اکڙين مان وهايا مون- اَڄُ نير گهڻا آهن،
منهنجي دل کي ڏنا دلبر- تو جهير گهڻا آهن.
تُحفي ۾ ڏنئي جيڪي- سي زخم ڳڻيان ويٺو،
تو جيڪي هنيان تن ۾- سي تير گهڻا آهن.
مان قيد آهيان جنهن ۾- سو جيل به جنت آ،
زلفن جا وڪوڙيا تو- زنجير گهڻا آهن.
دڳ دڳ ۾ اٿو ڌوڪو- وک وک تي ويهي سوچيو،
راهن ۾ رُلي ويندا- راهگير گهڻا آهن.
هر جاءِ تي آ جاري- جذبن جو قتل زاهد،
اِن درد ڪيا ماڻهو- دلگير گهڻا آهن.