دردمندن جون دانهون ياد ايندئي،
عرض ۽ التجائون ياد ايندئي.
ڪندو توسان جڏهن ڪو بيوفائي،
پوءِ منهنجون وفائون ياد ايندئي.
نيٺ جيون جي جُهور لمحن ۾،
جوانيءَ جون جفائون ياد ايندئي.
جيءُ توکي نه ڪو جڏهن چوندو،
منهنجا سڏڙا صدائون ياد ايندئي.
توکي تنهائي جي تپائيندي،
منهنجا ٻکڙا ۽ ٻانهون ياد ايندئي.
مون سان مليو جتي جتي تون هوندين،
اُهي رستا ۽ راهون ياد ايندئي.
تو وڃائي ڇڏيو ڪٿي ڪو زاهد،
نيٺ اهڙيون خطائون ياد ايندئي.