عجيب نيڻ نماڻا هُيا نٿا وسرن،
رهيا ڪي روح جا راڻا هُيا نٿا وسرن.
اسانجي پيار ۾ مِٺاسُ هيو ماکيءَ جو،
مکڻ جا هو به ته چاڻا هُيا نٿا وسرن.
پکيئڙا نيٺ ته ورندا وري واهيرن ڏي،
کڻي اُميد اُڏاڻا هُيا نٿا وسرن.
رُنا رُڳو هُيا پنهنجن جي بيوفائيءَ تي،
وڃڻ جي وقت ويڳاڻا هُيا نٿا وسرن.
پُڪاري، اَڄُ به اُنهن کي ٿي سنڌ جي ڌرتي،
درن تان جيڪي، ڌڪاڻا هُيا نٿا وسرن.
صدين کان پنهنجا ها زاهد صدين کان پنهنجن سان،
محبتون هُيون ماڻا هُيا نٿا وسرن.