منهنجون سموريون دانهون،
هر ساهه جون صدائون.
هر سونهن کي پسڻ لئه،
نڪري پيون نگاهون.
پهڻن جي پيچرن کان،
تنهنجون ڪيم پڇائون.
هيڪر هَٽيون ته سنبريون،
ٻيهر به پنهنجون ٻانهون.
هر درد جي چپن تي،
آهُن ۾ التجائون.
سڀ ڪجهه اتان سکيو سين،
جاتي هيون جفائون.
آٿت ڏني مون زاهد،
روئي پيون جي راهون.