هوڏ هستي به آ موج مستي به آ- سونهن جي ساٿ ۾ جام آهي جتي،
جيءَ جُڙن ٿا اُتي گُل ٽِڙن ٿا اُتي- سِرَ جو سودو سرِعام آهي جتي.
جن رُخن تي رُڳيون ٿيون رهن بي رُخيون- تن رُخن ساڻ ڇو پنهنجو ناتو رکون،
سورَ ڏين ٿيون اُتي سنگ جهڙيون دليون- سخت سوچُن ۾ سنگرام آهي جتي.
ڏينهن ۽ رات جا رنگ آهن سوين- وقت جا ورَ وَڪڙ ونگ آهن سوين،
روح پنهنجي کي سُک لاءِ سا جاءِ ڏيو، روح جي لاءِ آرام آهي جتي.
عشق کي عشق ڏيو سونهن سان سونهن ٿيو، پيار کي پيارُ ڏيو غير سان غير ٿيو،
پريت جي ريت جي جيت آهي اُتي- هر منافق ٿيو ناڪام آهي جتي.
ماڳَ سوچون مٽيون ريتون رسمون ٽُٽيون- سِجُ اُڀري پيو ڪاريون راتيون کُٽيون،
پنهنجا پيارا کڻي نينهن نعرا کڻي- پهتو زاهد جو پيغام آهي جتي.