ساقي تنهنجي مئخاني ۾ دل وندرائڻ آيو آهيان،
دنيا ڏاڍا درد ڏنا هن درد گهٽائڻ آيو آهيان.
چڻنگ ٻري هئي، هوريان هوريان مچ مچي ويو آهي من ۾،
جام جي ڍڪ ڍڪ سان اندر جي آگ اجهائڻ آيو آهيان.
هٿ هي وڍبا، پير به وڍبا، سَمجهان ٿو هي سَنڌُ سَنڌُ وڍبو،
پوءِ به متقل آڏو پنهنجي ڳالهه ٻڌائڻ آيو آهيان.
هڪڙو سُهڻو گل جگر کي ڏاڍا گهاوَ ڏئي ويو آهي،
يادن جي ڪاغذ تان اُن جو نانءُ مِٽائڻ آيو آهيان.
دل وارن جي لاءِ ته ساري دُنيا دوزخ جهڙي آهي،
آويءَ جهڙي جڳ ۾ زاهد پاڻ پچائڻ آيو آهيان.