سچ سڀن کي ٿو هتي وڻي، سچ سڀن کي ٿو هتي وڻي، ڪوڙ ٿو اجهو لڏو کڻي. لوڏيان ٿو وڻ نصيب جو، ڇا ڪيان جي ڦر نٿو ڇڻي. سر ڏين جي ننگ دنگ تي، ماءُ اهڙا ڪيئي پٽ ڄڻي. درد ڪو پراڻو اڄ به هن، هانءُ ۾ سنبا پيو هڻي. تنهنجي پيار ۾ چرين جيان، آڱريون ”اداس“ ٿو ڳڻي.