زندگي بڻجي وئي غم جي علامت آهي،
هر قدم تي ڪا نئين روز قيامت آ.
باهه نفرت جي وڪوڙيو آ سڄي ڌرتيءَ کي،
روح ڪنهن جي کي به دنيا ۾ نه راحت آهي.
چين توکي به نه آ، مان به پيو ٿو تڙپان،
جيڪا تڙپائي پئي سائي ته چاهت آهي.
هڪ اِشاري سان پهاڙن کي جُهڪائيندو آ،
هوندي جنهن پيار ۾ دل واري صداقت آهي.
منهنجي اندر جي سَچائيءَ کي نه انصاف ڏنئي،
اي زمانا منهنجي توساڻ بغاوت آهي.
درد دل جو اُهو انسان ٿو ڄاڻي زاهد،
جنهن کان وڇڙي وئي راهن ۾ محبت آهي.