ڪتاب جو نالو: امن جا مسافر
مصنف: زاهد شيخ
ڇپائيندڙ: نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2018
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اڱارو، 20 آگسٽ 2019 ع
پڙهيو ويو: 1014 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 304 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ھي ڪتاب نامياري شاعر ۽ راڳي زاھد شيخ جي غزلن جو مجموعو آھي. امجد دراني مھاڳ ۾ لکي ٿو:
”زاهد شيخ سموريءَ سنڌ جي سچن ۽ بهادر ماڻهن جي اندر ۾ دل وانگر ڌڙڪندڙ شاعر رهيو آهي، هن جا گيت سنڌ جي سريلي راڳي سرمد جي آواز ذريعي سنڌ جي ٻچي ٻچي جي زبان تي سينگاريل آهن. زاهد شيخ پنهنجي سموري شعوري سگهه قوت ۽ عقل پنهنجي اڄ تي خرچ ڪيو آهي ۽ ان جي حل ڪرڻ جي جستجو ۾ قلم جي نوڪ استعمال ڪئي آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • پنھنجي پاران
  • مهاڳ : سنڌ جو قومي عوامي انقلابي شاعر
  • غزل

  • اسان لاءِ آهن اوهان جون ادائون،
  • آ دنيا ڌوڪيبازن جي مان پيار جي ڳولها ۾ آهيان،
  • ويهي، ته وير به ناهي، اٿي ته ساگر آ،
  • مورن جهڙا ميت اسان جا
  • اندر ۾ جيترا سُهڻا گلاب ٿا پاليون،
  • سوچون، سپنا، دل ۽ مان،
  • وقت جي وير منهنجي سوچن ۾،
  • ورهين جيڏي رات ۽ مان،
  • عشق ۾ اعتبار بيٺو آ،
  • ڪيئن ملان عيد جي چنڊ سان،
  • سونهن مان سادگي ملي جيڪر،
  • نهار ساڻ اوهان جا خمار ٿا چاهن،
  • وقت ويچار کي سڏيندو آ،
  • همتون هوش مان هٽيون ناهن،
  • پرين اسان جو پرين آ، پرينءَ سان پيار ڪبو،
  • سوچ جا سلسلا ٿو ڏيان،
  • تنهنجي چئي بيڪار ته ناهيان،
  • سوچ منهنجي پري پري تائين،
  • عشق جي آڳ آ- ٻاٽ ۾ ٿي ٻري،
  • عشق ڏيندو عذاب آ يارو،
  • مُحبتُن ۾ وَريا ته ناهيون،
  • ٿين پيار جون ڪي رهاڻيون ٿين،
  • ساهه جي سار تي شال اُڀري اچين،
  • جا گهڙي تو کان ڌار آ جاني،
  • جو پرين خوشيءَ جو ڏينهن آ،
  • حياتيءَ جا هٻڪار وسري نه سگهندا،
  • اي ڪاش، هتي جي ريت هجي،
  • جيءَ کي جيئارجي- هينئڙو نه هارجي،
  • اوهان ساڻ آهيو، اڪيلا ته ناهيون،
  • اَڄُ ته آهيان ورونهه ڪر موسان،
  • تنهنجو گهر آ منهنجي من ۾،
  • دوستي زندگي آ پرين،
  • سمنڊ ڪنارو- تون ۽ مان،
  • ساهه سينگار پيار آ تنهنجو،
  • خوبصورت نظارن جيان ٿي لڳي،
  • عشق اجهامي ويندو ناهي،
  • منهنجو تو سان پيار آ ايڏو،
  • تنهنجو مُک شرمائڻ لاءِ،
  • سونهن تنهنجي آ لاجواب صنم،
  • تنهنجي پيار جو هڪڙو پَلُ،
  • تون نه ملندين ته خير ڪونهي ڪو،
  • تون اچين ٿي ته منهنجي اڱڻ جي اڳيان- چنڊ تارا به جهومي لهي ٿا اچن،
  • تنهنجي اکڙين جي آڪاش مان- صبح جا سوجهرا ٿا ڦٽن،
  • مُرڪي مُرڪي ملڻ کپي يارو،
  • سسُئيءَ جو پير چارو آ گُلشن - حديد،
  • اسان هجئون نه هجئون، شل اوهان کي ياد هجئون،
  • توڙي ڏاڍا اهنجا آهن،
  • پيار منهنجي کي سمجهي سگهي آن نه تون- مون سان ڪوڙي محبت جون ڳالهيون نه ڪر،
  • ڪنڊن وارا، چُڀن چارا، دُکن جا ڍيرَ دڳ دڳ ۾،
  • رستا ٿڪبا ناهن سائين- راهي ٿڪجي پوندا آهن،
  • ساقي تنهنجي مئخاني ۾ دل وندرائڻ آيو آهيان،
  • اکڙين مان وهايا مون- اَڄُ نير گهڻا آهن،
  • پرهه جا سوجهرا ڦٽا ناهن،
  • ها مان توکي وسارن گهران ٿو مگر- ڇا ڪيان مان وساري سگهان ئي نٿو،
  • ساهَه ۾ ويٺو سانڍيان آئون،
  • چنڊ چانڊاڻ ۾ هلي آ تون،
  • مينهن آيا،
  • ساهه سارا،
  • ٻڌئون ٿا ته آهن مزا زندگيءَ جا،
  • زندگيءَ جو ماتم،
  • وِهه جي ساگر جهڙو جيون،
  • عذاب ۾ آ زندگي- مگر نه هانءُ هاربو،
  • دل ۾ هڪ بيوفا جو غم آهي،
  • ڪيڏا مجبور ٿي پيا آهيون،
  • مُرڪ مان لُڙڪ آ ٿي وئي زندگي،
  • ڪو به نه آيو، ڪو به نه آيو،
  • خالي جُهگيءَ م زندگي گهاري نه سگهياسين،
  • پٿر آ جگر تنهنجو- تون پيار مان ڇا ڄاڻين،
  • مون ڏانهن ڍري- سا تنهنجي دل،
  • دردمندن جون دانهون ياد ايندئي،
  • ٿڌڙا ساهه ڀرين ٿو ڇا لئه،
  • زندگي رهندي به آ ويندي نه آ،
  • سونھن چيو سينگار نه گهرجي،
  • پيار کي جنهن نه پيار سمجهيو آ،
  • مست ملنگ مستانا ماڻهو،
  • ذهن جي سوچ لوچ ڏي ٿي ڇڏي،
  • سپنا ڪل سوڀارا ٿيندا،
  • رات ۾ روشني ملي ويندي،
  • دوستن سان ملئون،
  • مان پيار سان پٿر کي پگهاري به سگهان ٿو،
  • جنهن جو ڪنڊن تي آشيانو آ،
  • جڏهن من جي ٿر تي وسي بوند ڪائي،
  • سُهڻا ته ماڻهو سارا،
  • جڏهن به اينديئن خُمار ايندو،
  • وقت آيو ته ملي پونداسين،
  • مٺي کير جهڙو هُيو پيار تنهنجو،
  • جتي هجو سُکيا هجو- اسان جي آ دعا اها،
  • سونهن جو روح ريجهائبو،
  • اسان جي سڏ ۾ آ سڪ سهڻا- وڻئي ته وهه وا ڪندو هليو آ،
  • پير کڄي ڇير وڄي، مور نچي ٿو،
  • منهنجون سموريون دانهون،
  • سوچبو ته سونهن لاءِ سوچبو،
  • صديُن کان نه آيا اسان ڏي اُجالا
  • هر دور ۾ اسان تي ڏاڍن جو ڏاڍ ٿيو،
  • هٿ قاتل ڪٽي سگهيا ناهيون،
  • پکن پرين جي هلي ٿي پچار ڪجهه ته ڪبو،
  • رات ڪين رهڻي آ، موٽڻا سويرا هن،
  • منهنجي ماتا مٺي سرَ ساهَه کان پياري ڌرتي،
  • هوءَ نيٺ ته اچڻي آ، رتُ ڇاڻ جي هولين م،
  • زندگي بڻجي وئي غم جي علامت آهي،
  • توسان گهاريل شام اوسائين،
  • هي جيڪو پل آهي جاني،
  • اَچُ ته هر جيءَ ۾ جذبن کي جيئاريون گڏجي،
  • روئين پئي ڇو بانسُري،
  • ڏاڍا پيارا پيارا ماڻهو،
  • جنهن جو اُجرو اَندرُ نه هوندو آ،
  • ڀرپور جواني آ،
  • ڪو ڊاڪو ٿو هونئن لُٽي، ڪو هيئن لُٽي بيٺو،
  • وڏيرا وري سڀ وٺڻ ووٽ ايندا،
  • دُشمن به هتي ديس جو دلبر ٿو سڏائي،
  • نه ڪر تلوار جي ڳولها نه ڪر ڪنهن تير جي ڳولها،
  • هٿن ۾ پيار سان محبوب جو تحفو رکجو،
  • جذبن ۾ جوش عشق جا شامل نٿا ٿين،
  • ”ٻه قافيو غزل “ نئون تجربو
  • پڪو آ پنهنجو پيار تو به چيو مون به چيو،
  • هوڏ هستي به آ موج مستي به آ- سونهن جي ساٿ ۾ جام آهي جتي،
  • پُڇي ٿي مون کان سفر ۾ حسين هر وادي،
  • عجيب نيڻ نماڻا هُيا نٿا وسرن،
  • تنهنجين يادگيرين ۾ گُم ٿي وَياسين،
  • هر بُرو ٿو ڪري بُريون ڳالهيون،
  • رَتُ جي رشتن کان وڇوڙن واريون،
  • مزي ۾ روح آ هر سوچ باضميري آ،
  • هر دوست جڏهن وقت گذاري جيان لڳو،
  • وقت ڪندو آ ويساهه گهاتيون،
  • پکين جا رهيا پَرَ سدائين سفر ۾-
  • بئڪ ٽائيٽل پيج

  • حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ

    ڪتاب: امن جا مسافر
    موضوع: شاعري
    ليکڪ: زاهد شيخ
    انگ: هڪ هزار
    ڇاپو ٽيون: ڊسمبر 2018ع
    پاران: نئون نياپو اڪيڊمي،
    سي-4، سچل ڳوٺ گلشن اقبال ڪراچي
    Ph: 021-332624153, 34690389
    Cell # 0333-2311582
    مُلهه:300 رپيا

    ڊجيٽل ايڊيشن:
    2019ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر


    ارپنا

    مان پنهنجو هي ڪتاب
    دنيا جي سمورن امن پسند ماڻهن جي
    نانءِ ڪيان ٿو.

    زاهد شيخ


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”امن جا مسافر“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. ھي ڪتاب نامياري شاعر ۽ راڳي زاھد شيخ جي غزلن جو مجموعو آھي. امجد دراني مھاڳ ۾ لکي ٿو:
    ”زاهد شيخ سموريءَ سنڌ جي سچن ۽ بهادر ماڻهن جي اندر ۾ دل وانگر ڌڙڪندڙ شاعر رهيو آهي، هن جا گيت سنڌ جي سريلي راڳي سرمد جي آواز ذريعي سنڌ جي ٻچي ٻچي جي زبان تي سينگاريل آهن. زاهد شيخ پنهنجي سموري شعوري سگهه قوت ۽ عقل پنهنجي اڄ تي خرچ ڪيو آهي ۽ ان جي حل ڪرڻ جي جستجو ۾ قلم جي نوڪ استعمال ڪئي آهي.
    ڪتاب جو ھي ٽيون ڇاپو نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ، ڪراچي پاران 2018ع ۾ ڇپايو ويو آهي. ٿورائتا آهيون انعام سنڌيءَ جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي ۽ ٿورا پياري زاھد شيخ جا جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گھر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پنھنجي پاران

    ھيءَ ڪائنات ڪيئن وجود ۾ آئي، انسان ذات ڪيئن پنھنجا ارتقائي مرحلھ طئھ ڪري موجودھ صورت اختيار ڪئي اِھو ڪروڙين اربين سالن جو سفر آھي جنھن تي مختصر بحث ڪرڻ سان ڪنھن بھ نتيجي تي نٿو پھچي سگھجي اِھو ھڪ ڊگھو ۽ نھ کُٽندڙ بحث آھي جيڪو ورھين کان ھلندو پيو اچي ۽ ھلندو رھندو خيال پرست پنھنجا خيال پيش ڪندا رھندا ۽ مادي پرست سائنسي تجربن جي روشنيءَ ۾ پنھنجا حقيقي سماجي ثبوت پيش ڪندا رھندا پر اِنھن نظرين جي ٽڪراوَ جي نتيجي ۾ انسانن جي ذھن ۾ جيڪو ڪٽر پڻو جنم وٺي ٿو اُن سان سماج ۾ نظرياتي ۽ مذھبي ٽڪراوَ پيدا ٿين ٿا جنھن سان انسانن جي وچ ۾ نفرتون وڌن ٿيون ۽ محبتن جا ڏڪار جنم وٺن ٿا! ماڻھو ھڪ ٻئي کي مارڻ جي حد تائين پھچن ٿا انسانن جو بي ڏوھھ خون وھي ٿو جنھن جو سڌوسنئون ۽ زورائتو اثر شاعرن جي دلين تي ٿئي ٿو انڊيا جي ھن فلمي گيت وانگر تھ:
    “دنيا مين کتنا غم ھي- ميرا غم کتنا کم ھي
    لوگون کا غم ديکھا تو- مين اپنا غم بھول گيا.
    اھڙي صورتحال ۾ شاعر سماج سُڌارڪ بڻجي امن، پيار، محبت، سچ ۽ سونھن جا پيغام کڻي سماج ۾ سفر ڪن ٿا ۽ پنھنجي شاعريءَ ذريعي انسانن کي رنگ نسل ۽ مذھب کان تمام گھڻو مٿي وٺي وڃن ٿا جتي انسان جي عظمت جو لقب اشرف المخلوقات آھي ۽ پوءِ جڏھن انسان پنھنجي پاڻ کي سُڃاڻي ٿو تڏھن ئي انسان حقيقي انسان ٿئي ٿو. شاعر ذھنن جا ڪاريگر آھن جيڪي سماج ۾ بگڙيل ذھنن کي بھتر بڻائن ٿا، شاعر اُن امن ۽ پيار جا مسافر آھن جنھن سان ھڪ ڏينھن ھي سمورو جڳ جنت بڻجي ويندو ۽ پوءِ پاڻ سڀ جيڪي اِن اُميد تي زندھھ آھيون تھ اُھو ڏينھن ضرور اچڻو آھي جڏھن ھن ڌرتيءَ تي نفرتن جو نانءُ نشان نھ ھوندو، ھر طرف صرف مُحبتن جا ميلا ئي ميلا ھوندا! ھا! اھو ڏينھن ضرور ايندو جنھن جا پاڻ سڀ منتظر آھيون. منھنجو ھي ڪتاب امن جا مسافر اوھانجي ھٿن ۾ آھي، پڙھو ۽ راءِ ڏيو ڇو تھ اوھان ئي مُنھنجا نقاد آھيو ۽ اوھان ئي منھنجي اصلاح ڪندڙ آھيو.

    اوھان جو پنھنجو

    زاھد شيخ
    ڪراچي سنڌ
    2018-12-01
    0336-3500030
    0304-2389924


    مهاڳ : سنڌ جو قومي عوامي انقلابي شاعر

    شاعر ۽ عام ماڻهوءَ ۾ زمين آسمان جيترو فرق آهي. عام ماڻهو تتليءَ کي پڪڙي، ان جي ٽنگ ۾ ڌاڳو ٻڌي، ان کي قيد ڪري پنهنجيءَ مرضيءَ جيتري آزادي ڏيندو آهي ۽ ان جي ڪرشماتي رنگن مان لطف اندوز ٿيندو آهي. پر شاعر تتليءَ جون دانهون ڪوڪون ۽ درد ڀريل آهون ٻڌندو آهي. شاعر آزاديءَ جو متوالو ۽ سونهن جو قدردان هوندو آهي. هو دنيا جي هر شيءِ ۾ جماليات جا جلوا پسي ٻهڪندو رهندو آهي. اڄ مان ان آزادي پسند متوالي شاعر جي ڪتاب امن جا مُسافر تي مهاڳ لکندي فخر محسوس ٿو ڪيان. ڇو ته زاهد شيخ سموريءَ سنڌ جي سچن ۽ بهادر ماڻهن جي اندر ۾ دل وانگر ڌڙڪندڙ شاعر رهيو آهي هن جا گيت سنڌ جي سريلي راڳي سرمد جي آواز ذريعي سنڌ جي ٻچي ٻچي جي زبان تي سينگاريل آهن. زاهد شيخ پري کان غير واضح نظر ايندڙ شين بدران سامهون واضح نظر ايندڙ شين تي ڌيان ڏنو آهي هن پنهنجي سموري شعوري سگهه قوت ۽ عقل پنهنجي اڄ تي خرچ ڪيو آهي ۽ ان جي حل ڪرڻ جي جستجو ۾ قلم جي نوڪ استعمال ڪئي آهي. ڇو ته هو ڄاڻي ٿو ته ايڪويهين صدي جي تقاضا آهي ته انسان صرف ذهانت ۽ معلومات وڌائڻ تي توجه نه ڏئي پر جذبات تي قابو ڪرڻ جو ڏانءُ به سکي. اصل ۾ فطري علمن ۾ ترقي محدود اصولن تحت ٿيندي آهي. اهو ئي سبب آهي. جو انسان جو مزاج سولائيءَ سان ۽ تڪڙو تبديل ڪري ٻين جي قابل بڻائي نه ٿو سگهجي. ان لاءِ زاهد شيخ چيو آهي.
    ڪو ڊاڪو ٿو هونئن لٽي ڪو هيئن لٽي بيٺو،
    جنهن کي سمجهه ۾ جيئن اچي تو تيئن لٽي بيٺو،
    هڪڙو نسل يزيدي آ ٻيو نسل هلاڪوءَ جو،
    هڪ ٿو راتيون رت ڪري ٻيو ڏينهن لٽي بيٺو،
    جي ٿا مون کان ڳالهه پڇو ڪنهن رت جي رشتي جي،
    جيئن ڪي غير لٽيندا آهن ايئن لٽي بيٺو،
    هر ڦرڻي ڪرسيءَ تي هڪڙو وحشي ويٺو آ،
    روز ڏسئون ٿا هر ڪامورو ڪيئن لٽي بيٺو،
    ائين ته ڪو ڌاڙيل به زاهد ڪو نه لٽيندو آ،
    پنهنجي قوم کي ملڪ جو حاڪم جيئن لٽي بيٺو.
    منفي جذبا منفي اثر ڇڏيندا آهن. جيڪي خيالن ۽ عملن ۾ پيچيدگيون پيدا ڪندا آهن، پر انهن کي قابوءَ ۾ رکڻ سان شخصيت جي اصلاح ۽ ڪاميابي طرف وڌڻ جو موقعو ملندو آهي.
    شاعري سڀني جو روح آهي. پر شاعريءَ لاءِ سڀ ڪجهه خيالُ ئي آهي. شاعري جذبن کي خيال سان وابسته ڪندي آهي. ڇو ته خيال ئي اصل حقيقت آهي. شاعري زندگيءَ جي ترجماني ۽ زندگي کي زندگي ڏيڻ جو نالو آهي. شاعري حوصلو ۽ همت سان رهڻ جو ڏانءُ ڏئي ٿي، شاعريءَ کان سواءِ سائنس ۽ فلسفو نامڪمل آهي. شاعريءَ ۾ رياڪاريءَ لاءِ ڪا به جاءِ ناهي. اسان جي اڳيان بي پناهه قوتون پنهنجو ڪم پوري طريقي سان ڪنديون رهن ٿيون، سج، وقت تي اڀري ۽ لهي ٿو. زمين وقت تي چڪر ڪٽي ٿي وڻ هميشه بيٺو آهي. اهڙيءَ طرح انهن بيپناهه قوت جي مالڪ سان پنهنجو ناتو جوڙي ڇڏجي ته هر ڪم هر مشڪل آسان ٿي ويندي، نه ته ماڻھو وقت جي بي پناهه قوت هٿان چيڀاٽجي ويندو.
    جنهن جو اجرو اندر نه هوندو آ،
    تنهن جو ڪنهن دل ۾ گهر نه هوندو آ،
    سو ٿو چيڀاٽجي وڃي جيڪو،
    وقت کان باخبر نه هوندو آ.
    زاهد شيخ کي وقت جي اهميت جي خبر آهي. تصوف ۾ به وقت گهڙي مهل، پهر لاءِ استعمال نه ٿيندو آهي. پر صوفي جنهن حالت ۾ هوندو آهي ان کي ئي وقت چئبو آهي. اهو چاهي ننڊ، جاڳ، درد، خوشي، تنهائي ۾ يا ماڻهن جي ميڙ ۾ هجي مطلب ته جنهن حالت ۾ به هوندو اهو ئي تصوف ۾ وقت چيو ويندو. هن وقت اسان جو سماج مانگرن ۽ لومڙين جي ور چڙهيل آهي، جيڪي گرگٽ وانگر رنگ ڦيريندي دير ئي ڪو نه ٿا ڪن.
    وڏيرا وري سڀ وٺڻ ووٽ ايندا،
    وٺي ووٽ ويندا وطن کي لٽيندا،
    مهانڊا مٽائي نوان ڪوڙ ٺاهي،
    غريبن کي غُنڊا، ڏٽا کوڙ ڏيندا،

    اسان باهه ٻاري آ ان باهه کان پوءِ،
    گهڻا خوار ٿي ويا گهڻا خوار ٿيندا.
    جنهن سماج ۾ دانائيءَ کي چريائپ جا ميڊل ڏنا وڃن ۽ دهشتگردن لٽيرن کي راڄ جون واڳون ڏنيون وڃن، اتي امن، انصاف، ترقي ۽ انسانيت لاءِ هر قدم تي ڦاهن جا هار ڳچيءَ ۾ وڌا ويندا آهن. جتي دليل ۽ دانائي جهالت جي قدمن ۾ ٿڏاڙيا وڃن. اتي ڪنهن کي قائل ڪرڻ ناممڪن ٿي پوندو آهي. جتي ڪنن سان نه پر پيٽ ۽ کيسن سان ٻڌو وڃي. جتي روحن کي نچوڙيو وڃي، جتي بدصورتيءَ کي ڌوڪي جي ميڪپ ۾ ويڙهيو وڃي. جتي برائيءَ خلاف بغاوت، نفرت، حقارت خاموشيءَ جي محلن ۾ رهن، جتي هر ڳالهه کي تجربي ۽ تنقيد جي پاڻيءَ سان ڌوئڻ بغير سچائي مڃيو وڃي. جتي اذيت مان مسرت ۽ گندگيءَ مان پاڪائي حاصل ڪئي وڃي، ته پوءِ اهڙي معاشري کي ڪا به موسم تبديل نه ٿي ڪري سگهي.
    عقيدن جي انڌيرن ۾ متان وچڙي وڃين مٺڙا،
    ويٺو ٿئي من اندر مرشد، نه ڪر ڪنهن پير جي ڳولها،
    هجي اهڙو ٿئي جيڪو محافظ ديس ڌرتيءَ جو،
    ڪري ٿي سنڌ جي هر ڀيڻ اهڙي وير جي ڳولها،
    جنهن ۾ جڪڙي زماني جا سڀئي ظالم ڪجن قابو،
    ڪيان ٿو مان پيو زاهد اهڙي زنجير جي ڳولها،

    جدا ٿيو ٿا مگر ڪنهن به موڙ تي ڪنهن پل،
    ٺهڻ گهرئون ته ڪوئي ٺاهه جو رستو رکجو.

    اچ ته هر جيءَ ۾ جذبن کي جيئاريون گڏجي،
    هر شهر ڳوٺ مان نفرت کي ڌڪاريون گڏجي.

    جتي ڪتن جي قبرن کي سجدا ڪيا وڃن. اهڙين حالتن ۾ انسانن جي نفس کان ٽپي هڪ شاعر لاءِ روحن ۾ پنهنجي پنهنجي خيالن جون جڙون قائم ڪرڻ، ان لاءِ ڪيڏو نه ڏکيو عمل آهي. زاهد شيخ اهڙي سماج جي نمائندگي ڪندي پنهنجي شاعريءَ رستي اصلاح جي اميد رکي ٿو جنهن سماج ۾ عقل آسودگي ۽ خوشي حاصل ڪرڻ لاءِ اخلاقيات جو سرعام قتل ٿئي ٿو. اندر جو اُجڙڻ ڏاڍو ڏکيو هوندو آهي، ڏک ۽ ڏولاون جي باهه ماڻهوءَ کي ڪندن ته بڻائي سگهي ٿي پر اندر اجاري نه ٿي سگهي. انسان ۾ خواهش پريشاني، محرومي، مايوسي ۽ ناڪامي پيدا ڪندي آهي. ڇو ته خواهش انسان جي انا بڻجي ويندي آهي. جنهن کي حاصل ڪرڻ بنا ماڻهو مري ويندو آهي. اهو حال ان انسان جو ٿيندو آهي، جنهن کي هڪ طرفو علم يا اڻپوري ڄاڻ هوندي آهي. هر شئي بابت جنهن کي مڪمل ڄاڻ ٿي وڃي ته ان جي خواهش ته رهي ٿي پر خواهش جي ڪڍ، وهلور نه ٿو ٿئي ان انسان لاءِ خوشي ۽ غم برابر ٿي وڃن ٿا. صوفي ان کي ترڪ واري حالت چوي ٿو. مطلب ته مڪمل ڄاڻ ئي انسان جو اندر اجاري ٿي. نه ان کي خواهشن جو ٽٽڻ ڪو ڏک يا رنج پهچائي ٿو نه ئي ان جو سر کڻندو آهي. اهو ماڻهو نيڪ ٿي وڃي ٿو جنهن کي خواهشون پاڻ ڇڏي وڃن ٿيون ۽ سمورا خوف ڪافور ٿي وڃن ٿا. محل ۽ جهوپڙيءَ جا فرق مٽجي وڃن ٿا.
    ڀل ڪڇڻ تي ملن وِهُه وٽيون،
    موت آهي ڀلو ماٺ کان،
    زندگي هڪ دفعو آ ملي
    جهومندي ڇو نه زاهد جيئان.

    جيءَ کي جيئارجي، هينئڙو نه هارجي،
    ٿورڙي آ زندگي، پيار ۾ گذارجي،
    هر عذاب جي زاهد، مرڪ ۾ شڪست آ،
    ڳڻتين جي ڳاهَه ۾ ساهه کي نه ڳارجي.
    محل دولت سان ٺاهي ٿا سگهجن سوين جاءِ ڪنهن دل ۾ ٺاهڻ آ ڏاڍي دُکي
    قرب ۾ ڪنڌ منهنجو آ حاضر مگر، ڪنهن به فرعوني طاقت جون ڳالهيون نه ڪر.
    روح رشتا ڀلي جيءُ جهيري ڇڏن ڪنڌ ڪاٽن ڀلي سنڌ چيري ڇڏن،
    دوستيءَ ۾ سڀئي درد جهوليءَ جهلي، عاشقيءَ ۾ عداوت جون ڳالهيون نه ڪر،
    پاڪ جذبن تي هر روز پٿراءُ آ، دل جي هر آس ۾ گهاوَ تي گهاءُ آ
    نااهل سان جي زاهد نڀائڻ گهرين، زهر پي وڃ شڪايت جون ڳالهيون نه ڪر.
    شاعري ذهني، اخلاقي ۽ سماجي قوت جو دائمي مخرج آهي. شاعري هٿياربند فوج مثل آهي. جيڪا پنهنجي ڌرتيءَ جي ٻوليءَ ۽ ماڻهن جي حفاظت ڪري ٿي. لمحي لمحي باخبر رهندي آهي جاڳندي رهندي آهي. جيڪو شاعر اخلاقي، تاريخي، سياسي، معاشي ۽ سماجي علم کان باخبر آهي. اهو ئي انسان جي نجات جو حل ڪڍي ٿو ۽ جيڪو تخيل جي ڏيوالپڻي کان ڏور آ، اهو ئي وقت جو شاعر آهي.
    مصنوعي سينگار نه گهرجي،
    ڪوڙو ڪنهنجو پيار نه گهرجي،
    چاهت کي چيڀاٽيو ڇو ٿا،
    نفرت جو اظهار نه گهرجي،
    اندر جنهن جو اونداهون آ،
    ماڻهو سو مَڪار نه گهرجي.
    جذبن کي جهوري ٿو زاهد،
    سنگدل هي سنسار نه گهرجي،

    ذهن جي سوچ لوچ ڏي ٿي ڇڏي،
    وقت جي چال ياد کي ٿي ڇڏي،
    درد جي ڌار تيز آ زاهد،
    لوهه جا لڱ ڀي وڍي ٿي ڇڏي،
    هڪ ته هتي سردار ۽ جاگيردار روشن خيال رجهانن جا دشمن آهن ته ٻئي طرف وچولو سياسي، طبقو شعوري طور تي اڄ سوڌو پنهنجي پيرن تي بيهي نه سگهيو آهي هو اڄ به شعور کان وانجهيل برادري، علائقائيت، فرقي واريت، پير پرستي، جي ڦرڻيءَ ۾ ڦِرندي مفاد پرستي ۽ عدم استحڪام جو شڪار آهي، سماج مان اعليٰ مقصد غائب ٿي ويا آهن ۽ جسماني لطف جي انڌاڌنڌ نمائش ۾ مصروف، دلين کي گرمائيندڙ لفظ بي معنيٰ ولولو ۽ لوچ پيدا ڪندڙ جملا هاڻي پنهنجي موت ڄڻ پاڻ مري رهيا آهن. اڄ جو نسل سماج جي نڙ گهٽ تي لت ڏئي پنهنجي مفادات کي حاصل ڪرڻ کي ئي ڪامياب زندگي سمجهي ٿو.
    پر زاهد شيخ جي شاعري ضميرن کي جنجهوڙيندڙ، تهذيب ۽ تمدن ۾ نئون ساهه ڦوڪي، غفلت، وهشي پڻي جو گهيراءُ ڪندي نظر اچي ٿي هن جي شاعري عظيم روڊ ۽ رستا پيدا ڪندي ٻيهر انسان جي عظمت کان واقف ڪرائي، رت جي رشتن ۽ ڌرتيءَ جي قرضن ۽ فرضن کان واقف ڪري ٿي. زاهد شيخ هڪ اهڙو انقلابي شاعر آ، جيڪو انقلاب جي سمورين خوبين ۽ ان جي ذميوارين کان خبردار آهي. قوم جي تبديليءَ جو جوش ۽ جذبو زاهد شيخ وٽ آتشفشان وانگر آهي. جنهن جي اڳيان ظلم جا پهاڙ ڪڏهن قائم نه ٿا رهي سگهن، هن جي شاعري درياهه جي وهڪري مثل آهي جيڪا سموريون رڪاوٽون پار ڪندي سمنڊ تائين پهچي ٿي جنهن جي اڳيان هر رڪاوٽ منزل جو قريب ترين رستو ثابت ٿئي ٿي. زاهد شيخ کي خبر آهي ته گل مُرجهائجي ختم ٿي ويندا آهن پر ٻج قائم ۽ دائم رهندا آهن. فنا ناهن ٿيندا.
    جنهن جو واس ديس کي سکيو رکي،
    پيار جو اهو گلاب پوکبو.
    انڌيرن ۾ آيا نه آهن اجالا،
    اڃان نيڻ پنهنجا عذابن ۾ آلا،
    آ ڪيڏو ڀيانڪ نصيبن جو منظر،
    هٿين هٿ ڪڙيون ۽ زبانن تي تالا،
    پڪاري ٿي خوابن جي تعبير زاهد
    ملڻ لاءِ ڪرڻا ئي پوندا ڪشالا،
    رات ڪين رهڻي آ، موٽڻا سويرا هن،
    سوجهرو اجاريندو، هي پهر جي ميراهن.
    هوءَ نيٺ ته اچڻي آ، رت ڇاڻ جي هولين ۾،
    ڪا موج ته مچڻي آ، مهراڻ جي ڇولين ۾.
    رات ۾ روشني ملي ويندي،
    آس آهي خوشي ملي ويندي،
    اڄ پراڻيون روايتون ٽوڙيم،
    هڪ نيئن زندگي ملي ويندي.
    سپنا ڪل سو ڀارا ٿيندا،
    پنهنجا ڀاڳ ڀلارا ٿيندا.
    آ مُصيبت بڻيو محبت لئه،
    ڪيڏو انسان بي رحم آهي.
    عذاب ۾ آ زندگي، مگر نه هانءُ هاربو،
    گذارڻو آ هر پهر، ڏکيو سکيو گذاربو.
    دڳ دڳ ۾ اٿو ڌوڪو، وک وک تي ويهي سوچيو،
    راهن ۾ رلي ويندا، راهگير گهڻا آهن.
    هٿ هي وڍبا، پير به وڍبا، سمجهان ٿو هي سنڌُ سنڌُ وڍبو،
    پوءِ به مقتل آڏو پنهنجي ڳالهه ٻڌائڻ آيو آهيان.
    رستا ٿڪبا ناهن سائين، راهي ٿڪجي پوندا آهن،
    منزل ڏور ڏسي واٽن ۾، ڪيئي ويهي رهندا آهن.
    دلين جي دانهن ٿي گونجن ٿا گيت زاهد جا،
    شهر ٿا ڇير وڄائن ته ڳوٺ ٿا ڳائن،
    ورهين جيڏي رات ۽ مان
    وهه جهڙا حالات ۽ مان.
    هڪ ٻئي کان وڇڙيا ناهيون.
    ڌرتيءَ جا فڪرات ۽ مان.
    ڏکن جي رات ۾ جاڳي جيئون پيا زاهد،
    سکن جي صبح لئه ڪي، آفتاب ٿا پاليون.

    سنڌين سان جيڪا سياسي رهنمائن ويساهه گهاتي ڪئي آ، ان کي تاريخ ڪڏهن به معاف نه ڪندي، اڄ جي هُو گهمن ٿا ته ٽانڊن تي جي سمهن ٿا ته نوڪدار ڪوڪن تي، جي خواب ڏسن ٿا ته لونءَ ڪانڊاريندڙ عذاب ڏسن ٿا. اهڙين حالتن ۾ زاهد شيخ جي شاعري قوم جي رهنمائي ڪري ٿي ۽ ڦٽن تي مرحم رکي ٿي. هي سنڌ جو واحد اڪيلو اڄ جو قومي عوامي انقلابي شاعر آهي.

    امجد دراني
    ڪراچي

    2018-8-29
    3139005-0300


    غزل

    اسان لاءِ آهن اوهان جون ادائون،

    اسان لاءِ آهن اوهان جون ادائون،
    بهارن جون شامون صبح جون هوائون.

    ويا رات ڇيڙي سَڄي تن بدن کي،
    پشم جهڙا هٿڙا ۽ ريشم جون ٻانهون.

    ٿئين تون نه منهنجو مگر پوءِ به تولئه،
    اکين منجهه ڳوڙها چپن تي دعائون.

    پري پير جن کان پرين تون ڪري وئين،
    اکين کي اُهي ئي روئارن ٿيون راهون.

    اڪيلو مسافر شهر اوپري ۾،
    صدائون پُڪارون پرينءَ جون پُڇائون.

    ڪيئي زلزله ڪيئي طوفان آيا،
    وڃايون نه زاهد اسان پنهنجون واهون.


    آ دنيا ڌوڪيبازن جي مان پيار جي ڳولها ۾ آهيان،

    آ دنيا ڌوڪيبازن جي مان پيار جي ڳولها ۾ آهيان،
    دل وَرِهَن کان ويڳاڻي آ دلدار جي ڳولها ۾ آهيان.

    ها جيڪا سونهن نماڻي آ ۽ راڻين جي ڀي راڻي آ،
    اُن سونهن جي خوشبو مِلڻي آ مهڪار جي ڳولها ۾ آهيان.

    جتي قُرب ونڊي ٿو هر ڪوئي مان ديس ٿو ڳولهيان اهڙو ئي،
    جنهن پار ڏي جيءُ جيءُ ٻولي آ اُن پار جي ڳولها ۾ آهيان.

    آ ڏينهن تپي ويو راهن ۾ ۽ ڏور آ ڇانون محبت جي
    مان پير جلائيندو ويندس ٿڌڪار جي ڳولها ۾ آهيان.

    جيڪو ماڻهو منٺار هُجي ۽ عظمت جو مينار هجي،
    سو دلبر گهرجي ٿو زاهد، اُن يار جي ڳولها ۾ آهيان.


    ويهي، ته وير به ناهي، اٿي ته ساگر آ،

    ويهي، ته وير به ناهي، اٿي ته ساگر آ،
    ڪوي ته قوم جي لئه روشنيءَ جو رهبر آ.

    اچڻ گهرو ٿا حسينو هليا اچو هڪدم،
    اسان جي دل کي نه ديوار آ نه ڪو در آ.

    چئو ٿا زندگي آ خواب اوهان جي هوندي،
    اسان جو خواب نئين زندگيءَ جو منظر آ.

    ڪو جرم ناهي اسان راهه ٿا نئين جوڙيون،
    اوهان جي آڏو رڳي رڃ آ رڳو بر آ.

    چوي ٿو درد سهه ۽ صبر سان زهر پي وڃ،
    عجيب دوست آ يارو عجيب دلبر آ.

    خوشين جي ڪائي جهلڪ جنهن اڃان ڏٺي ناهي،
    اسان جي دل به شهر ۾ غريب جو گهر آ.


    مورن جهڙا ميت اسان جا

    مورن جهڙا ميت اسان جا،
    گلڙن جهڙا گيت اسان جا.

    دل هارائي موٽيا آهيون،
    دلبر ها دلجيت اسان جا.

    راڳ اسان جي رڳ رڳ ۾ آ،
    سارا سُر سنگيت اسان جا.

    ساري جڳ ۾ پيار ورهائي،
    جذبا ٿيا جڳجيت اسان جا.

    عزم رکيا هن اوچا زاهد
    پيار پريت جي ريت اسانجا.


    اندر ۾ جيترا سُهڻا گلاب ٿا پاليون،

    اندر ۾ جيترا سُهڻا گلاب ٿا پاليون،
    اکين ۾ اوترا محبوب خواب ٿا پاليون.

    ٻکن م سونهن سڄي ڪائنات جي آڻي،
    چپن ۾ ڪيئي چُمين جا ثواب ٿا پاليون.

    ڳچيءَ ۾ پئجي وڃن ٿا سدائين دڳ ويندي،
    عجيب دوست بڻائي عذاب ٿا پاليون.

    دلين تي خون ڦڙن جا نشان جاڳن ٿا،
    جگر جي نوٽ بُڪن ۾ حساب ٿا پاليون.

    ڏکن جي رات ۾ جاڳي جيئون پيا زاهد،
    سُکن جي صبح لئه ڪي، آفتاب ٿا پاليون.


    سوچون، سپنا، دل ۽ مان،

    سوچون، سپنا، دل ۽ مان،
    ڏور گهڻي منزل ۽ مان.

    ماڪ، گلاب، هوا، جوڀن،
    هڪ گوري چنچل ۽ مان.

    خالي گهر جي ڪمري ۾،
    تنهنجي هئي کل کل ۽ مان.

    توريءَ قبرستان بڻيل،
    منهنجي هر محفل ۽ مان.

    هڪ ٻئي جا ٿي ويا آهيون،
    وسڪيءَ جي بوتل ۽ مان.

    مور نه ٺهنداسين زاهد،
    هو سنگدل قاتل ۽ مان.


    وقت جي وير منهنجي سوچن ۾،

    وقت جي وير منهنجي سوچن ۾،
    منهنجي تقدير منهنجي سوچن ۾،

    پيار پنهنجو ڏئي گُهلاءِ پرين،
    ڪا ٿڌي هير منهنجي سوچن ۾.

    توکي تنهنجي سُڪون جي ملندي،
    صاف تصوير منهنجي سوچن ۾.

    حور جهڙن حسين سپنن جي،
    آهي تعبير منهنجي سوچن ۾.

    جبر جڪڙي، نٿو سگهي زاهد،
    پنهنجا زنجير منهنجي سوچن ۾.


    ورهين جيڏي رات ۽ مان،

    ورهين جيڏي رات ۽ مان،
    وِهُه جهڙا حالات ۽ مان.

    نبري ڪين سگهيا آهيون،
    سورن جي سڪرات ۽ مان.

    دل کي ويٺا ريجهايون،
    هر پل تنهنجي تات ۽ مان.

    جڳ جون مرڪون ٿا چاهيون،
    سوچن جي برسات ۽ مان.

    هڪٻئي کان وڇڙيا ناهيون،
    ڌرتيءَ جا فڪرات ۽ مان.


    عشق ۾ اعتبار بيٺو آ،

    عشق ۾ اعتبار بيٺو آ،
    آس ۾ انتظار بيٺو آ.

    رهنما راهه ۾ روئي ويٺو،
    قافلو بيقرار بيٺو آ،

    جيءُ جهيريل آ مگر نيڻن ۾،
    زندگيءَ جو خمار بيٺو آ.

    هر ڪوي آٿتون ورهائي ٿو،
    جڳ سڄو اشڪبار بيٺو آ.

    دل آهي چاهتن جو چئو واٽو،
    پيار وارن لئه پيار بيٺو آ.

    موت سان منهن مٺا ڏئي وڃبو،
    جيءُ تون جان نثار بيٺو آ.

    پيار جي عظمتن کي سمجهي ٿو،
    باوفا باوقار بيٺو آ.

    تيستائين در کليل آ مقتل جو،
    جيستائين ڪو سچار بيٺو آ.

    تون اچي ويهه سيج تي سهڻا،
    تنهنجو خدمت گذار بيٺو آ.

    تنهنجي واعدن جي آسري زاهد،
    راهه ۾ بار بار بيٺو آ.


    ڪيئن ملان عيد جي چنڊ سان،

    ڪيئن ملان عيد جي چنڊ سان،
    نيڻ ٻانهون ڪيون ٿو وتان.

    چئن لفظن ۾ قصو ختم،
    تون اسان جو ۽ تنهنجا اسان.

    تنهنجي دل ۾ ڏسڻ جيتري،
    ديد آهي تڏهن ٿو ڏسان.

    ڏنڀ ڏيندئي سڄو ڏيهه پر،
    ويڄ گهرجئي ته وٺ مون وٽان.

    تون اکين سان پيئارين ته پوءِ،
    مان هٿن سان وٺي ڇو پيئان.

    ڀَل ڪُڇڻ تي ملن وِهُه وٽيون
    موت آهي ڀلو ماٺ کان.

    زندگي هڪ دفعو آ ملي،
    جهومندي ڇو نه زاهد جيئان.


    سونهن مان سادگي ملي جيڪر،

    سونهن مان سادگي ملي جيڪر،
    روح کي تازگي ملي جيڪر.

    جيتريون خواهشون مليون آهن،
    اوتري زندگي ملي جيڪر.

    جنهن سان هر ڪو اندر ڏسي سگهجي،
    اهڙي ڪا آرسي ملي جيڪر.

    تون به دعويٰ ٿو ڪرين پر توکان،
    شل سچي دوستي ملي جيڪر.

    ڀل هو ورهين کانپوءِ ملي زاهد،
    پر وڏو ٻک وجهي ملي جيڪر.


    نهار ساڻ اوهان جا خمار ٿا چاهن،

    نهار ساڻ اوهان جا خمار ٿا چاهن،
    اسان جا نيڻ به هاڻي قرار ۾ آهن.

    اسان هٿن ۾ کنيو زندگيءَ جو هر لمحو،
    دڳن ۾ پير جوانيءَ جا عڪس ٿا ٺاهن.

    اچن ٿا لفظ کڻي آرزوءَ جا سپنا،
    ڪوي قلم سان اُداسين تي ليڪ ٿا پائن.

    گهڙيءَ جي مرڪ به وَرِهَن جا گهاو ميٽي ٿي،
    پهر جا پيار به صديُن جا سور ٿا لاهن.

    اجالا عشق اکين ۾ پريت جا پاليا،
    انڌيرا نيهن نپايا نگاهه ۾ ناهن.

    دلين جي دانهن ٿي گونجن ٿا گيت زاهد جا،
    شهر ٿا ڇير وڄائن ته ڳوٺ ٿا ڳائن.


    وقت ويچار کي سڏيندو آ،

    وقت ويچار کي سڏيندو آ،
    پيار ئي پيار کي سڏيندو آ.

    آڏو ايندڙ حسين هر چهرو،
    منهنجي اظهار کي سڏيندو آ.

    چاهتن ۾ چڙهي پهاڙن تي،
    عشق اقرار کي سڏيندو آ.

    دانهن جيڪو ڪندو آ دردن ۾،
    دوست دلدار کي سڏيندو آ.

    سانت جي مهل ساز جو هر سُر،
    گيت گونجار کي سڏيندو آ.

    هر سول اسپتال ۾ ويهي،
    موت بيمار کي سڏيندو آ.

    روز گلڙن جي آس ۾ زاهدَ،
    هانءُ هٻڪار کي سڏيندو آ.


    همتون هوش مان هٽيون ناهن،

    همتون هوش مان هٽيون ناهن،
    جرئتون جيءَ مان جهڪيون ناهن.

    جن ۾ آ سونهن سمايل تنهنجي،
    سي، مون سوچون پرين مٽيون ناهن.

    عمر گهٽجي وئي گهڻي ليڪن،
    گهاو گهڙيون اڃان گهٽيون ناهن.

    تنهن کي احساس درد جو ڪهڙو،
    جنهن به راتيون روئي ڪٽيون ناهن.

    ڏور بيٺي آ مرڪ منزل تي،
    راحتون راهه ۾ رکيون ناهن.

    تنهن نه ڄڻ زندگي ڏٺي زاهد،
    جنهن کي وهه جون مليون وٽيون ناهن.


    پرين اسان جو پرين آ، پرينءَ سان پيار ڪبو،

    پرين اسان جو پرين آ، پرينءَ سان پيار ڪبو،
    صدين کان پوءِ سحر آ- ته انتظار ڪبو.

    اڃان نصيب نِدورو- جَهلي پيو جهڻڪون،
    جتي به قُرب ملي وِيو- اُتي قرار ڪبو.

    پريت ريت مٿان جيڪڏهن پهاڙ ڪريا،
    صنم بچائبو هڪڙو- جنم نثار ڪبو.

    مزار انتظار جو- مثال ٿي ويندي،
    اوهان جي راهه ۾ قائم- هي يادگار ڪبو.

    جڏهن به چاهه تي زاهد اُداس واءُ گُهليو،
    جوان دل جي اميدن تي اعتبار ڪبو.


    سوچ جا سلسلا ٿو ڏيان،

    سوچ جا سلسلا ٿو ڏيان،
    همتون حوصلا ٿو ڏيان.

    مان تخيل جي هر سٽ کي،
    وقت جا وهڪرا ٿو ڏيان.

    پنڌ ٿر جو، پري تون پرين،
    اُڃ کي آسرا ٿو ڏيان،

    پنهنجي، ضمير آڏو ڪيل،
    واعدن کي وفا ٿو ڏيان.

    ڏات سان رات ۾ ويهه کي،
    پرهه جا پيچرا ٿو ڏيان.


    تنهنجي چئي بيڪار ته ناهيان،

    تنهنجي چئي بيڪار ته ناهيان،
    گل نه صحي پر خار ته ناهيان.

    مون سان ملندي ڪيٻائين ٿو،
    ٽڪر جيڏو بار ته ناهيان.

    تيز هوا ڇو ڪيرائيندي،
    ڪچي وڻ جو ڏار ته ناهيان.

    ايڏو ڇو ڪمزور ٿو سمجهين،
    ڪوريئڙي جو ڄار ته ناهيان.

    گيتن ۾ غم ڪيئن نه پويان،
    دردن کان مان ڌار ته ناهيان.

    هيڻو حال ضرور آ زاهد
    پر مان ڪو پينار ته ناهيان


    سوچ منهنجي پري پري تائين،

    سوچ منهنجي پري پري تائين،
    هٿ منهنجا ڳلي ڳري تائين.

    عشق انسان سان جڏهن کان ٿيو،
    مون چتايو چري کري تائين.

    ذهن ۾ آسمان جي دنيا،
    جاچبو سمنڊ جي تري تائين.

    ڪيئي ٻُڌڻيون پون ٿيون پيارن جون،
    وچن کان ويندي آسري تائين.

    قوم جي ڪاڄ لاءِ ڳائيندس،
    رات ڪاريءَ ۾ سوجهري تائين.

    سنڌ سان ساٿ نڀائي وڃبو
    ساهه جي آخري ذري تائين.

    پيار پهچائي آ ڇڏيو زاهد،
    مئه جي هڪ تيز وهڪري تائين.


    عشق جي آڳ آ- ٻاٽ ۾ ٿي ٻري،

    عشق جي آڳ آ- ٻاٽ ۾ ٿي ٻري،
    پيار جي ڳالهه آ- پيار ۾ ٿي هلي.

    رات ۾ روشني- پرهه تائين پرين،
    تاب تنهنجو ڏسي- چنڊ بيٺو چڙي،

    ساهه پويون بَچو- حُسنَ هاڻي سَڏيو،
    سَنڌُ ثابت نه ڪو روح پيو ٿو رڙهي.

    مُرڪندي مُرڪندي- مان روئي ٿو پوان،
    پَرچندي پَرچندي- هُو رُسي ٿو پوي.

    مان جيئان ٿو جيئان، موت تنهنجي مٿان،
    زندگيءَ جون سَٽون- ساهُه پِيو ٿو سَهي.

    برهه ڀَڙڪا ٿيا- مَچَ زاهدَ مچيا،
    جو ڏڪي سو هَٽي- جو پَچي سو اَچي.


    عشق ڏيندو عذاب آ يارو،

    عشق ڏيندو عذاب آ يارو،
    پوءِ ڀي لاجواب آ يارو.

    سو اجايو ته ڪو نه ايندو آ،
    جيڪو اکڙين جو آب آ يارو.

    هوءَ هڪ لام آهي ڪنڊن جي،
    جنهن جو چهرو گلاب آ يارو.

    جيئري ٿو ڏئي ڇڏي جنت،
    پيار اهڙو ثواب آ يارو.

    جڳ جاني سڄو مگر زاهد،
    منهنجو هڪڙو جناب آ يارو.


    مُحبتُن ۾ وَريا ته ناهيون،

    مُحبتُن ۾ وَريا ته ناهيون،
    غريب آهيون چريا ته ناهيون.

    اندر جي ڪارن سان ڳالهه ٻي آ،
    ٿڌين دلين سان ٻريا ته ناهيون.

    ڪنڊن جون راهون تڏهن به ڪاهون،
    ڍرا سفر ۾ ڍريا ته ناهيون.

    اسان جي دل ۾ وڃي ٿي وڌندي،
    اوهان جي سڪ مان ڀريا ته ناهيون.

    اوهانجي ڳڻتيءَ ڇڏيو آ ڳاري،
    اجايو زاهد ڳريا ته ناهيون.


    ٿين پيار جون ڪي رهاڻيون ٿين،

    ٿين پيار جون ڪي رهاڻيون ٿين،
    اچن شال ڪي ڏينهن اهڙا اچن.

    جڏهن نانءُ تنهنجو وٺان ٿو پرين،
    تڏهن ٿڪ منهنجا لهي ٿا پون.

    اُهي لڙڪ تو کان وٺڻ ٿو گهران،
    جي تنهنجي اکين مان اچڻ ٿا گهرن.

    متان ماٺ کي موت سمجهي ڪوئي،
    اڃان ٿيون اسان جون اميدون جيئن.

    اسان جا پهر پل زاهد سڀئي،
    دفن تائين شل دوستن لئه هجن.


    ساهه جي سار تي شال اُڀري اچين،

    ساهه جي سار تي شال اُڀري اچين،
    سج جهڙا صنم، چنڊ جهڙا پرين.

    تنهنجي پيرن کي چمندي ستارن چيو،
    رات جرڪي پوي جي تون مرڪي پوين.

    قرب تنهنجي ڪيو شاعريءَ کي امر،
    منهنجي هر گيت جي روح ۾ ٿو رهين.

    چاهه توسان ڪيم، ساهه تو تي ڏنم،
    ڏوهه ڪهڙو ڪيم ڏنڀ ڇو ٿو ڏئين.

    منهنجي من جا مٺا تنهنجي من ۾ آڇا؟،
    مان ڏسيو ٿو ڏسان تون لڪيو ٿو لڪين.

    تنهنجي زاهد جو جيون امر ٿي وڃي،
    پنهنجي ساهن اندر جي تون سانڍي رکين.


    جا گهڙي تو کان ڌار آ جاني،

    جا گهڙي تو کان ڌار آ جاني،
    سا گهڙي دل تي بار آ جاني.

    ڪک تنهنجي مٿان سهي نه سگهيس،
    اهو جذبو ئي پيار آ جاني.

    تنهنجي هر ڳالهه تي اکيون ٻوٽي،
    مون ڪيو، اعتبار آ جاني.

    تو نهاريو ملي ويو مون کي،
    هلڪو هلڪو خمار آ جاني.

    موت جو زندگيءَ ۾ ٻيو نالو،
    عمر ڀر انتظار آ جاني.

    زندهه زاهد اڃان ته آ ليڪن،
    تو سوا بيقرار آ جاني.


    جو پرين خوشيءَ جو ڏينهن آ،

    جو پرين خوشيءَ جو ڏينهن آ،
    سوئي زندگيءَ جو ڏينهن آ.

    جيستائين جوان آ نظر،
    روز عاشقيءَ جو ڏينهن آ.

    اچ ملهايون ڌام ڌوم سان،
    توسان دل لڳيءَ جو ڏينهن آ.

    پاڻ اڄ ملي نٿا سگهئون،
    ڪيڏو بيوسيءَ جو ڏينهن آ.

    ساري عمر کان لڳو سُٺو،
    پيار جي گهڙيءَ جو ڏينهن آ.


    حياتيءَ جا هٻڪار وسري نه سگهندا،

    حياتيءَ جا هٻڪار وسري نه سگهندا،
    جوانيءَ جا ٻهڪار وسري نه سگهندا.

    دلين ۾ ويهاري جيئاري ڇڏيو جن،
    انهن جا اهي پيار وسري نه سگهندا.

    ڀُلائڻ جون ڳالهيون ڀُلائي ڇڏيون سي،
    وفائن جا ڪردار وسري نه سگهندا.

    جنين تي ڪيو زندگيءَ رقص جهومي،
    سي ڇيرن جا ڇمڪار وسري نه سگهندا.

    اسان ساهه کان ٿي مٿي جن کي سمجهو،
    اهي ٿي ويا ڌار وسري نه سگهندا.

    گهڻا من جا ميرا ويا ميٽجي پر،
    سچائين جا سهڪار وسري نه سگهندا.

    ڇڏي عڪس ويا چاهتن جا چمن ۾،
    هيا هانون جا ٺار وسري نه سگهندا.


    اي ڪاش، هتي جي ريت هجي،

    اي ڪاش، هتي جي ريت هجي،
    هر پاسي پيار ۽ پريت هجي.

    ايئن رلجي سڀ ارواح وڃن،
    هر ماڻهوءَ سان گڏ ميت هجي.

    سڀ قدر ڪرن ارمانن جو،
    هرجاءِ وفا جي جيت هجي.

    آواز ۾ جادو اڀري پئي،
    جي سُر سان گڏ سنگيت هجي.

    پن پن ۾ پيدا پيار ڪري،
    زاهد اهڙو هر گيت هجي.


    جيءَ کي جيئارجي- هينئڙو نه هارجي،

    جيءَ کي جيئارجي- هينئڙو نه هارجي،
    ٿورڙي آ زندگي- پيار ۾ گذارجي.

    درد جي هوا اڳيان- همتون نه هارجن،
    دل جڏهن اداس ٿي آس کي اُڀارجي.

    ذهن جي حسين آ- ته هر پهر حسين آ،
    سونهن ۾ سُرور آ- سوچ کي سنوارجي.

    روحَ روحَ ۾ نيون- روشنيون جنم وٺن،
    چاهتن جي لاٽ کي- ٻاٽ منجهه ٻار جي.

    هر عذاب جي زاهد- مُرڪ ۾ شڪست آ،
    ڳڻتين جي ڳاهه ۾- ساهَه کي نه ڳارجي.


    اوهان ساڻ آهيو، اڪيلا ته ناهيون،

    اوهان ساڻ آهيو، اڪيلا ته ناهيون،
    اوهان جا ئي آهيون، اوهان کي ٿا چاهيون،

    پرين پيار ۾ کارَ آ ٻار جو ڪم،
    ڪڏهن اهڙيون سوچون اسان ۾ نه آيون.

    اُڃايل چپن کي ڏيئون ڪيچَ مُرڪون،
    ڏکويل دلين ۾ سُکن کي سجايون.

    سڄي عمر وئي انتظارن ۾ گذري
    اميدن سان ورهين کان ويٺا نڀايون.

    جنين ساڻ سڪ م گهڙيون چار گذرن،
    نه ڪوتن کان ڀُلجئون نه تن کي ڀُلايون.

    جواني گهري شادماني ٿي زاهد،
    حياتيءَ جي ڪائي گهڙي ڇو وِڃايون.


    اَڄُ ته آهيان ورونهه ڪر موسان،

    اَڄُ ته آهيان ورونهه ڪر موسان،
    مان سڀاڻي متان هُجان نه هُجان.

    پيارَ ۾ عارَ جون اِهي ڳالهيون،
    مون نه جڳ ۾ ٻُڌيون سُڌيون ڪنهن کان.

    خار جو زهر هار ڀل مون تي،
    دل ۾ ٿورو ذرو بچائين متان.

    ٿي سگهي ٿو جدائي موت ڏئي،
    فيصلا پوءِ ڀلا ڪندين ڪنهن سان.

    دوستو هن حَسين دُنيا کي
    پيار جو گهر بڻائجو ته اوهان.

    رات جي سانت کي ڇڏيان ٽوڙي،
    اڄ ته زاهد ڪو گيت اهڙو چوان.


    تنهنجو گهر آ منهنجي من ۾،

    تنهنجو گهر آ منهنجي من ۾،
    منهنجو گهر تنهنجي نيڻن ۾.

    توسان گڏ محسوس ڪيان ٿو،
    ڪا به ڪمي ناهي جيون ۾.

    رَتُ جا رشتا روڳُ ڏئي ويا،
    راحت آ روح جي رشتن ۾.

    روز ازل کان آهي منهنجو،
    ساهه ٽنگيل تنهنجن رَستن ۾.

    جهڙي تهڙي حال ۾ زاهد،
    ماڻهو ٺهندو آ پنهنجن ۾.


    دوستي زندگي آ پرين،

    دوستي زندگي آ پرين،
    پيار ۾ هر خوشي آ پرين.

    قُربَ تنهنجي بنا آ ڪڙي،
    هر گهڙي وِهُه ڳڙي آ پرين.

    بي وسيءَ جي تو معنيٰ پُڇي،
    مون چيو دل لڳي آ پرين.

    پيار جو لفظ آ ڪيترو،
    ڳالهه ڪيڏي وڏي آ پرين.

    ڪَنڌَ زاھد جهُڪن ٿا جتي،
    عشق اهڙي اڏي آ پرين.


    سمنڊ ڪنارو- تون ۽ مان،

    سمنڊ ڪنارو- تون ۽ مان،
    موسم پيارو- تون ۽ مان.

    پنهنجي آڏو- آهي اُجرو
    چاهت چارو- تون ۽ مان.

    آءُ ته جاڳي- رات گذاريون،
    چنڊ ستارو- تون ۽ مان.

    تون ئي منهنجو- مان ئي تنهنجو،
    ساهه سهارو- تون ۽ مان.

    آءُ سَجايون- زاهد پنهنجو
    جيون سارو- تون ۽ مان.


    ساهه سينگار پيار آ تنهنجو،

    ساهه سينگار پيار آ تنهنجو،
    هانوَن جو ٺار پيار آ تنهنجو.

    تو بنا روز تنهنجي يادن م،
    سوچ ويچار پيار آ تنهنجو.

    تنهنجا انداز شاعري منهنجي،
    منهنجو اظهار پيار آ تنهنجو.

    جنهن نئين زندگي ڏني آهي،
    اهڙو اقرار پيار آ تنهنجو.

    پڙهندين آتم ڪٿا جي زاهد جي،
    اهم ڪردار پيار آ تنهنجو.


    خوبصورت نظارن جيان ٿي لڳي،

    خوبصورت نظارن جيان ٿي لڳي،
    باغ م تون بهارن جيان ٿي لڳين.

    تنهنجي هر نقش ۾ روشني آ الڳ،
    گڏجي بيٺل ستارن جيان ٿي لڳين.

    جيڪي چاهت جي معراج ڏي ٿا وڃن،
    تن محبت جي چارن جيان ٿي لڳين.

    پيار تنهنجو ڏسي موت موٽي ويو،
    زندگيءَ جي سهارن جيان ٿي لڳين.

    روز مدهوش زاهد رهيو تو اڳيان،
    تون سراپا خمارن جيان ٿي لڳين.


    عشق اجهامي ويندو ناهي،

    عشق اجهامي ويندو ناهي،
    پيار پراڻو ٿيندو ناهي.

    تنهنجي عڪس بنا ڪو ڀلجي،
    خيال اسان ڏي ايندو ناهي.

    سوچ ڏئي ويندو آ ليڪن،
    وقت ڪڏهن سوچيندو ناهي.

    ويٺو دل جي واديءَ ۾ آ،
    توڙي ايندو ويندو ناهي.

    تون زاهد کان ٽهڪ نه ڇنجانءِ،
    ڏيهه ته مُرڪون ڏيندو ناهي.


    منهنجو تو سان پيار آ ايڏو،

    منهنجو تو سان پيار آ ايڏو،
    ڌرتي سمنڊ ڪنارن جيڏو.

    جيڏو مان توکي ٿو پوڄيان،
    تنهنجو چاهه به آهي تيڏو.

    سونهن شناس مُنهنجين اکڙين کي،
    وڻندو ناهي جيڪو تيڪو.

    منهنجي گهر ديوارن کان پُڇ،
    توکي ياد ڪندو هان ڪيڏو.

    تنهنجي اوسيئڙي ۾ زاهد،
    ورهين کان جاڳي ٿو ويٺو.


    تنهنجو مُک شرمائڻ لاءِ،

    تنهنجو مُک شرمائڻ لاءِ،
    ڪافي آ تڙپائڻ لاءِ،

    تنهنجي ذات ۽ نانءُ بڻيو،
    گيت آ منهنجي ڳائڻ لاءِ.

    چاهه کڻي آيو مون کي،
    تنهنجو در کڙڪائڻ لاءِ.

    سوچون سندر خواب ٿيون،
    روح سندم ريجهائڻ لاءِ.

    آٿت گهرجي سُڏڪن کي،
    ٽهڪن ۾ بدلائڻ لاءِ.

    زاهد هر ڪو پل آيو،
    اندر کي ايذائڻ لاءِ.


    سونهن تنهنجي آ لاجواب صنم،

    سونهن تنهنجي آ لاجواب صنم،
    پيار تو ساڻ آ ثواب صنم.

    روشني رات لئه گهري بيٺو،
    مرڪ تنهنجيءَ کان ماهتاب صنم.

    عشق منهنجي ۾ آرزو تنهنجي
    حُسن تنهنجي ۾ آ حجاب صنم.

    ذڪر تنهنجي سان جنهن جي عظمت آ،
    مان ته آهيان اُهو ڪتاب صنم.

    قربُ جو سلسلو رهي قائم،
    تون نه زاهد سان ڪر حساب صنم.


    تنهنجي پيار جو هڪڙو پَلُ،

    تنهنجي پيار جو هڪڙو پَلُ،
    جيءَ جياپي جو آ جَهلُ.

    سونهن ۾ ڪنهن کي زور چوان،
    ڪارو تر يا ڳاڙهو ڳلُ.

    تنهنجي هڪڙي مرڪ بڻي،
    منهنجي هِنيانوَن جو آهي ٻلُ،

    هِڪڙي هٿ ۾ تون هٿ ڏي،
    ٻي هٿ ۾ آهي. مشعل.

    توکي ٽهڪ ڏبا ساجن،
    توڙي من آهي گهايل.

    پاڳل ماڻهو سمجهي ٿو،
    ساري دنيا کي پاڳل.

    پاڻ وسارڻ جي چاھين،
    پوءِ مسافر مون سان هل.

    رس ۾ راند رکي زاهد،
    ميلو ڇڏبو يار متل.


    تون نه ملندين ته خير ڪونهي ڪو،

    تون نه ملندين ته خير ڪونهي ڪو،
    تو سوا منھنجو ڪير ڪونهي ڪو.

    تنهنجي اندر جي ڄاڻ آ توکي،
    منهنجي من ۾ ته مير ڪونهي ڪو.

    مان چُمين چاهتُن جو شاعر هان،
    منهنجو ڪنهن سان به وير ڪونهي ڪو.

    ڪوئي توکي ڇني وڃي مون کان،
    ايترو ڀي انڌير ڪونهي ڪو.

    آهي سادو گهڻو مگر زاهد،
    تنهنجو پنهنجو آ غير ڪونهي ڪو.


    تون اچين ٿي ته منهنجي اڱڻ جي اڳيان- چنڊ تارا به جهومي لهي ٿا اچن،

    تون اچين ٿي ته منهنجي اڱڻ جي اڳيان- چنڊ تارا به جهومي لهي ٿا اچن،
    تون وڃين ٿي ته منهنجي حياتيءَ منجهان- روشنيءَ جا اجالا هليا ٿا وڃن.

    تنهنجي گفتار مان گل ڇڻن ٿا پيا- تنهنجي ڪردار مان ٿيون وفائون بکن،
    تنهنجون ساريون ادائون اکين تي رکي- ناز تنهنجا سڀئي ساهه ۾ سانڍجن.

    پيار سان روح کي ٿيون ملن راحتون- پيار سان ئي جُڙي ٿيون پن جنتون،
    پيار وارا جتي ٿي جُدا ٿا پون- ڪيئي دوزخ اتي ئي ٺهي ٿا پون.

    پنهنجي شاهي محل تي رکي پيرڙا- مُنهنجي اُجڙي ويل جهوپڙيءَ ۾ ته ڏس،
    تنهنجي يادن جون هڏڪيون ستائن پيون- ۽ ٿڌا ساهڙا تڙپندا ٿا رهن.

    گيت سنبري اچن ٿا لکي ٿو وٺان، لوڪ جا لڙڪ زاهد اُگهي ٿو وٺان،
    نيڻ پنهنجا ڀلا ڪيئن پرچائجن- نير نيرن مٿان وير جان ٿا وهن.


    تنهنجي اکڙين جي آڪاش مان- صبح جا سوجهرا ٿا ڦٽن،

    تنهنجي اکڙين جي آڪاش مان- صبح جا سوجهرا ٿا ڦٽن،
    تنهنجي زلفن جي سايي منجهان- شام کي ڇانورا ٿا ملن.

    تنهنجي نظرن جو هڪڙو نظارو- چنڊ ويٺو آ بڻجي ويچارو،
    تو سان چانڊاڻ جهومي پئي- سڀ ستارا پيا رقص ڪن.

    چاهه وارن چپن کي ٿي چورين- ڄڻ ته هيرن جي تسبي ٿي سورين،
    ماٺ ئي ماٺ حيرت منجهان تنهنجون ٻوليون پکي ٿا ٻُڌن.

    تنهنجي جلون ۾ جرڪاءُ جيڏو- دل ۾ تو لاءِ آ تاءُ تيڏو،
    منهنجي سوچن سندا سلسلا- سونهن تنهنجيءَ مٿان ٿا کٽن.

    ٿورو ٿورو ڀلي پاڻ پل تون- قيدخاني ۾ جوڀن نه جهل تون،
    ساهُه زاهد کان ويندو رُسي- شل نه رخسار تنهنجا رُسن.


    مُرڪي مُرڪي ملڻ کپي يارو،

    مُرڪي مُرڪي ملڻ کپي يارو،
    جَرڪي جَرڪي جِيئڻ کپي يارو.

    ڄاڻ پنهنجي ته پاڻ سان آهي،
    ڳالهه ٻي جي ٻڌڻ کپي يارو.

    دوستيءَ ۾ دغا به ٿيندي آ،
    بيوفا کان بچڻ کپي يارو.

    ساري دنيا ۾ درد وارن کي،
    ڏڍ ڪوئي ڏيڻ کپي يارو.

    زندگي جيتري به آ زاهد،
    راحتن ۾ رهڻ کپي يارو.


    سسُئيءَ جو پير چارو آ گُلشن - حديد،

    سسُئيءَ جو پير چارو آ گُلشن - حديد،
    مون کي تڏهن ته پيارو آ گُلشن - حديد.

    هر واٽ تان اچي ٿو خوشبوءِ جو هُڳاءُ،
    چئو طرف سونهن سارو آ گُلشن - حديد.

    سو ساهُه ٿو سدائين سُرهاڻ ۾ رهي،
    جنهن ساهه جو سهارو آ گُلشن - حديد.

    هر پل مُحبتن جي آ هنج ۾ رهيو،
    ڪيڏو ته ڀاڳ وارو آ گُلشن - حديد.

    منهنجن حسين خوابن مان هڪڙي خواب جو،
    زاهد حسين نظارو آ گلشن - حديد.


    اسان هجئون نه هجئون، شل اوهان کي ياد هجئون،

    اسان هجئون نه هجئون، شل اوهان کي ياد هجئون،
    رکو جي روح ۾ راڻا ته ڪائي ڳالهه ڪيئون.

    اسان جو درد آ دوزخ جي باهه کان ٻيڻو،
    اوهان جو سور ٿو ساڙي ڪڙهي ڪڙهي ٿا ڪڇئون.

    اسان جي دُهل جو دَڌڪو به دانهن بڻجي ويو،
    ڪٿي ڪا جاءِ جلي آ اٿي آ آهه اتئون.

    ٻُڌو اسان کان ته ٻولي آ قرب جي حاضر،
    ٻُڌايو پيار جون ڳالهيون ته بار بار ٻُڌئون.

    جي زندگي ٿا وٺو وقت کان خوشي به وٺو،
    ٻُڌو نه گيت رڳو ميت مٺا زاهد کنئون.


    توڙي ڏاڍا اهنجا آهن،

    توڙي ڏاڍا اهنجا آهن،
    پنهنجا پوءِ به پنهنجا آهن.

    سَسُئي ٿي پئه سُهڻي ٿي پئه،
    رَستا سارا سَهنجا آهن.

    ڪنڊن جهڙا ماڻهو جڳ ۾،
    دوست نه ٿيندا ڪنهنجا آهن.

    مون کي ڏاڍو پيارو آهي،
    جهير اندر ۾ جنهنجا آهن.

    جنهن تي ساهه ڏبو آ زاهد،
    سور به سهبا تنهن جا آهن.


    پيار منهنجي کي سمجهي سگهي آن نه تون- مون سان ڪوڙي محبت جون ڳالهيون نه ڪر،

    پيار منهنجي کي سمجهي سگهي آن نه تون- مون سان ڪوڙي محبت جون ڳالهيون نه ڪر،
    عشق اوکو اٿئي، چنڊ دوکو اٿئي، چنڊ سان ويهي چاهت جون ڳالهيون نه ڪر.

    هن حياتيءَ جي ٿڌڪار کان تون پري- ڇو رهڻ ٿي گهُرين پيار کان تون پري،
    پريت جي ريت ۾ ٿي ملي هر خوشي- رڻ ۾ ويهي تون راحت جون ڳالهيون نه ڪر.

    محل دولت سان ٺاهي ٿا سگهجن سوين- جاءِ ڪنهن دل ۾ ٺاهڻ آ ڏاڍي ڏکي،
    قرب ۾ ڪنڌ منهنجو آ حاضر مگر- ڪنهن به فرعوني طاقت جون ڳالهيون نه ڪر.

    روح رشتا ڀلي جيءُ جهيري ڇڏن- ڪنڌ ڪاٽن ڀلي سَنڌَ چيري ڇڏن،
    دوستيءَ ۾ سڀئي درد جهوليءَ جهلي- عاشقيءَ ۾ عداوت جون ڳالهيون نه ڪر.

    پاڪ جذبن تي هر روز پٿراءُ آ- دل جي هر آس ۾ گهاو تي گهاوءَ آ،
    نااهل سان جي زاهد نڀائڻ گهرين- زهر پي وڃ شڪايت جون ڳالهيون نه ڪر.


    ڪنڊن وارا، چُڀن چارا، دُکن جا ڍيرَ دڳ دڳ ۾،

    ڪنڊن وارا، چُڀن چارا، دُکن جا ڍيرَ دڳ دڳ ۾،
    سچا مشتاق سِرَ ڏيندا، هوندا منصور اڳ اڳ ۾.

    جلايو يا جسم جهوريو، برهه جي بوءِ رهڻي آ،
    پرينءَ سان پيار جا رشتا، رچيا رت ساڻ رڳ رڳ ۾.

    اندر ۾ عشق جا آهن، وڏا آڙاهه اڀري پيا،
    لڳو آ نينهن لڱ لڱ ۾، چُريو آ چاهه چڳ چڳ ۾.

    مرڻ وارا مري ويندا. امر انسان ڪي آهن،
    جنين جڳ کي ڏنا جلوه، اُهي جيئرا ته جڳ جڳ ۾.

    ڪڏهن ڪينجهر، ڪڏهن منڇر اُتر ۾ لاڙ ۾ زاهد،
    پنهوارن کان پري ناهيان، ويٺل وانگين سان وڳ وڳ ۾.


    رستا ٿڪبا ناهن سائين- راهي ٿڪجي پوندا آهن،

    رستا ٿڪبا ناهن سائين- راهي ٿڪجي پوندا آهن،
    منزل ڏور ڏسي واٽن ۾- ڪيئي ويهي رهندا آهن.

    ڪوڪو رهڙيل روح ٿئي ٿو- هر ڪو جهيريل جيءُ ته ناهي،
    جنهن جي دل آ دکندي تنهن کان- ڳاڙها ڳوڙها ڳڙندا آهن.

    چوٽ چڙهي ٿي موٽ نه ڄاڻي- اوکيءَ ۾ ڪا اوٽ نه ڄاڻي،
    ڏکندي آ پر جهڪندي ناهي- چاهت جنهن کي چوندا آهن.

    رات نگر کان ڏور سحر آ- سوچون ميڙي سج بڻايو،
    لوچڻ سان ئي سور صدين جا- ڪنهن لهذي ۾ لهندا آهن.

    آهي زاهد باهه به آڏو- ساهه به پيارو چاهه به پيارو،
    عشق جي آڙهه مان گذرڻ جون- سختيون ڪي ڪي سهندا آهن.


    ساقي تنهنجي مئخاني ۾ دل وندرائڻ آيو آهيان،

    ساقي تنهنجي مئخاني ۾ دل وندرائڻ آيو آهيان،
    دنيا ڏاڍا درد ڏنا هن درد گهٽائڻ آيو آهيان.

    چڻنگ ٻري هئي، هوريان هوريان مچ مچي ويو آهي من ۾،
    جام جي ڍڪ ڍڪ سان اندر جي آگ اجهائڻ آيو آهيان.

    هٿ هي وڍبا، پير به وڍبا، سَمجهان ٿو هي سَنڌُ سَنڌُ وڍبو،
    پوءِ به متقل آڏو پنهنجي ڳالهه ٻڌائڻ آيو آهيان.

    هڪڙو سُهڻو گل جگر کي ڏاڍا گهاوَ ڏئي ويو آهي،
    يادن جي ڪاغذ تان اُن جو نانءُ مِٽائڻ آيو آهيان.

    دل وارن جي لاءِ ته ساري دُنيا دوزخ جهڙي آهي،
    آويءَ جهڙي جڳ ۾ زاهد پاڻ پچائڻ آيو آهيان.


    اکڙين مان وهايا مون- اَڄُ نير گهڻا آهن،

    اکڙين مان وهايا مون- اَڄُ نير گهڻا آهن،
    منهنجي دل کي ڏنا دلبر- تو جهير گهڻا آهن.

    تُحفي ۾ ڏنئي جيڪي- سي زخم ڳڻيان ويٺو،
    تو جيڪي هنيان تن ۾- سي تير گهڻا آهن.

    مان قيد آهيان جنهن ۾- سو جيل به جنت آ،
    زلفن جا وڪوڙيا تو- زنجير گهڻا آهن.

    دڳ دڳ ۾ اٿو ڌوڪو- وک وک تي ويهي سوچيو،
    راهن ۾ رُلي ويندا- راهگير گهڻا آهن.

    هر جاءِ تي آ جاري- جذبن جو قتل زاهد،
    اِن درد ڪيا ماڻهو- دلگير گهڻا آهن.


    پرهه جا سوجهرا ڦٽا ناهن،

    پرهه جا سوجهرا ڦٽا ناهن،
    زخم سارا اڃان ڇُٽا ناهن.

    پيار کان تون پري پري آهين،
    ڏاڍ ايڏا يڪو سُٺا ناهن.

    دل اڃان ٿر جي آ سُڪلَ ڌرتي،
    مُند جا مينهنڙا اٺا ناهن.

    آسرا آسرن مٿان ايڏا،
    هي وڇوڙا اڃان کُٽا ناهن.

    ٽهڪ ننڍپڻ ۾ ويا ڇڏي زاهد،
    لڙڪ هن مهل تئين رُٺا ناهن.


    ها مان توکي وسارن گهران ٿو مگر- ڇا ڪيان مان وساري سگهان ئي نٿو،

    ها مان توکي وسارن گهران ٿو مگر- ڇا ڪيان مان وساري سگهان ئي نٿو،
    او پرين او پرين تو سواءِ زندگي- هيڪلي مان گذاري سگهان ئي نٿو.

    سج لٿي کان وٺي تنهنجون ساروڻيون- صبح تائين ٿيون منهنجي صحن ۾ رهن،
    تنهنجي يادن ۾ نيڻن کي لوليون ڏئي- رات جو مان سمهاري سگهان ئي نٿو.

    جي دکان ٿو ته دوزخ جي ڪا رات هان- جي ٿو سڏڪان ته ساوڻ جي برسات هان،
    روز اکڙين جا بادل ٿا ڀرجي اچن- مان ته بوندون بيهاري سگهان ئي نٿو.

    دل ۾ دردن سهڻ لاءِ دم آ اڃان- سور منهنجو نٿا سر جُهڪائي سگهن،
    منهنجا اڙ ٻنگهه آهن اڃان حوصلا- مان ڪڏهن هِنيانءُ هاري سگهان ئي نٿو.

    پيار انسانيت جو نگهبان آ- پيار جو مان شاعر جو ايمان آ،
    مان ته زاهد زهر پاڻ پي ٿو سگهان- پيار کي وِهُه پيئاري سگهان ئي نٿو.


    ساهَه ۾ ويٺو سانڍيان آئون،

    ساهَه ۾ ويٺو سانڍيان آئون،
    عشق جا تحفه آهون دانهون.

    اوجاڳن۽ اوسيئڙن سان،
    عاشق لهندا آهن لائون.

    بي قدرن جي ريت پُراڻي
    پيار جي عيوض ڪاوڙ ڪاهون.

    تنهنجي يادن سان گڏ ويهي،
    آرس ڀڃنديون آهن ٻانهون.

    ٿڪ ڇڏين ٿيون لاهي زاهد،
    قرب جون ٿڌڙيون ٿڌڙيون ڇائون.


    چنڊ چانڊاڻ ۾ هلي آ تون،

    چنڊ چانڊاڻ ۾ هلي آ تون،
    مُند سرهاڻ ۾ هلي آ تون.

    هيل ڇوليون ڀري کڻي آئي،
    موج مهراڻ ۾ هلي آ تون.

    بوندون برسي بيهي رهيون آهن،
    هلڪي آلاڻ ۾ هلي آ تون.

    مهڪ جي لئه صدا هنئين مکڙين،
    رنگ لالاڻ ۾ هلي آ تون.

    رَنگَ مَذهَب نَسُل بنا زاهد
    آ ملئون پاڻ ۾ هلي آ تون.


    مينهن آيا،

    مينهن آيا،
    نيهن آيا.

    راحتن جا،
    ڏينهن آيا.

    هو رٺل ها،
    ڪيئن آيا.!

    جيئن وڇڙيا،
    تيئن آيا.

    ٿيو آ جادو،
    ايئن آيا.


    ساهه سارا،

    ساهه سارا،
    بي سهارا.

    گم ٿي ويا،
    پير چارا.

    وقت ڏئي ويو،
    ويس ڪارا.

    چند ماڻهو،
    چاهه وارا.

    ميت جهڙا،
    گيت پيارا.


    ٻڌئون ٿا ته آهن مزا زندگيءَ جا،

    ٻڌئون ٿا ته آهن مزا زندگيءَ جا،
    ڏسئون ٿا ڏکن ۾ ڏچا زندگيءَ جا.

    ڪڏهن مُرڪ مُنهن تي ڪڏهن لڙڪ لارون،
    پُڇايون پيا ٽهڪڙا زندگيءَ جا.

    نه هڪ درد آهي نه هڪ داستان آ.
    هزارن حصن ۾ قصا زندگيءَ جا.

    حياتيءَ هچاريءَ ڏنيون جيءَ جهوريون،
    اُميدن ڏنا آسرا زندگيءَ جا.

    ڪي، جهوري ويا ڪي جلائن ٿا زاهد،
    ڏٺم ڏينهن ڏاڍا ڏکيا زندگيءَ جا.


    زندگيءَ جو ماتم،

    زندگيءَ جو ماتم،
    دم بدم رهيو ماتم.

    تون ته موڪلائي وئين،
    مان ڪيان پيو ماتم.

    ڪير آ زماني ۾،
    جنهن نه آ ڪيو ماتم.

    هر ڪنهين جي اندر ۾،
    آهي ڪو نه ڪو ماتم.

    منهنجي دل ۾ آ زاهد،
    گهر ڪري ويو ماتم.


    وِهه جي ساگر جهڙو جيون،

    وِهه جي ساگر جهڙو جيون،
    دوزخ جي ڄر جهڙو جيون.

    رڻ ۾ رُلندا رهجي وياسين،
    ڪوري ڪاڳر جهڙو جيون.

    شال سڀن جو ٿي شاعر جي،
    اُجري اندر جهڙو جيون.

    سپنا ساوڪ جا ٿو سانڍي،
    بوندَ بنا ٿر جهڙو جيون،

    ڀٽڪي ڀٽڪي بڻجي ويو آ،
    زاهد پٿر جهڙو جيون.


    عذاب ۾ آ زندگي- مگر نه هانءُ هاربو،

    عذاب ۾ آ زندگي- مگر نه هانءُ هاربو،
    گذارڻو آ هر پهر- ڏکيو سُکيو گذاربو.

    جڏهن به دل اداس ٿي- وجود بي حواس ٿي،
    سُرور لئه، سُڪون لئه- صنم کي آهي ساربو.

    ائين مران ته ڇو مران- مُحبتون ڪندي مران،
    پرينءَ تائين آ پهچڻو- ته جيءَ کي جيئاربو.

    جڏهن به آ، جتي به آ- جئين به آ، مگر تون آ،
    جڏهن تڏهن جتي ڪٿي- ائين پيو پُڪاربو.

    اڳيان پُٺيان اُماس آ- حراس ئي حراس آ،
    اندر ۾ روز آس جو- ڏيئو زاهد ڪو ٻاربو.


    دل ۾ هڪ بيوفا جو غم آهي،

    دل ۾ هڪ بيوفا جو غم آهي،
    غم جگر لئه بڻيو زخم آهي.

    آ مصيبت بڻيو محبت لئه،
    ڪيڏو انسان بي رحم آهي.

    ٿيو اَڃان انتظار آ نه ختم،
    ٿي وئي زندگي ختم آهي.

    درد کي ڪا دوا لڳي ئي نٿي،
    سنگدل جو ٿيل ستم آهي.

    ساهه سَڪرات منجهه آ زاهد،
    پوءِ به هر سوچ ۾ صنم آهي.


    ڪيڏا مجبور ٿي پيا آهيون،

    ڪيڏا مجبور ٿي پيا آهيون،
    پاڻ کي پاڻ ئي نٿا چاهيون.

    جاءِ دل ۾ ڪٿي ملي ئي نٿي،
    پيار جو گهر اسان ڪٿي ٺاهيون.

    جيڪي دلدار بڻجي آيا ها،
    سي ڏئي ويا سُڪون کي باهيون.

    مون وسارڻ جي ڳالهه ڪئي هر هر،
    تنهنجون يادون وري وري آيون.

    روز ڪيئي سور ٿا ملن زاهد،
    روز دردن جا ڳاهه ٿا ڳاهيون.


    مُرڪ مان لُڙڪ آ ٿي وئي زندگي،

    مُرڪ مان لُڙڪ آ ٿي وئي زندگي،
    ڇا منجهان آهي ڇا ٿي وئي زندگي.

    تو پُڇين ٿو پرين حال ڪهڙا اٿئي،
    زهر آتو سوا ٿي وئي زندگي.

    ڪالهه تو ساڻ ڪا جاءِ جنت هئي،
    اڄ اُتي آ سَزا ٿي وئي زندگي.

    هر گهڙي ڏئي وئي ايترا حادثا،
    داستان درد جا ٿي وئي زندگي.

    تو الائي ته ڇو موٽ ناهي ڏني،
    آ سڏيندي صدا ٿي وئي زندگي.

    جيتري آهي زاهد ۽ جهڙي به آ،
    دوستن لئه دُعا ٿي وئي زندگي.


    ڪو به نه آيو، ڪو به نه آيو،

    ڪو به نه آيو، ڪو به نه آيو،
    ڏينهن تتي، ۾ بڻجي سايو.

    بي قدري کي دل ڏيئي مون،
    اميدن کي ڪالهه ڪهايو.

    رهجي ويئي ڇاتي آتي،
    ڪنهن به نه سيني ساڻ لڳايو.

    ڪنڊن جون پائي پوشاڪون،
    پيار جون راهون پوءِ پُڇايو.

    پنهنجا ڳوڙها پيئندي پيئندي،
    زاهد روئندن کي ريجهايو.


    خالي جُهگيءَ م زندگي گهاري نه سگهياسين،

    خالي جُهگيءَ م زندگي گهاري نه سگهياسين،
    تون وئين ڇڏي ته جيءُ جيئاري نه سگهياسين.

    ڪا روشني ملي نه آ ڪوشش جي باوجود،
    ٻيهر ڏيئو وجود ۾ ٻاري نه سگهياسين.

    هر لفظ تنهنجو دل مٿان آ نقش ٿي ويو،
    هڪڙي به ڳالهه تنهنجي وساري نه سگهياسين.

    تنهنجو حڪم هو پيار کي رکڻو هو راز ۾،
    خاموش دم ڏنو سي پُڪاري نه سگهياسين.

    ڪو انتُ ئي نٿي مليو زاهد عذاب جو.
    ڪشتي حيات جي اسان تاري نه سگهياسين.


    پٿر آ جگر تنهنجو- تون پيار مان ڇا ڄاڻين،

    پٿر آ جگر تنهنجو- تون پيار مان ڇا ڄاڻين،
    بي سمجهه اٿئي ديدون- ديدار مان ڇا ڄاڻين.

    تو عشق ڏٺو ناهي- تو قرب ڪيو ناهي،
    تو ڇير ٻڌي ناهي- ڇمڪار مان ڇا ڄاڻين.

    تون ساٿ بنا سکڻو- احساس بنا اڻڀو،
    تون پاڻ نه آن پنهنجو- سنسار مان ڇا ڄاڻين.

    تو ٽهڪ ڏنا آهن- تون ٽهڪ ٻُڌا آهن،
    تون آلين اکڙين جي- اظهار مان ڇا ڄاڻين.

    وِهُه ڳالهين ۾ اوتي ٿو- آڇين زاهد کي،
    تون ميٺ محبت جي- گفتار مان ڇا ڄاڻين.


    مون ڏانهن ڍري- سا تنهنجي دل،

    مون ڏانهن ڍري- سا تنهنجي دل،
    تو ڏانهن چري- سا منهنجي دل.

    جتي ماڪ پئي- سو تنهنجو من،
    جتي باهه ٻري- سا منهنجي دل.

    تڙپيو ناهي سو تنهنجو تن،
    جا درد ڀري- سا منهنجي دل،

    جيڪا نه وڌي- سا تنهنجي وک،
    جا سمنڊ تري- سا منهنجي دل،

    نفرت جو شهر- سو تنهنجو اندر،
    نينهن جي نگري- سا منهنجي دل.


    دردمندن جون دانهون ياد ايندئي،

    دردمندن جون دانهون ياد ايندئي،
    عرض ۽ التجائون ياد ايندئي.

    ڪندو توسان جڏهن ڪو بيوفائي،
    پوءِ منهنجون وفائون ياد ايندئي.

    نيٺ جيون جي جُهور لمحن ۾،
    جوانيءَ جون جفائون ياد ايندئي.

    جيءُ توکي نه ڪو جڏهن چوندو،
    منهنجا سڏڙا صدائون ياد ايندئي.

    توکي تنهائي جي تپائيندي،
    منهنجا ٻکڙا ۽ ٻانهون ياد ايندئي.

    مون سان مليو جتي جتي تون هوندين،
    اُهي رستا ۽ راهون ياد ايندئي.

    تو وڃائي ڇڏيو ڪٿي ڪو زاهد،
    نيٺ اهڙيون خطائون ياد ايندئي.


    ٿڌڙا ساهه ڀرين ٿو ڇا لئه،

    ٿڌڙا ساهه ڀرين ٿو ڇا لئه،
    هينئڙا ايئن ڪرين ٿو ڇا لئه.

    پنڌ پُراڻا تنهنجا راڻا،
    ويندڙ هيل ورين ٿو ڇا لئه.

    چاهه جي آڏو راهه ڏکن جي،
    ڏونگر ڏور ڏرين ٿو ڇا لئه.

    جيون اُڇلي جهوراڻن ۾،
    ڳڀرو جيءَ ڳرين ٿو ڇالئه.

    روشن آئيندي لئه زاهد،
    ٻرڻي ٻار ٻرين ٿو ڇا لئه.


    زندگي رهندي به آ ويندي نه آ،

    زندگي رهندي به آ ويندي نه آ،
    ڳالهه ڪا جيئندي به آ مرندي نه آ.

    ٻيا کڻي سڀ درد دل سهندي مگر،
    سونهن سورن ۾ هُجي سَهندي نه آ.

    موت مون کي تنهنجي دل مان ڪيئن ڪڍي،
    دوستي اهڙي ڪچي ٿيندي نه آ.

    دل ڪندي آ خواهشن جو احترام،
    عشق ۾ ڪا بيوسي ايندي نه آ.

    جنهنجا سڀ رستا وڃن هڪ پيٽ ڏي،
    سوچ سا ڪوئي ثمر ڏيندي نه آ.

    چند ڏينهن ۾ ڇڏيندي رنگ ڇو،
    شاعري آهي سُڪي ميندي نه آ.


    سونھن چيو سينگار نه گهرجي،

    سونھن چيو سينگار نه گهرجي،
    پيار چيو واپار نه گهرجي.

    چاهت کي چيڀاٽيو ڇو ٿا؟
    نفرت جو اظهار نه گهرجي.

    دل ۾ ويهي دل کي جهوري،
    دل کي سو دلدار نه گهرجي.

    اندر جنهن جو اونداهون آ،
    ماڻهو سو مَڪار نه گهرجي.

    جذبن کي جهيري ٿو زاهد،
    سنگدل هي سنسار نه گهرجي.


    پيار کي جنهن نه پيار سمجهيو آ،

    پيار کي جنهن نه پيار سمجهيو آ،
    قرب تنهن ڪاروبار سمجهو آ.

    تنهنجي ڀاڪر کي جون جي اُس ۾،
    مون تہ موسم بھار سمجهو آ.

    سونهن جي ساٿ کي سدائين مون،
    زندگيءَ جو قرار سمجهو آ.

    تنهنجي وڇڙي وڃڻ کانپوءِ پرين،
    موت جو انتظار سمجهو آ.

    باوفا دوستن جي چهرن کي،
    مون ته هيرن جو هار سمجهو آ.

    بيوفا ساڻ ڪيئن ملان زاهد،
    دل جبل جيڏو بار سمجهو آ.


    مست ملنگ مستانا ماڻهو،

    مست ملنگ مستانا ماڻهو،
    دل وارا ديوانا ماڻهو.

    دنيا جن کي درد ڏئي ٿي،
    ڳولن ٿا مئخانا ماڻهو.

    پيار بنا پيئاڪ جي آڏو،
    ڄڻ خالي پئمانا ماڻهو.

    جاتي مچ متو آ تاتي،
    پهچي ويا پروانا ماڻهو.

    دل جي درد بڻايا زاهد،
    وک وک تي ويرانا ماڻهو.


    ذهن جي سوچ لوچ ڏي ٿي ڇڏي،

    ذهن جي سوچ لوچ ڏي ٿي ڇڏي،
    وقت جي چال ياد کي ٿي ڇڏي.

    ڳالهه ڪا ڇانوَن ۾ ويهاري ٿي،
    ڳالهه ڪا اُس ڏي ڌڪي ٿي ڇڏي.

    بُک جي وک بيابانن ۾،
    پيار کي پوئتي اچي ٿي ڇڏي.

    جي ملي ٿي ته زندگيءَ جي خوشي،
    روپ انسان جو مَٽي ٿي ڇڏي.

    درد جي ڌار تيز آ زاهد،
    لوهه جا لڱ ڀي وڍي ٿي ڇڏي.


    سپنا ڪل سوڀارا ٿيندا،

    سپنا ڪل سوڀارا ٿيندا،
    پنهنجا ڀاڳ ڀلارا ٿيندا.

    مهل جڏهن آڻيندي مُرڪون،
    سُکَ جا ساٿ سَهارا ٿيندا.

    توسان روشن جڳ آ راڻا،
    ويهه نه وڃ انڌيارا ٿيندا.

    دوست سڏائڻ وارا ماڻهو،
    سچا ناهن سارا ٿيندا.

    تنهنجي منهنجي پيار جا آهن،
    پهر به زاھد پيارا ٿيندا.


    رات ۾ روشني ملي ويندي،

    رات ۾ روشني ملي ويندي،
    آس آهي خوشي ملي ويندي.

    جَن پراڻيون روايتون ٽوڙيون،
    تن کي نئين زندگي ملي ويندي.

    تو نه ساٿي سڏيو ته ڇا ٿي پيو،
    دوستي دلبري ملي ويندي.

    پيار ڏئي درد وٺڻ وارن کي،
    تُنهنجي گهرجي گهٽي ملي ويندي.

    موت کانپوءِ مون کي گيتن ۾،
    ٻي حياتي وري ملي ويندي،.

    ڪيئي ڪُوڙيون ڇڏيون اَٿم زاهِدَ
    ڪا ته سُهڻي سَچي ملي ويندي.


    دوستن سان ملئون،

    دوستن سان ملئون،
    دلبرن سان ملئون.

    عشق ۾ ٿا اڃان،
    آسرن سان ملئون.

    ڪي لکي موڪليو،
    من خطن سان ملئون.

    جي وڃن پيار ڏي،
    تن دڳن سان ملئون.

    پير ساڙي پُڄئون،
    ڇانورن سان ملئون.

    هل ته زاهد هلي،
    مئڪدن سان ملئون.


    مان پيار سان پٿر کي پگهاري به سگهان ٿو،

    مان پيار سان پٿر کي پگهاري به سگهان ٿو،
    ڪارين ڪٽر دلين کي اُجاري به سگهان ٿو.

    دردن ڀري ملي وئي ته افسوس ڇو ڪيان،
    هن زندگيءَ کي مان ته سَنواري به سگهان ٿو.

    جي پاڻ کي حَسين بڻايم ته ڇا ٿيو،
    گهر گهر ۾ لاٽ سونهن جي ٻاري به سگهان ٿو.

    اُلريا ته اُف نه ڪيم وري مارن ته ماٺ ڪيان،
    اهڙين شرافتن کي ڌڪاري به سگهان ٿو.

    آ ڏات ڏانءُ زاهد سانگين کي سڏڻ لئه،
    چُپ چاپ ڇو رهان جي پُڪاري به سگهان ٿو.


    جنهن جو ڪنڊن تي آشيانو آ،

    جنهن جو ڪنڊن تي آشيانو آ،
    تنهن سُڃاتو سَڄو زمانو آ.

    مون سَدائين چيو ملڻ گهرجي،
    تو سدائين ڪيو بهانو آ.

    جيڪو تنها ٿو پاڻ کي سمجهي،
    سو يا داناءُ يا ديوانو آ.

    مئه ملي ٿي اُتي مُهبتَ جي،
    جاتي مَستن جو آستانو آ.

    جِسمَ سڀ جيل ساهه لئه زاهد،
    هر بدن خاص قيد خانو آ.


    جڏهن من جي ٿر تي وسي بوند ڪائي،

    جڏهن من جي ٿر تي وسي بوند ڪائي،
    اُڃايل چپن تي مٺي مُرڪ آئي.

    سَجايون گهڙيون جڪي توساڻ گذريون،
    جا توکان جُدا وئي عمر هئي اجائي.


    اُتي گل گلابن جي سُرهاڻ ٿي وئي،
    جتي ماڪ مُکڙين سان ڇاتي ملائي.

    روئي چاندنيءَ لئه جَهلي جهول راتين،
    چڙهي چنڊ پنهنجي جواني جلائي.

    پرهه پيار پنهنجو کڻي ايندي زاهد،
    اجائي نه آ ننڊ نيڻن وڃائي.


    سُهڻا ته ماڻهو سارا،

    سُهڻا ته ماڻهو سارا،
    ڪي چنڊ ڪي ستارا.

    هر ڪنهنجا پنهنجا آهن،
    انداز ئي نيارا.

    اکڙين جو نور آهن،
    مون لئه حسين نظارا.

    هر جيءُ ٿا جيئارن،
    ڪنهن سونهن جا سهارا.

    اينديئن ته زاهِدَ کان اڳ،
    چُمندئي هي پير چارا.


    جڏهن به اينديئن خُمار ايندو،

    جڏهن به اينديئن خُمار ايندو،
    سُڪون ايندو، قرار ايندو.

    سَچين دلين جي ملي پوڻ سان،
    آ چاهتن ۾ اڀُار ايندو.

    تون مُرڪندي آن ته مون کي توتي،
    پهاڙ جيڏو آ پيار ايندو.

    ڏُکيءَ گهڙيءَ ۾ پُڪاري ڏسجانءِ،
    هي بندو آ جان نثار ايندو.

    ڪويءَ جي تخليق ۾ به زاهد،
    ڪڏهن ڪڏهن آ نکار ايندو.


    وقت آيو ته ملي پونداسين،

    وقت آيو ته ملي پونداسين،
    تو جي چاهيو ته ملي پونداسين.

    چاهتُن ۾ خلوص جي سوچن،
    مُسڪرايو ته ملي پونداسين.

    پيار سان پيار کي اوهان دل ۾،
    جي گهرايو ته ملي پونداسين.

    مُشڪلاتن جڏهن مُحبت کي،
    آزمايو ته ملي پونداسين.

    پربتن کي پري ڪري زاهد،
    راهه ٺاهيو ته ملي پونداسين.


    مٺي کير جهڙو هُيو پيار تنهنجو،

    مٺي کير جهڙو هُيو پيار تنهنجو،
    ٿڌيءَ هيرجهڙو هُيو پيار تنهنجو.

    ڏٺا منهنجي نيڻن ها جنت جا سپنا،
    ۽ تعبير جهڙو هُيو پيار تنهنجو.

    جڏهن وچ ۾ آيون وڇوڙي جون راتيون،
    تڏهن تير جهڙو هُيو پيار تنهنجو.

    ڪڏهن تنهنجي مُرڪن ٿي مَرهم لڳائي،
    ڪڏهن جهير جهڙو هُيو پيار تنهنجو.

    ويو ڪالهه زاهد جي دل کي وڪوڙي،
    ڪنهن زنجير جهڙو هُيو پيار تنهنجو.


    جتي هجو سُکيا هجو- اسان جي آ دعا اها،

    جتي هجو سُکيا هجو- اسان جي آ دعا اها،
    ڪڏهن ڪڏهن ملي وڃو- آ درد جي دوا اها.

    درن جي اوٽ مان ڪڏهن- درين جي ڳلکڙن منجهان،
    ڏسو به ٿا لڪو به ٿا- عجيب آ ادا اها.

    اچو ته شوق سان اچو- ملو ته قرب سان ملو،
    کلو ته روح سان کلو- ڪيو خوشي عطا اها.

    اسان کان چاهتون وٺو- اسان کي چاهتون ڏيو،
    وري وري اندر منجهان- اچي پئي صدا اها.

    رڳو پئي ڏسڻ گهريم- اچڻ وڃڻ ڇڏيو نه ها،
    ڏسڻ ته ڏوهه ڪو نه هو، ڏيو نه ها سزا اها.

    اوهان جو ساٿ ٿو کپي ۽ ڏينهن رات ٿو کپي
    زاهد جي ساهه جي رهي سدائين آ صدا اِها


    سونهن جو روح ريجهائبو،

    سونهن جو روح ريجهائبو،
    پيار کي نيٺ پرچائبو.

    وئي آ باتين تي بندش لڳي،
    اڄ اشارن ۾ ڳالهائبو.

    زندگيءَ ۾ ئي منهنجا پرين،
    پاڻ تو تائين پهچائبو.

    گهر دُنيا ۾ ته پنهنجو نه آ،
    تنهنجي دل ۾ اچي ٺاهبو.

    درد زاهد اندر جا لکي،
    ذهن تان بار کي لاهبو.


    اسان جي سڏ ۾ آ سڪ سهڻا- وڻئي ته وهه وا ڪندو هليو آ،

    اسان جي سڏ ۾ آ سڪ سهڻا- وڻئي ته وهه وا ڪندو هليو آ،
    هي دل لڳي آ، لڪي نه سگهندي- وڻن ۾ واڪا ڪندو هليو آ.

    جهلي نه سگهبي ڪڏهن جواني- بڻاءِ آزاد زندگاني،
    لڳا ٿي جوڀن تي جيل جيڪي- سي ڪوٽ ڪاٽا ڪندو هليو آ.

    رُسي ويو ڌرتيءَ کان ڀاڳ آهي- انڌير سارو سماج آهي،
    سچن کي سيني سان لاءِ سائين- ٺڳن کي ٺاٺا ڪندو هليو آ.

    بُرو مري ڀل بچڻ نه گهرجي- عذاب اڳتي اچڻ نه گهرجي،
    دلين جي دشمن مٿان دڳن ۾- وڏا ڌماڪا ڪندو هليو آ.

    جي روح لئه ٿو گهرين بهاري- ته پيار کي ڏي ڄمار ساري،
    پرين اسان ڏي اچين ته پنهنجا- پڪا ارادا ڪندو هليو آ.

    بهار چاهي ٿو باغ هرڪو- اندر جو روشن چراغ ڪر ڪو،
    محبتن سان پريت جا وڻ- سُڪا به ساوا ڪندو هليو آ.

    جڏهن تنهنجي مک تي مرڪ ايندي- تڏهن اسان جي به عيد ٿيندي،
    جي دل ۾ جذبو ٿي دوستيءَ جو، ته دل سان دعويٰ ڪندو هليو آ.

    حُسن آ زندهه ضمير زاهد، عشق به آهي امير زاهد،
    سَڏئي ٿي سوري چويس پهتو اچان تو ها ها ڪندو هليو آ.


    پير کڄي ڇير وڄي، مور نچي ٿو،

    پير کڄي ڇير وڄي، مور نچي ٿو،
    بوند وسي ٿي ٿر تي رنگ رچي ٿو.

    وير وڌي، هير ٿڌي، سمنڊ ڪناري،
    مند مٿان جوڀن سان، ميلو مچي ٿو.

    منڇر تي، ڪينجهر تي، هر تڙ تي تون،
    پاڻ پرين جي ٿو اچين پيار اچي ٿو.

    کوڙ کجي، مُرڪ کڻي، جيءَ ملي پيا،
    ٻهڪ ٻڌي ٻيرين ۾ ٻور پچي ٿو.

    مُنهنجي سَڏن کي ته زاهد مُنهنجي پرينءَ کان
    جيءُ ملي ٿي ته جڏو جيءُ بچي ٿو.


    منهنجون سموريون دانهون،

    منهنجون سموريون دانهون،
    هر ساهه جون صدائون.

    هر سونهن کي پسڻ لئه،
    نڪري پيون نگاهون.

    پهڻن جي پيچرن کان،
    تنهنجون ڪيم پڇائون.

    هيڪر هَٽيون ته سنبريون،
    ٻيهر به پنهنجون ٻانهون.

    هر درد جي چپن تي،
    آهُن ۾ التجائون.

    سڀ ڪجهه اتان سکيو سين،
    جاتي هيون جفائون.

    آٿت ڏني مون زاهد،
    روئي پيون جي راهون.


    سوچبو ته سونهن لاءِ سوچبو،

    سوچبو ته سونهن لاءِ سوچبو،
    روڪبو ته رهزنن کي روڪبو.

    ڪا ته ڳالهه آهي جو وڃئون پيا،
    موٽبو ته مُرڪندي ئي موٽبو.

    دير سان مليو صنم ته خير آ،
    دل لڳي وئي آهي ته لوچبو.

    مئڪدي جا خالي جام ٿا چون،
    اڄ پرينءَ جي اکين مان اوتبو.

    جنهن سان واسجي زاهد وطن وڃي
    پيار جو اُهو گلاب پوکبو.


    صديُن کان نه آيا اسان ڏي اُجالا

    صديُن کان نه آيا اسان ڏي اُجالا
    اڃان نيڻ پنهنجا عذابن ۾ الا.

    آ ڪيڏو ڀيانڪ نصيبن جو منظر،
    هٿين هٿ ڪڙيون ۽ زبانن تي تالا.

    چُمي پيئنداسين پرين پيار خاطر،
    مليا جي اسان کي زهر جا پيالا.

    وفائن جي عظمت وفادار ماڻهو،
    جفائن جي شهرت غدارن جا نالا.

    پُڪاري ٿي خوابن جي تعبير زاهد،
    مِلڻ لاءِ ڪرڻا ئي پوندا ڪشالا.


    هر دور ۾ اسان تي ڏاڍن جو ڏاڍ ٿيو،

    هر دور ۾ اسان تي ڏاڍن جو ڏاڍ ٿيو،
    ڪهڙو ڪيوسين ڏوهه ڪنهين ڪو نه آ ڏسيو.

    سُڏڪي پئي صدين کان سورن ۾ سِنڌُ آ،
    آهيو ڪٿي دنيا جا انسان دوستو.

    سنگدل چپن تي مُرڪ هئي گندگيءَ مثل،
    مقتول گهڻي دير تائين تڙپندو رهيو.

    هُن جي چپن تي فخر جون مرڪون امرهيون،
    مقتل ۾ زندگيءَ جو پيغام ڏئي ويو.

    ڪي پل گلاب ڏئي ويا ڪي پل عذاب ها،
    ماضيءَ جو ڊائريءَ ۾ هر عڪس آ پيو.

    منهنجو قلم ٿو روز حقيقت کي ڏي چُميون،
    هر گيت ۾ آ ديس جي نئين درد جو قصو.


    هٿ قاتل ڪٽي سگهيا ناهيون،

    هٿ قاتل ڪٽي سگهيا ناهيون،
    ڏينهن پنهنجا مٽي سگهيا ناهيون.

    جيڪا پاپين جا پير جڪڙي ها،
    ڪوڙڪي سا اڏي سگهيا ناهيون.

    غير جي نسل کي مٽائي جا،
    هام اهڙي ڀري سگهيا ناهيون.

    صبح پنهنجو اچي ته ڪيئن اچي،
    ننڊ پنهنجي ڇڏي سگهيا ناهيون.

    ڪنڌ ڪهڙو کڻي گُهمئون زاهد،
    سنڌ لئه ڪجهه ڪري سگهيا ناهيون.


    پکن پرين جي هلي ٿي پچار ڪجهه ته ڪبو،

    پکن پرين جي هلي ٿي پچار ڪجهه ته ڪبو،
    حساب تو ڏي رهن ٿا هزار ڪجهه ته ڪبو.

    اسان جي ڳوٺ جي ٻُڍڙن به ڪئي آ ٻانهن مٿي،
    چون اسان جا ٿا معصوم ٻار ڪجهه ته ڪبو.

    اسان جو ذهن ۽ هٿ پير ننڊ ڪندا ناهن،
    قدم قدم تي پيو بار بار ڪجهه ته ڪبو.

    مرڻ کانپوءِ جون ڳالهيون ته پوءِ ئي ٿينديون،
    حيات جا ٿا ٻڌئون ڏينهن چار ڪجهه ته ڪبو.

    ملي نه ديس ۾ پنهنجي اٽو لٽو ۽ اجهو،
    ڪڇڻ جي ڏوهه ۾ سڏجئون ڪفار ڪجهه ته ڪبو.

    بکن ۾ آهي نه ايٿوپيا رڳو زاهد،
    ڏسئون ٿا ڏيهه ۾ پنهنجي ڏڪار ڪجهه ته ڪبو.


    رات ڪين رهڻي آ، موٽڻا سويرا هن،

    رات ڪين رهڻي آ، موٽڻا سويرا هن،
    سوجهرو اجاريندو، هي پهر جي ميرا هن.

    ڪير آ ڳڻي جيڪو، سور ساري جيون جا،
    گام گام دردن جا ڪيترائي ديرا هن.

    آس ٿو رکين ڪهڙي، بي رحم زماني کان،
    حق حساب ڇا ملندو غاصبن جا گهيرا هن.

    منهنجو مون کي ملڻو آ، غير غار ٿي ويندا،
    ڪيترو هٽائيندئو، سئو هزار ڀيرا هن.

    سج خون پنهنجي مان نيٺ اڀرندو زاهد
    عشق جي اڏيءَ ٿيڻا جسم ٻيرا ٻيرا هن


    منهنجي ماتا مٺي سرَ ساهَه کان پياري ڌرتي،

    منهنجي ماتا مٺي سرَ ساهَه کان پياري ڌرتي،
    جند تون جان به تون جيءَ جيئاري ڌرتي.

    ساهه وارن لئه وڏو ساهَه سهارو آهي،
    ڄڻ سڳيءَ ماءُ جي هيءَ جهول آ ساري ڌرتي.

    هي ته انسان سڄو ڏيهه ڇڏيندا ساڙي،
    هو به انسان ها جن هيءَ سنواري ڌرتي.

    جسم جيڪي ٿا جلن لاش اسان جا آهن،
    ظالمن ظلم جي هت باهه آ ٻاري ڌرتي.

    روز لڙڪن تي لکيم آرزو مرڪن جي رکيم،
    تنهنجي زاهد ائين آ عمر گذاري ڌرتي.


    هوءَ نيٺ ته اچڻي آ، رتُ ڇاڻ جي هولين م،

    هوءَ نيٺ ته اچڻي آ، رتُ ڇاڻ جي هولين م،
    ڪا موج ته مچڻي آ- مهراڻ جي ڇولين ۾.

    هر قوم زماني جي- سچ کي آ سڃاڻي وئي،
    مظلوم اٿيا مڇري- ٻاڪار آ ٻولين ۾.

    اڄ ٻار ٿا ٻنڌڻن ۾- امڙين کان پُڇن روئي،
    ملندي ته ڪڏهن ملندي- سمجهايو ته لولين ۾.

    آواز اسان جي کي- ديوار ڇا روڪيندي،
    جي جسم رهيا پنهنجا- قيدي بند کولين ۾.

    ڪو ساز نٿو گهرجي- گيتن کي سندم زاهد،
    تو لاءِ مان ڳائيندس- طوفان سان گولين ۾.


    زندگي بڻجي وئي غم جي علامت آهي،

    زندگي بڻجي وئي غم جي علامت آهي،
    هر قدم تي ڪا نئين روز قيامت آ.

    باهه نفرت جي وڪوڙيو آ سڄي ڌرتيءَ کي،
    روح ڪنهن جي کي به دنيا ۾ نه راحت آهي.

    چين توکي به نه آ، مان به پيو ٿو تڙپان،
    جيڪا تڙپائي پئي سائي ته چاهت آهي.

    هڪ اِشاري سان پهاڙن کي جُهڪائيندو آ،
    هوندي جنهن پيار ۾ دل واري صداقت آهي.

    منهنجي اندر جي سَچائيءَ کي نه انصاف ڏنئي،
    اي زمانا منهنجي توساڻ بغاوت آهي.

    درد دل جو اُهو انسان ٿو ڄاڻي زاهد،
    جنهن کان وڇڙي وئي راهن ۾ محبت آهي.


    توسان گهاريل شام اوسائين،

    توسان گهاريل شام اوسائين،
    ڪيڏو هو آرام او سائين.

    تنهنجي پاڇي ريءَ رهي آئي،
    مون لئه ننڊ حرام او سائين.

    تنهنجو هر پيغام ٿو سمجهان،
    پنهنجي لئه الهام او سائين.

    پيار جي هڪڙي پياري پل جو،
    دوست نه آ ڪو دام او سائين.

    تنهنجي ساٿ بنا هي زاهد،
    ڪيڏو آ گُمنام او سائين.


    هي جيڪو پل آهي جاني،

    هي جيڪو پل آهي جاني،
    سو منهنجو پل آهي جاني.

    سو پل سوئي ماڻي ويندو،
    جو جنهن جو پل آهي جاني.

    آ ته ملي ڀرپور گذاريون،
    جو پنهنجو پل آهي جاني.

    ڪير ٿو ڄاڻي هن پل کانپوءِ،
    ٻيو ڪنهنجو پل آهي جاني.

    پيار بنا جيون لئه زاهد،
    هر اهنجو پل آهي جاني.


    اَچُ ته هر جيءَ ۾ جذبن کي جيئاريون گڏجي،

    اَچُ ته هر جيءَ ۾ جذبن کي جيئاريون گڏجي،
    هر شهر ڳوٺ مان نفرت کي ڌڪاريون گڏجي.

    روز لُڙڪن سان ڀريون لوڪ جون اکڙيون ٿيون چون،
    مُرڪ هر من کي ڏيون لُڙڪ ٻُهاريون گڏجي.

    ڪنهن اڪيلي، نه سنواريو آ سماجن کي ڪڏهن،
    جي سنوارڻ ٿا گُهرئون جڳ ته سنواريون گڏجي.

    ساڻ کڻجو نه ڪڏهن ڪو به مُنافق ماڻهو،
    دل جي ڪارن جي پُٺيان باهه ڪا ٻاريون گڏجي.

    جيڪو گڏجڻ نٿو ڏي، پاڻ کي هر وِکَ زاهدَ،
    اهڙي مردود کي هر حال ۾ ماريون گڏجي.


    روئين پئي ڇو بانسُري،

    روئين پئي ڇو بانسُري،
    هر دانهن ٿئي دردن ڀَري.

    تُنهنجي روئڻ سان راڄ ۾،
    جيئڙا پيا آهن جُهري.

    تُنهنجو ته هر آلاپ آ،
    ڇاتين مٿان وهندڙ ڇُري.

    گهاوَن مَٿان ته نه گهاوَ ڏي،
    گهايل دِلين جي گهڻ گهُري.

    ڀيلا گهڙا سُهڻين سندا،
    زاهدَ وري پوندا ڀُري.


    ڏاڍا پيارا پيارا ماڻهو،

    ڏاڍا پيارا پيارا ماڻهو،
    وقت ڪيا ويچارا ماڻهو.

    ٻيائيءَ وچ ۾ ٻَنا ٺاهيا،
    ٿي ويا ٻارا ٻارا ماڻهو.

    ساڻُ نه هلندئي ساٿُ نه ڏيندئي،
    اُڇلي، ڇڏ اُڌارا ماڻهو.

    آزاديءَ جي اُڃَ گُهري ٿي،
    سوچُن مَنجهه سگهارا ماڻهو.

    چانڊوڪين لئه چنڊ کپن ٿا،
    تو وٽ سڀ ستارا ماڻهو.

    ٻاهر صاف اندر ۾ زاهد،
    ڪيڏا آهن ڪارا ماڻهو.


    جنهن جو اُجرو اَندرُ نه هوندو آ،

    جنهن جو اُجرو اَندرُ نه هوندو آ،
    تنهن جو ڪنهن دل ۾ گهُر نه هوندو آ.

    ٻن جي وچ ۾ جڏهن آ ٽيون ايندو،
    پوءِ سُهڻو سفر نه هوندو آ.

    درد دل جو پُڇي ڏسو اُن کان،
    جنهنجو ڪو همسفر نه هوندو آ.

    مُنهنجي هر درد کي دوا خاطر،
    تو سوا ڪو به دَرُ نه هوندو آ.

    سو ٿو چيڀاٽجي وڃي جيڪو،
    وقت کان باخبر نه هوندو آ.

    بااثر سوئي ٿو ٿئي جڳ ۾،
    جنهن تي ڪنهنجو اثر نه هوندو آ.

    جنهنجو ڪمزور ذهن آ زاهد،
    عشق اُن جو امر نه هوندو آ.


    ڀرپور جواني آ،

    ڀرپور جواني آ،
    هَر رات سُهاني آ.

    سو جيءُ آ جنت ۾،
    جنهن جيءَ ۾ جاني آ.

    مون لاءِ اَمر جيون،
    تو لاءِ ته فاني آ.

    آ ساهه منهنجو صوفي،
    راحت به روحاني آ.

    لفظن ۾ غزل زاهد،
    جذبن جي رواني آ.


    ڪو ڊاڪو ٿو هونئن لُٽي، ڪو هيئن لُٽي بيٺو،

    ڪو ڊاڪو ٿو هونئن لُٽي، ڪو هيئن لُٽي بيٺو،
    جنهن کي سمجهه ۾ جيئن اچي ٿو تيئن لُٽي بيٺو.

    هڪڙو نسل يزيدي آ ٻيو نسل هلاڪوءَ جو،
    هڪ ٿو راتيون رَتُ ڪري ٻيو ڏينهن لُٽي بيٺو.

    جي ٿا مون کان ڳالهه پُڇو ڪنهن رَتُ جي رشتي جي،
    جيئن ڪي، غير لُٽيندا آهن ائين لُٽي، بيٺو.

    هر ڦرڻي ڪُرسيءَ تي هِڪڙو وحشي ويٺو آ،
    روز ڏِسئون ٿا هر ڪامورو ڪيئن لُٽي بيٺو.

    ائين ته ڪو ڌاڙيل به زاهدَ ڪو نه لُٽيندو آ،
    پنهنجي قوم کي مُلڪ جو حاڪم جيئن لُٽي بيٺو.


    وڏيرا وري سڀ وٺڻ ووٽ ايندا،

    وڏيرا وري سڀ وٺڻ ووٽ ايندا،
    وٺي ووٽَ ويندا وطن کي لُٽيندا.

    مُهانڊا مٽائي نوان ڪوڙ ٺاهي،
    غريبن کي غُنڊا ڏٽا کوڙ ڏيندا.

    اسان باهه ٻاري آ اُن باهه کانپوءِ،
    گهڻا خوار ٿي ويا گهڻا خوار ٿيندا.

    اسان جي هٿن ۾ ڏسي لال جهنڊا،
    پچر پوءِ پاپي اسان جي ڇڏيندا.

    بيهي جبر آڏو مُنهنجا گيت زاهدَ،
    سَڄيءَ سنڌ کي پيا صدين تيئن سَڏيندا.


    دُشمن به هتي ديس جو دلبر ٿو سڏائي،

    دُشمن به هتي ديس جو دلبر ٿو سڏائي،
    قاتل به هتي قوم جو رهبر ٿو سڏائي.

    پنهنجي هي قوم ڪيڏي اڃان بي شعور آ،
    لوگهو به هتي لوڪ جو ليڊر ٿو سڏائي.

    ڏسڻي ٿي پوي ڪيڏي جهالت جي انتها،
    بيڪار به هت پاڻ کي بهتر ٿو سڏائي.

    مقتل مان گُذر آهي ته مُرڪن سان ڪنداسين،
    مقتل جي پريان تنهنجو پرين در ٿو سڏائي.

    زاهد مون ڪيو عشق پنهنجي قوم سان جيڪو،
    اُن عشق ۾ عاشق منهنجو اندر ٿو سڏائي.


    نه ڪر تلوار جي ڳولها نه ڪر ڪنهن تير جي ڳولها،

    نه ڪر تلوار جي ڳولها نه ڪر ڪنهن تير جي ڳولها،
    پرين ڏي، سوچ پنهنجيءَ کي اَمنُ جي هير جي ڳولها.

    عقيدن جي انڌيرن ۾ متان وچڙي وڃين مِٺڙا،
    ويٺو ٿئي من اندر مُرشد نه ڪر ڪنهن پير جي ڳولها.

    کُلي اکڙيون صبح جو روز اهڙا خواب ارپين ٿيون،
    نه وِسرن ٿا نه وِکرن ٿا اٿن تعبير جي ڳولها.

    هُجي اهڙو ٿئي جيڪو محافظ ديس ڌرتيءَ جو،
    ڪري ٿي سنڌ جي هر ڀيڻ اهڙي ويرجي ڳولها.

    جنهن ۾ جڪڙي زماني جا سڀئي ظالم ڪجن قابو،
    ڪيان ٿو مان پيو زاهد اهڙي زنجير جي ڳولها.


    هٿن ۾ پيار سان محبوب جو تحفو رکجو،

    هٿن ۾ پيار سان محبوب جو تحفو رکجو،
    دلين ۾ عشق سان گڏ سنڌ جو نقشو رکجو.

    جي پنهنجي روح کي راحت ۾ رکڻ چاهيو ٿا،
    ته پنهنجي ذهن ۽ ضمير کي پنهنجو رکجو.

    جُدا ٿيو ٿا مگر ڪنهن به موڙ تي ڪنهن پل،
    ٺهڻ گهُرئون ته ڪوئي ٺاهه جو رستو رکجو.

    اسانجي لاءِ پنهنجي قيمتي حياتيءَ مان،
    ڪڏهن ڪڏهن ته ملڻ لاءِ ڏينهن ڪو رکجو.

    ڪئي وئي آ غريبن لئه مهانگي ماني،
    ڪفن جو اَگهُه خُدا واسطي سستو رکجو.

    سچن جو سَچُ جهڪائيندو جبر کي زاهدَ،
    سدائين چاهُه پنهنجي، ساهَه ۾ سَچو رکجو.


    جذبن ۾ جوش عشق جا شامل نٿا ٿين،

    جذبن ۾ جوش عشق جا شامل نٿا ٿين،
    ان لاءِ حق پاڻ کي حاصل نٿا ٿين.

    برباد ٿي وڃن ٿا اُهي ديس دوستو،
    مُنصف جتي عوام جا عادل نٿا ٿين.

    سمجهي وڃن ٿا جيڪي صوفين جو فلسفو،
    مقتول ٿي وڃن ٿا قاتل نٿا ٿين.

    منصور جي مِٽيءَ مان جيڪي جُڙي وَيا،
    ڪُسجڻ کانپوءِ جسم سي بِسمل نٿا ٿين.

    زاهدَ مُنهنجي وُطن جا جذباتي جو انڙا،
    بالغ ته ٿي وڃن ٿا عاقل نٿا ٿين.


    ”ٻه قافيو غزل “ نئون تجربو

    ”ٻه قافيو غزل “ نئون تجربو

    جڏهن اندر ۾ ڪي سُهڻا سوال اُڀرن ٿا،
    تڏهن ڪي ذهن مان خاصا خيال نڪرن ٿا.

    اُتي دلين ۾ ٿيون چاهت جون روشنيون چمڪن،
    جتي اکين ۾ حُسن جا جمال جرڪن ٿا.

    فڪر ۽ فن سان ڀرپور شاعري ٿا ٻُڌئون،
    مُشاعرن ۾ ڪوين جا ڪمال ڏسجن ٿا.

    لڪائي، نوٽ گهرن ۾ رکن ٿا ڪامورا،
    لڳن ٿا ڇاپا ته رشوت جا مال وکرن ٿا.

    سَوَڙِ به ڪونهي سياري جي مُند آئي آ،
    ڏڪن ٿا لِڱ غريبن جا حال تڙپن ٿا.

    صدين کان سنڌ جي ماڻهن جا هر قدم زاهد،
    ڏکن جي ڏيهه ۾ سورن جا سال گُذرن ٿا.


    پڪو آ پنهنجو پيار تو به چيو مون به چيو،

    ٻه قافيو غزل
    نئون تجربو

    پڪو آ پنهنجو پيار تو به چيو مون به چيو،
    ڪنداسين اعتبار تو به ڪيو مون به ڪيو.

    چڱا به آهيون ۽ غلطيون به ٻنهي ۾ آهن،
    ڪئي آ بار بار تو به ٺهيو مون به ٺهيو.

    مان تنهنجي من جو مُحافظ تون مُنهنجي دل جو ڌڻي،
    اِهوئي اختيار تو به رهيو مون به رهيو.

    وفا ڪئي سين ته هر دوست هٿان گُلڙن جون،
    ڳچيءَ ۾ هڪڙو هار تو به پيو مون به پيو.

    ڏکن جي ڏيهه ۾ زاهد دلين کي ڳڻتين جو،
    ملي ويو جو ڳارتو به سَهيو مون سَهيو.


    هوڏ هستي به آ موج مستي به آ- سونهن جي ساٿ ۾ جام آهي جتي،

    هوڏ هستي به آ موج مستي به آ- سونهن جي ساٿ ۾ جام آهي جتي،
    جيءَ جُڙن ٿا اُتي گُل ٽِڙن ٿا اُتي- سِرَ جو سودو سرِعام آهي جتي.

    جن رُخن تي رُڳيون ٿيون رهن بي رُخيون- تن رُخن ساڻ ڇو پنهنجو ناتو رکون،
    سورَ ڏين ٿيون اُتي سنگ جهڙيون دليون- سخت سوچُن ۾ سنگرام آهي جتي.

    ڏينهن ۽ رات جا رنگ آهن سوين- وقت جا ورَ وَڪڙ ونگ آهن سوين،
    روح پنهنجي کي سُک لاءِ سا جاءِ ڏيو، روح جي لاءِ آرام آهي جتي.

    عشق کي عشق ڏيو سونهن سان سونهن ٿيو، پيار کي پيارُ ڏيو غير سان غير ٿيو،
    پريت جي ريت جي جيت آهي اُتي- هر منافق ٿيو ناڪام آهي جتي.

    ماڳَ سوچون مٽيون ريتون رسمون ٽُٽيون- سِجُ اُڀري پيو ڪاريون راتيون کُٽيون،
    پنهنجا پيارا کڻي نينهن نعرا کڻي- پهتو زاهد جو پيغام آهي جتي.


    پُڇي ٿي مون کان سفر ۾ حسين هر وادي،

    پُڇي ٿي مون کان سفر ۾ حسين هر وادي،
    ڇو هيل ساڻ توسان ناهي تنهنجي شهزادي.

    قدم قدم تي حُسن قيدي آهي رَسمُن جو،
    اکين کي عشق ڪرڻ جي به ناهي آزادي.

    مِلي، ٿي جيڪا! چوي ٿي غلام ٿي رهندين،
    جي منهنجو پيارُ ٿو گهُرجئي ته شرط ٿئي شادي.

    دلين ۾ صاف سچو احترام رکڻو آ،
    سواءِ پيار جي شادي به آهي بربادي.

    ڳڻيئون نٿا هتي انسان ڪيترا آهن،
    وڌائيندا ٿا وڃئو روز پنهنجي آبادي.

    نه جنهن به وقت جي مزاج کان شعور وتو،
    ستم سهڻ جي اُها قوم ٿي وئي عادي.

    سَببَ سُڪون جا زاهدَ فقط ٻه ٿو سمجهان،
    رکيم خلوص کي بهتر ۽ طبيعت سادي.


    عجيب نيڻ نماڻا هُيا نٿا وسرن،

    عجيب نيڻ نماڻا هُيا نٿا وسرن،
    رهيا ڪي روح جا راڻا هُيا نٿا وسرن.

    اسانجي پيار ۾ مِٺاسُ هيو ماکيءَ جو،
    مکڻ جا هو به ته چاڻا هُيا نٿا وسرن.

    پکيئڙا نيٺ ته ورندا وري واهيرن ڏي،
    کڻي اُميد اُڏاڻا هُيا نٿا وسرن.

    رُنا رُڳو هُيا پنهنجن جي بيوفائيءَ تي،
    وڃڻ جي وقت ويڳاڻا هُيا نٿا وسرن.

    پُڪاري، اَڄُ به اُنهن کي ٿي سنڌ جي ڌرتي،
    درن تان جيڪي، ڌڪاڻا هُيا نٿا وسرن.

    صدين کان پنهنجا ها زاهد صدين کان پنهنجن سان،
    محبتون هُيون ماڻا هُيا نٿا وسرن.


    تنهنجين يادگيرين ۾ گُم ٿي وَياسين،

    تنهنجين يادگيرين ۾ گُم ٿي وَياسين،
    وري رات ڏاڍو گهڻو پي وياسين.

    پرين جام پنهنجن هٿن سان پيئاري،
    ويهاري، هليو وئين ته ويهجي وياسين.

    رکي توسان مٺڙي محبت جو ناتو،
    وڏن امتحانن ۾ پئجي وياسين.

    اسانجي جسم جا ڳڀا ڪنهن نه ڳولهيا،
    وڇوڙي، جي واٽن ۾ وڍجي وياسين.

    زماني کي سمجهڻ کانپوءِ يار زاهد،
    زماني کي ڏسندا ئي رهجي وياسين.


    هر بُرو ٿو ڪري بُريون ڳالهيون،

    هر بُرو ٿو ڪري بُريون ڳالهيون،
    هر ڀلو ٿو ڪري ڀَليون ڳالهيون.

    ڪوڙ جن روح ۾ رکيو ناهي،
    سي سدائين ڪندا سَچيون ڳالهيون.

    عُمر سان گڏ معيار مٽجن ٿا،
    وقت سمجهائي ٿو وڏيون ڳالهيون.

    تون مُلاقات مختصر نه ڪجانءِ،
    توسان ڪرڻيون آهن گهڻيون ڳالهيون.

    تنهنجي محفل وري وري گُهرجي،
    تنهنجون آهن وڻي ويون ڳالهيون.

    پنهنجو اَندَرُ به ائين اڇو رکجانءِ،
    صاف جهڙيون اٿئي ڪيون ڳالهيون.

    نانءُ تن جو صدين تائين رهندو،
    جن جون زندهه رهي سگهيون ڳالهيون.

    اُن کان رهجو پري، پري، جڳ ۾،
    جيڪو آهي ڪندو ڇڙهيون ڳالهيون.


    رَتُ جي رشتن کان وڇوڙن واريون،

    رَتُ جي رشتن کان وڇوڙن واريون،
    ياد هر حال ۾ رهيون ڳالهيون.

    توکي پنهنجو ڪرڻ جي لئه منهنجون،
    تنهنجي درتي رُنيون رڙيون ڳالهيون.

    جيڪي محسوس مون ڪيون من ۾،
    شاعريءَ ۾ چئي ڇڏيون ڳالهيون.

    ڇو زماني جون ٿي ڪرين اي دل،
    ڪرڪي پنهنجون نيون نيون ڳالهيون.

    سَچَ جي مَچَ مان پَچائي لِکُ،
    ڀَل دُنيا کي لڳن ڪڙيون ڳالهيون.

    قوم سان قرب جون ڪندو رهندس،
    جيتريون مون کان ٿي سگهيون ڳالهيون.

    موتَ تون ماٺِ ڪيئن ڪرائيندين،
    مُنهنجون گيتن ۾ گونجنديون ڳالهيون.

    جيسين سِرَ منجهه ساهُه آ زاهد،
    سنڌ جي درد جون ڪبيون ڳالهيون.


    مزي ۾ روح آ هر سوچ باضميري آ،

    مزي ۾ روح آ هر سوچ باضميري آ،
    مزاج مست ملنگ دل رهي فقيري آ.

    جنم جنم کان سچائيءَ جي ڏوهه ۾ جابر،
    جَبُرَ سان جسم کي جڪڙيو آ جان جهيري آ.

    روءِ زمين تي هر قوم جي هر باغيءَ کي،
    سدائين ملندي رهي عشق ۾ اَسيري آ.

    قدم قدم تي زماني ۾ ذهن وڪجن ٿا،
    جُهڪي سگهي نه شجاعت ڪڏهن شبيري آ.

    چُمئون ٿا سَچَ سدا پير پيار سان زاهد،
    وڌيڪ اِن کان ڀلا ڪهڙي ٻي اميري آ.


    هر دوست جڏهن وقت گذاري جيان لڳو،

    هر دوست جڏهن وقت گذاري جيان لڳو،
    رِڻ ۾ اڪيلو روح اُڃاري جيان لڳو.

    جنهن ساڻ ملي مون کي هُيا مَچَ ٻارڻا،
    سو جون ۾ به سخت سياري جيان لڳو.

    پنهنجن جي هر عذاب ۾ جيون جو هر سفر،
    هر پهر ۾ دوزخ جي نظاري جيان لڳو.

    ڌررتيءَ تان بيهي مون ڏٺو پنهنجي وجود کي،
    آڪاش تي گردش ۾ ستاري جيان لڳو.

    زاهدَ سو زندگيءَ جو ساٿي نه ٿي سگهيو،
    جو شخص زندگيءَ ۾ سهاري جيان لڳو.


    وقت ڪندو آ ويساهه گهاتيون،

    وقت ڪندو آ ويساهه گهاتيون،
    ڏينهن به لڳندا آهن راتيون.

    جن هٿڙن ۾ هارَ گُلن جا،
    سي هٿ کڻندا آهن ڪاتيون.

    هيڻا هڏڙا سارن پيا ٿا،
    ٻالڪپڻن جون ٻوليون ٻاتيون.

    پاڻ کي پاڻ ۾ پَسڻو ٿئي جي،
    پائڻيون پوندئي جيءَ ۾ جهاتيون.

    ڏيهه ۾ ڪوڪو ڏات ڌڻي آ،
    ڏيهه کي مِلنديون ناهن ڏاتيون.

    ويهه ته جڳ لئه زاهد سائين،
    سُهڻيون سوچون پاليون تائيون.


    پکين جا رهيا پَرَ سدائين سفر ۾-

    پکين جا رهيا پَرَ سدائين سفر ۾-
    اَمُن جا مُسافرَ سدائين سفر ۾.

    ڏُکن۽ سُکن جا تجربا ڏين ٿا،
    شهر ڳوٺ جهنگ جهر سدائين سفر ۾.

    اکين منجهه ويهي ڇَڏيئون جيءُ جهوري،
    مِليا اهڙا مَنظر سدائين سفر ۾.

    روئي، پئي ٿي رستن ۾ خانا بدوشي،
    پَکَن جا ٺهيل گهر سدائين سفر ۾.

    جيڪي، جڳُ جنت بڻائڻ گهُرن ٿا،
    اُهي دوست دلبر سدائين سفر ۾.

    نه رهنديون اُداسيون زماني ۾ زاهدَ،
    اُميدن جا شاعر سدائين سفر ۾.


    بئڪ ٽائيٽل پيج


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 866
    ڪتابن جو مشاهدو: 2397125
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 613528
    2019 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ