شاعري

امن جا مسافر

ھي ڪتاب نامياري شاعر ۽ راڳي زاھد شيخ جي غزلن جو مجموعو آھي. امجد دراني مھاڳ ۾ لکي ٿو:
”زاهد شيخ سموريءَ سنڌ جي سچن ۽ بهادر ماڻهن جي اندر ۾ دل وانگر ڌڙڪندڙ شاعر رهيو آهي، هن جا گيت سنڌ جي سريلي راڳي سرمد جي آواز ذريعي سنڌ جي ٻچي ٻچي جي زبان تي سينگاريل آهن. زاهد شيخ پنهنجي سموري شعوري سگهه قوت ۽ عقل پنهنجي اڄ تي خرچ ڪيو آهي ۽ ان جي حل ڪرڻ جي جستجو ۾ قلم جي نوڪ استعمال ڪئي آهي.
  • 4.5/5.0
  • 2848
  • 781
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • زاهد شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book امن جا مسافر

حياتيءَ جا هٻڪار وسري نه سگهندا،

حياتيءَ جا هٻڪار وسري نه سگهندا،
جوانيءَ جا ٻهڪار وسري نه سگهندا.

دلين ۾ ويهاري جيئاري ڇڏيو جن،
انهن جا اهي پيار وسري نه سگهندا.

ڀُلائڻ جون ڳالهيون ڀُلائي ڇڏيون سي،
وفائن جا ڪردار وسري نه سگهندا.

جنين تي ڪيو زندگيءَ رقص جهومي،
سي ڇيرن جا ڇمڪار وسري نه سگهندا.

اسان ساهه کان ٿي مٿي جن کي سمجهو،
اهي ٿي ويا ڌار وسري نه سگهندا.

گهڻا من جا ميرا ويا ميٽجي پر،
سچائين جا سهڪار وسري نه سگهندا.

ڇڏي عڪس ويا چاهتن جا چمن ۾،
هيا هانون جا ٺار وسري نه سگهندا.