جذبن ۾ جوش عشق جا شامل نٿا ٿين،
ان لاءِ حق پاڻ کي حاصل نٿا ٿين.
برباد ٿي وڃن ٿا اُهي ديس دوستو،
مُنصف جتي عوام جا عادل نٿا ٿين.
سمجهي وڃن ٿا جيڪي صوفين جو فلسفو،
مقتول ٿي وڃن ٿا قاتل نٿا ٿين.
منصور جي مِٽيءَ مان جيڪي جُڙي وَيا،
ڪُسجڻ کانپوءِ جسم سي بِسمل نٿا ٿين.
زاهدَ مُنهنجي وُطن جا جذباتي جو انڙا،
بالغ ته ٿي وڃن ٿا عاقل نٿا ٿين.