هر بُرو ٿو ڪري بُريون ڳالهيون،
هر ڀلو ٿو ڪري ڀَليون ڳالهيون.
ڪوڙ جن روح ۾ رکيو ناهي،
سي سدائين ڪندا سَچيون ڳالهيون.
عُمر سان گڏ معيار مٽجن ٿا،
وقت سمجهائي ٿو وڏيون ڳالهيون.
تون مُلاقات مختصر نه ڪجانءِ،
توسان ڪرڻيون آهن گهڻيون ڳالهيون.
تنهنجي محفل وري وري گُهرجي،
تنهنجون آهن وڻي ويون ڳالهيون.
پنهنجو اَندَرُ به ائين اڇو رکجانءِ،
صاف جهڙيون اٿئي ڪيون ڳالهيون.
نانءُ تن جو صدين تائين رهندو،
جن جون زندهه رهي سگهيون ڳالهيون.
اُن کان رهجو پري، پري، جڳ ۾،
جيڪو آهي ڪندو ڇڙهيون ڳالهيون.