَڻ مُلهي تشبيهه آهي ۽ انتظار جي ساعتن کي سالن کان به گهڻي ڊيگهه ڏياري ٿي ڇڏي. سندس هي تشبيهي شعر پڻ ڪيڏو خوبصورت آهي.
هوءَ سينگارجي گهران نڪتي،
تير نڪتو ڪمان کان ٻاهر!
هن جي شعرن ۾ غربت جا، ڏڪار جا ڏک آهن- خانه بدوشن جون خدا سان، ڪَڙيون شڪايتون آهن، ته ماکيءَ جي مِٺاس ۽ امرت جون ڳالهيون به!
وارَ پيشانيءَ تان واريو ڪجهه نه ڪجهه،
کاڄ تان ماکي اُٿاريو ڪجهه نه ڪجهه!
ماکيءَ جي ڪاريُن مکين سان وارن کي ۽ پيشانيءَ کي ماکيءَ جي کاڄَ مطلب ته مِٺاس ۽ ماکيءَ جي رنگ سان ڀيٽيو ويو آهي- ۽ هڪ نئون رنگ، جنهن کي ماکيءَ جي رنگ طور، متعارف ڪرايو ويو آهي.
ديد خانه بدوش ٿي رهندي،
ڪنهن نه ڪنهن دل ۾ گهر ڪرڻ تائين!
تنهنجا مظلوم پِيڙجي ويندا،
ديڳ تنهنجي خدا! تپڻ تائين!
منهنجي نالي ۾ به امرت رس ڀريو،
مير يا محرم اُچاريو ڪجهه نه ڪجهه.
هوءَ ته وِڇڙڻ ئي ڄاڻي، لڏي ڳوٺ مان،
کيس ڪهڙي خبر ٿا سنڀارن پُٺيان!
روز راتيون ڄڻي ٿيون، مُنجن صُبح ڏي،
مسئلن جون قطارون قطارن پُٺيان!
مٿيان شعر، خانه بدوشيءَ جي درد، مظلومن جي پِيڙا، خدا جي ديڳ جي دير سان تپڻ واري شڪايت ۽ هُن جي اهڙي انداز سان وڇڙي وڃڻ واري ڳالهه، ڏک جي لهر اُڀاري ٿا وڃن، جنهن جو تاثر دير تائين اداس بنائي ٿو ڇڏي!
خادم حسين جسڪاڻي:
ڳوٺ ۾ خوشبوءِ ويئي ڦهلـجي،
هن وڌو چولو سُڪڻ لئه تار تي!
چولي کي تار تي سُڪندو ڏسي، شاعر کي اُن سُڳنڌئي سُپرينءَ جي واسن جو احساس ٿو ٿئي- ۽ هو انهن واسن کي سڄي پاڙي يا ڳوٺ ۾ ڦهلبو محسوس ٿو ڪري- لٽن جي سُڪڻ جو واسطو خوشبو جي ڦهلاءَ سان هجي يا نه هجي، پر منظر کي سُٺو چِٽيو ويو آهي. ٻهراڙين ۾ لَٽن سُڪائڻ ۽ واهن ڪناري مايُن جا لٽا ڌوئڻ وارا ڏيک، حُسناڪين سان ڀريا پيا آهن.
خادم جسڪاڻي، اهڙين حسناڪين سان گڏ روين، احساسن ۽ تَر جي تڪليفن جي ڪَڙاڻ کي هر شعر جي زبان تي رکي ڇڏيو آهي- ۽ اهڙن روين کي روڪڻ ۽ ٽوڪڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
مٺي لهجي پُٺيان، ٽُوهن جي واڙي،
رکين ٿو مَن ۾ ايڏي مير، سياڻو ٿي!
هن جو اهو خوبصورت شعر ٻڌندڙ، پڙهندڙ جو پاڻ ڏانهن ڌيان ڇڪرائي ٿو. غزل جا هيٺيان بند، شاعريءَ جي رستي تي کنيل مضبوط وِکُن وانگر آهن، جيڪي اڳتي وڃڻ جو ساهس رکن ٿا-
ڳالهيون کڻي کريون نه ڪجن، شَڪ لڪائجن،
پر دوستن جا ڪهڙا ڪهڙا ڌڪ لڪائجن!
تون ٿو چوين ته چاهتون، لوڪان لڪائجن،
نيڻن ۾ ڪيسين نيٺ ڀلا اَڪ لڪائجن!
اي وقت! ڪيئن گذري وئين، سوچيان پيو،
جيون جي ڳل تي تنهنجا ڪٿي چَڪ لڪائجن!
هُن کي ڏسڻ سان، پل ۾ لهي ڪيئن ٿي ويا،
عُمرين جا هاڻ ڪاٿي اهي ٿَڪ لڪائجن!
پَٽن تي پکڙيل ٽُوهَه، انهن جون وَليون، ساوا گهاٽا، وڏن پنن وارا اَڪ ۽ انهن جون اڇين، نيرين ڦُلين جو حُسن پنهنجي جاءِ تي، پر انهن جي ڪڙاڻ ٻئي پاسي- اَڪن جي کير جي ڪڙاڻ جو اکين ۾ ڀرجي وڃڻ، محبت جي موٽ ۾ ڏک ۽ تڪليف ڏانهن اشارو ٿو ڪري. چاهتن کي ته لوڪ کان لڪائجي، پر اکين ۾ ڀرجي آيل اَڪن جي ڪڙاڻ کي ڪيڏانهن ڪجي!
ايئن زندگيءَ جي ڳل تي وقت جا چَڪ، ڪي عاشق جا چڪ نه آهن ۽ نه ئي اهي محبت جي يادگار طور رهجي ويا آهن، پر اهي اهڙي جانور جا چڪَ آهن جن جي لڳڻ سان ويڪسين ضروري ٿي پوندي آهي!
خادم جا کوڙ سارا شعر سُٺا ٿا لڳن، جيئن ماهوئيءَ جا گُل هوندا آهن، ننڍڙا، نيرڙا!
جيون آڳر تان هُو گذريو،
يادن جا ويو پير ڇڏيندو.
ڳالهه ٿوريءَ تي روئي ٿو اڪثر،
ڇا هو ڪاري ڪڪر ۾ رهندو آ!؟
زماني جي هر هڪ ڪهاڻي ڏٺئي،
اسان جي نه اکين جو پاڻي ڏٺئي!
ڪنهن شاعر جي شعر وانگر، ماڻهن جا ڏک ڏسي، پنهنجو غم وِسريو وڃي، ان ڪري پنهنجي ڏکَ توڙي محبت کي پنهنجن ماڻهن سان سلهاڙي ڇڏڻ وڏي ڳالهه آهي. ٻيو ڪو ايئن ڪري يا نه ڪري، پر هڪ شاعر لاءِ، اها ڳالهه تمام گهڻي اهميت ٿي رکي! جيڪا اسان کي خادم جي شعرن ۾ ملي ٿي.
هن جي اک، هن جو احساس رڳو حُسن شناس ناهي، پر نبض شناس به آهي، رڳونينهن نواز ناهي، پر غريب نواز به آهي:
وار کليل هن، رئو ئي ڪونهي،
ڇوريءَ کي ڪو ڀئو ئي ڪونهي!
تن جو سوچيو اٿئي، جن جي،
گهر ۾ چڙهيو تئو ئي ڪونهي!
مزدورن جو ڏينهن ملهايئي،
جن کائي ڪيو ڍئو ئي ڪونهي!
سڪندر اُداس لُنڊ:
جي سِبڻ نه ٿو پُڄي ته پو،
ڪين ڪنهن جو مَن اُڊيڙجي!
خواب خواب، درد گڏ ڪري،
شاعريءَ ۾ ٿو سهيڙجي!
سڪندر علي اُداس، ڳالهه جي ڳنڍ ٻڌي ڇڏي آهي. سڀ ڪو پاڻ ان کي کولي ۽ سمجهي- ماري اهو، جيڪو جياري! ڪجهه پوکڻو آهي، ته پو هر به ڏِجن، نه ته ڪنهن جو اَندر نه اُڊِيڙجي. شاعري، چونڊ لفظن جي ترتيب ۽ ردم سان گڏ ڪم واري ڳالهه به آهي. ماڻهو ڳالهين سان سڃاتو ويندو آهي ماڻهوءَ جو واسُ ڳالهين مان ايندو آهي. ڳايون به ڳالهيون وينديون! شاعر، اديب اهڙيون ڳالهيون چوندا آهن، چرين جون ڳالهيون سياڻا سهيڙيندا آهن-
ڪو به منظر نه تو سوا وڻندو،
دل ٽٽل آهي، شهر ڇا وڻندو!
لفظ ناهن جو مان بيان ڪيان،
ايترو آهي دلربا وڻندو!
مٿي ڄاڻايل اداس جي غزلن جي پهرين سٽن ۾ رديف آزاد آهي ۽ پوين ۾ قافيو آزاد رکيو ويو آهي. آزاد قافيي ۾ غزل وڏا ساهَه کڻڻ لڳندو آهي- استاد جو هڪ شعر آهي ته:
اڄ ته استاد سان آجو اورج،
ڪيڏو آزاد هو قافيو تنهنجو!
پر آزاد قافيي جي آزادي ڪيستائين هجڻ گهرجي، ان ڳالهه جي نازڪيءَ جو احساس هئڻ به تمام ضروري آهي! نه ته قافيي کي ڏنل آزادي، ڇُڙواڳي جو شڪار ٿي ويندي!
ڇُلن ٿيون درد جون ڇوليون اندر ۾،
غمن ۾ زندگي ڇاڇولجي ٿي!
زندگيءَ کي نديءَ سان تشبيهه ڏبي آهي، هڪ ته اها وهندي رهندي آهي، ٻيو اها واپس ناهي ورندي- ان ۾ ڇول ڇولان آهي. سڪندر، “ڇاڇولجي” سان “سول جي” قافيو ملايو آهي. قافيي جي اهڙي استعمال واري اها ٽيڪنڪ سُٺي لڳندي آهي- ۽ ڪڏهن شعوري ڪڏهن غير شعوري طور ٻن لفظن کي ملائي مرڪب لفظ ٺاهڻ جو ڪم ڏئي ويندي آهي. “سول” نئن جو نالو آهي، ان سان جَي، مطلب جيڪڏهن، شرطيه، Conditionalلڳائي ويو آهي.
تڏهن ڪشمير ٿي پوندو آ ڪاڇو،
وهي برسات ۾ نئن سول جَي ٿِي!
مقصد ڪاڇو تڏهن ئي سرسبز ۽ خوشحال بنجي پوندو آهي، جڏهن برساتون پونديون آهن، ۽ سول توڙي گاج ۽ ٻيون نيون وهي ايندون آهن.
سڪندر جي ان غزل جو هيٺيون بند نهايت خوبصورت، رواني ۽ سلاست سان ڀرپور آهي، جنهن ڪري غزل جي جان ۽ مُنفرد لهجي جي صدا بنجي پيو آهي!
ائين لڳندو آ، ڄڻ غلطي ڪئيسين،
جڏهن ڪا ڳالهه دل جي کولجي ٿي!
شاعري شعور جي ۽ موسيقي روح جي غذا آهي. پر جتي بُک ۽ بدحالي آهي، اُڃ ۽ سُڃَ آهي، اُتي هڪ دردمند شاعر سوچي ٿو، چاهي ٿو ته، ڪاش سندس اکين جا لُڙڪ پاڻي ٿي پون، جيڪي اُڃي تَر جي اُڃ اُجهائن ۽ سندس شاعري ماني جو ڳڀو بنجي پوي، جيئن بک ۽ بدحالي گهٽجي يا ختم ٿي سگهي!
شاعري اناج ٿي پوي،
هي سُکيو سماج ٿي پوي!
موت کان ڇو اڳ مري غريب،
سستو جي علاج ٿي پوي!
ڇو ڪڏهن اوهان جو اي پرين!
ٿو تِکو مزاج ٿي پوي!
زين کوسو:
شاعري ريساري به آهي ۽ ساڙولي به، اها پورو ڌيان ۽ وقت گهري ٿي- نه ته رُخ گهٽ ٿي ڏئي. شاعريءَ کي جنهن نمبر تي رکبو، اها شاعر کي پاڻ کان هڪ نمبر پوئتي رکندي. شاعري به هڪ رويو آهي، محبت وانگر- شاعر جي پرک، شاعري مان ڪري ٿي سگهجي- رويو ڪهڙو؟ اهو ته:
اسان جو خير آهي، جي مُئاسين،
هجين سهڻا! سدائين تون سلامت!
جيئن چندر چوندو هو، رُٺائي رهن، پر هجن شل حياتي! سِٽ کڻڻ سان جنس جو اندازو ٿي ويندو آهي- زين جي شعرن سان ملي، سندس حال به اکين اڳيان گُهمي ٿو وڃي. جيئن چهرو ۽ اکيون اندر جو احوال ٻڌائينديون آهن. تيئن شاعري به زندگيءَ جا سچَ سُڻائي ويندي آهي، ۽ سندس چهرو ظاهر ڪري ڇڏيندي آهي- ڳالهه لڪائي ڪبي آهي، تڏهن به سمجهڻ وارا سمجهي ويندا آهن.
سال صديون ٿي ويا،
پيار پَتيون ٿي ويا!
هو نه اڃا آيو،
چيٽَ ڪَتيون ٿي ويا!
مُندون ته چار ٿيون چيون وڃن- ڪي ان ۾ پيار جي به موسم ڳڻائيندا آهن. ٿائيلينڊ ۾، هڪ گائيڊ ٻڌايو ته، اسان وٽ ٽي موسمون آهن! پر سنڌ ۾ سدائين ٻن موسمن جو ذڪر ٿيندو آهي-
هاڙهه سيارو، ٿڌي ڪوسي. آبادي جي لحاظ کان چيٽ ۽ ڪَتي- بهار جي ڏينهن ۽ راتين کي به چيٽ ڪري ڳايو ويندو آهي، جو چيٽ جو مهينو بهار واري مُند کي ڪَور ڏيندو آهي.
هُو نه اڃا آيو،
چيٽ، ڪَتيون ٿِي ويا!
مطلب، انتظار ڪندي چيٽ ۽ ڪتيون گذري ويا، پر هُو نه آيو، سو نه آيو! شاعري هم ڪلامي به هوندي آهي، پر گهڻو ڪري ماڻهو ٻئي سان ضمير حاضر ۾ ڪلام ڪندو رهندو آهي- دنيا کي پاڻ کان ڌار ڪجي، ته باقي سڀ “تون” ٿو رهجي وڃي! تنهن ڪري ڪلام جو وڏو حصو ضمير حاضر سان ڳالهيون ڪندي، نظر ايندو آهي.
زين کوسو به اسان کي پنهنجي ڪلام ذريعي، پنهنجي پرينءَ سان، دنيا جهان سان- ڪيئي ڳالهيون ڪندي نظر ٿو اچي. اچو ته سندس ڳالهيون ٻڌي اِنجواءِ ڪيون ۽ واهه واهه ڪريون!
دل کي ايڏا درد نه ڏي تون!
دل آهي، ڪو روهه ته ناهي!
ڀاڪُر بوسا، ڪوسا ڪوسا،
مون ڏي، تنهنجا کوڙ اُڌارا!
پنهنجي پيرن هيٺيان پيارا،
جذبا ايئن نه لتاڙي ڇڏي!
دل جو هلَڪو بار، ڪرڻ لئه،
زين، ٻه ڳوڙها هاري ڇڏ!
گهايل لغاري:
غلام حيدر گهايل لغاري، هن مجموعي جو شاعر ۽ مرتب آهي. ادبي سنگت جو جاکوڙي ڪارڪُن به آهي- زين به ساڻس گڏ آهي. گڏيل مجموعن جو رواج هلندو ٿو اچي- پڙهندڙ کي وِرائٽي مليو وڃي- اهڙو مجموعو انگورن جي ڇُڳي وانگر هوندو آهي-
غلام حيدر جو ڪلام وزن ۾ پڪو پُختو آهي- سندس سِٽُن ۾ سادگي به آهي ته رواني به- طنز به آهي ته رمز به. ڳالهيون کُليون کُليون ۽ سِڌيون آهن- مِينڍ ۾ مارئي ڳايل ڪانهي! مَن تي مُونجهه آهي، ته مامرا به پڌرا ڪري ڇڏيا اٿائين!
پنهنجي خوابن جو موت ٿي پيو آ،
اڄ تڏهن سوڳوار ٿي پياسين!
سُونهن! تنهنجي هٿان محبت ۾،
جيت هوندي به هار ٿي پياسين!
هن جا اهڙا ڪيئي گهايل شعر آهن، جيڪي پنهنجي نسبت غلام حيدر سان ٻڌائن ٿا.
جڏهن سچ چوڻ دوستن کي لڳاسين،
ڏنگيندي رهي، هيڪلائي زمانا!
درياهه درد جو هي سيلاب آڻيندو،
هِن ساهه کي ٻُڏڻ جا امڪان ڪيترا!
ملندين ته دوست! پاڻ ئي محسوس تون ڪندين،
گهايل جي دل ۾ آهن، ارمان ڪيترا!
مضبوط قافيو، غزل جي ٻَڌ کي مضبوط ٿو بنائي- ايئن رديف به اڻ ڇُهيل هوندو، ته ان ۾ نواڻ نظر ايندي.
ساڳين قافين ۽ رديفن جي هيل تائين ايڏي لَتاڙ ٿي آهي، جو نقاد ناراض نه ٿين ته، مورڳو اهڙن قافين ۽ رديفن کي حرام قرار ڏئي ڇڏجي! جيڪڏهن غزل لاءِ قافيي ۽ رديف جو هئڻ لازمي آهي، ته ڇا اهو به ضروري آهي، ته جيترا قافيا ملن غزل کي ايتري ڊيگهه ڏجي!؟
غزل ۾ قافيي جي سخت بندش جي ڪري شاعرن بغاوت ڪري آزاد قافيو آندو، دل چوي ٿي هاڻي گهڻو چوڙيل قافين خلاف به اهڙي بغاوت ٿيڻ گهرجي! غزل جي حوالي سان، ڪي بحر ته سرل ۽ سهنجا آهن، جن ۾ رڌم ۽ رواني آبشار جهڙي هوندي آهي، پر ڪي بحر واريءَ جي پنڌ جهڙا هوندا آهن، انهن تي ڪلام لِکي وڃڻ ته هڪ ڳالهه آهي، پر ان ۾ ڳراڻ ايڏي هوندي آهي، جهڙوڪ، گيهه جا ڍُڪ پيا ڀرجن!
آءٌ ڳالهه کي جنرلائيز ڪندي، قافيي، رديف ۽ بحر وزن جي ذڪر سان گڏ هيءَ به گذارش ڪندو هلان ته، شعر ۾ لفظن جي صحت جو خيال گهڻو رکڻ گهرجي، سِٽَ جي کڻت وقت متحرڪ ۽ ساڪن لفظن جو خيال به ضروري آهي- نه ته سِٽُن جون پاڻ ۾ وِکون ئي نه ملنديون!
ادب جي بارگاهه ۾ اچي بيهڻ لاءِ ڪنهن کي به جَهل پَل ناهي، پر جيڪڏهن ڪوئي شاعر پنهنجو آواز اياز، استاد، امداد، اقبال يا اسحاق سان ملائڻ ٿو چاهي، ته ان کي پنهنجي آواز ٺاهڻ لاءِ کوڙ سارو رياض ۽ محنت ڪرڻي پوندي. دل سان پورهئي کي قبوليت آهي. سجدو هڪ ئي اَگِهي وڃي، ته وڏي ڳالهه آهي- سِٽَ ڀلي ته هڪڙي هجي، پر اها سونَ جهڙي سَچِي هئڻ گهرجي!
[b]علي دوست عاجز
[/b]