مزو ناهي نظارن ۾، مزو ناهي نظارن ۾، رهان توبن خمارن ۾. جڏهن کان ٿي جدا آهين، جلي دلڙي شرارن ۾. ڦُٽا گُل پر بنا خوشبو، رُکا رنگ سڀ بهارن ۾. هزارين ٻيا حسن وارا، اُتم آهين هزارن ۾. ڪري اظهار دل جو ٿي ، اشارن ئي اشارن ۾. لُڇيو آهيان ستو ناهيان، ڏٺم توکي ستارن ۾.