شاعري اناج ٿي پوي شاعري اناج ٿي پوي، هي سکيو سماج ٿي پوي. موت کان ڇو اڳ مري غريب، سستو جي علاج ٿي پوي. سنڌ کي ڇو حق نٿا ملن، اٿ ته احتجاج ٿي پوي. گُھٽجي نفرتون مرن هتي، پيار جو رواج ٿي پوي. ڇو ڪڏهن اوهان جو او پرين، ٿو تکو مزاج ٿي پوي.