جو زندگي گذاريندو غم ڪري ڪري،
زخمي به پاڻ ٿيندو ماتم ڪري ڪري.
پيڙا لڪل هئي ڪيڏي، ميلي کي ڇا خبر،
ساڻي ٿي پئي جا پايل ڇِم ڇِم ڪري ڪري.
ڪاڇي ڪڻي نه پئي ڪا، ٿر ۾ ڏڪار هو،
دوکو ڏئي ويو سانوڻ آگم ڪري ڪري.
آيو جي موت، وڃبو اوچي ئي ڳاٽ سان،
جيئنداسين ڪيستائين سر خم ڪري ڪري.
موٽي الئه نه موٽي، اُلڪن ۾ اڌ ڳري،
ڪنهن ڪنڊ ۾ ويهي رئندين”محرم“ڪري ڪري.