ڪمرو، تصويرون ۽ تنهائي، ڪمرو، تصويرون ۽ تنهائي، سپنا، تعبيرون ۽ تنهائي. ڏک ڏولاون ۾ آهي جيون، چچريل تقديرون ۽ تنهائي. محب رٺو آهي، پرچائڻ لاءِ، سوچون، تدبيرون ۽ تنهائي. اکين آڏو ڌنڌلو عڪس هو، ٽيڙيون لڪيرون ۽ تنهائي. يادن کي ساري ”زين“ رنو آ، موُثر تحريرون ۽ تنهائي.