سوچ منهنجي پري پري تائين،
هٿ منهنجا ڳلي ڳري تائين.
عشق انسان سان جڏهن کان ٿيو،
مون چتايو چري کري تائين.
ذهن ۾ آسمان جي دنيا،
جاچبو سمنڊ جي تري تائين.
ڪيئي ٻُڌڻيون پون ٿيون پيارن جون،
وچن کان ويندي آسري تائين.
قوم جي ڪاڄ لاءِ ڳائيندس،
رات ڪاريءَ ۾ سوجهري تائين.
سنڌ سان ساٿ نڀائي وڃبو
ساهه جي آخري ذري تائين.
پيار پهچائي آ ڇڏيو زاهد،
مئه جي هڪ تيز وهڪري تائين.