شاعري

امن جا مسافر

ھي ڪتاب نامياري شاعر ۽ راڳي زاھد شيخ جي غزلن جو مجموعو آھي. امجد دراني مھاڳ ۾ لکي ٿو:
”زاهد شيخ سموريءَ سنڌ جي سچن ۽ بهادر ماڻهن جي اندر ۾ دل وانگر ڌڙڪندڙ شاعر رهيو آهي، هن جا گيت سنڌ جي سريلي راڳي سرمد جي آواز ذريعي سنڌ جي ٻچي ٻچي جي زبان تي سينگاريل آهن. زاهد شيخ پنهنجي سموري شعوري سگهه قوت ۽ عقل پنهنجي اڄ تي خرچ ڪيو آهي ۽ ان جي حل ڪرڻ جي جستجو ۾ قلم جي نوڪ استعمال ڪئي آهي.
  • 4.5/5.0
  • 2825
  • 769
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • زاهد شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book امن جا مسافر

نه ڪر تلوار جي ڳولها نه ڪر ڪنهن تير جي ڳولها،

نه ڪر تلوار جي ڳولها نه ڪر ڪنهن تير جي ڳولها،
پرين ڏي، سوچ پنهنجيءَ کي اَمنُ جي هير جي ڳولها.

عقيدن جي انڌيرن ۾ متان وچڙي وڃين مِٺڙا،
ويٺو ٿئي من اندر مُرشد نه ڪر ڪنهن پير جي ڳولها.

کُلي اکڙيون صبح جو روز اهڙا خواب ارپين ٿيون،
نه وِسرن ٿا نه وِکرن ٿا اٿن تعبير جي ڳولها.

هُجي اهڙو ٿئي جيڪو محافظ ديس ڌرتيءَ جو،
ڪري ٿي سنڌ جي هر ڀيڻ اهڙي ويرجي ڳولها.

جنهن ۾ جڪڙي زماني جا سڀئي ظالم ڪجن قابو،
ڪيان ٿو مان پيو زاهد اهڙي زنجير جي ڳولها.