رات ڪين رهڻي آ، موٽڻا سويرا هن،
سوجهرو اجاريندو، هي پهر جي ميرا هن.
ڪير آ ڳڻي جيڪو، سور ساري جيون جا،
گام گام دردن جا ڪيترائي ديرا هن.
آس ٿو رکين ڪهڙي، بي رحم زماني کان،
حق حساب ڇا ملندو غاصبن جا گهيرا هن.
منهنجو مون کي ملڻو آ، غير غار ٿي ويندا،
ڪيترو هٽائيندئو، سئو هزار ڀيرا هن.
سج خون پنهنجي مان نيٺ اڀرندو زاهد
عشق جي اڏيءَ ٿيڻا جسم ٻيرا ٻيرا هن