رَتُ جي رشتن کان وڇوڙن واريون،
ياد هر حال ۾ رهيون ڳالهيون.
توکي پنهنجو ڪرڻ جي لئه منهنجون،
تنهنجي درتي رُنيون رڙيون ڳالهيون.
جيڪي محسوس مون ڪيون من ۾،
شاعريءَ ۾ چئي ڇڏيون ڳالهيون.
ڇو زماني جون ٿي ڪرين اي دل،
ڪرڪي پنهنجون نيون نيون ڳالهيون.
سَچَ جي مَچَ مان پَچائي لِکُ،
ڀَل دُنيا کي لڳن ڪڙيون ڳالهيون.
قوم سان قرب جون ڪندو رهندس،
جيتريون مون کان ٿي سگهيون ڳالهيون.
موتَ تون ماٺِ ڪيئن ڪرائيندين،
مُنهنجون گيتن ۾ گونجنديون ڳالهيون.
جيسين سِرَ منجهه ساهُه آ زاهد،
سنڌ جي درد جون ڪبيون ڳالهيون.