ڪو ڊاڪو ٿو هونئن لُٽي، ڪو هيئن لُٽي بيٺو،
جنهن کي سمجهه ۾ جيئن اچي ٿو تيئن لُٽي بيٺو.
هڪڙو نسل يزيدي آ ٻيو نسل هلاڪوءَ جو،
هڪ ٿو راتيون رَتُ ڪري ٻيو ڏينهن لُٽي بيٺو.
جي ٿا مون کان ڳالهه پُڇو ڪنهن رَتُ جي رشتي جي،
جيئن ڪي، غير لُٽيندا آهن ائين لُٽي، بيٺو.
هر ڦرڻي ڪُرسيءَ تي هِڪڙو وحشي ويٺو آ،
روز ڏِسئون ٿا هر ڪامورو ڪيئن لُٽي بيٺو.
ائين ته ڪو ڌاڙيل به زاهدَ ڪو نه لُٽيندو آ،
پنهنجي قوم کي مُلڪ جو حاڪم جيئن لُٽي بيٺو.