ذهن جي سوچ لوچ ڏي ٿي ڇڏي،
وقت جي چال ياد کي ٿي ڇڏي.
ڳالهه ڪا ڇانوَن ۾ ويهاري ٿي،
ڳالهه ڪا اُس ڏي ڌڪي ٿي ڇڏي.
بُک جي وک بيابانن ۾،
پيار کي پوئتي اچي ٿي ڇڏي.
جي ملي ٿي ته زندگيءَ جي خوشي،
روپ انسان جو مَٽي ٿي ڇڏي.
درد جي ڌار تيز آ زاهد،
لوهه جا لڱ ڀي وڍي ٿي ڇڏي.