ڪنڊن وارا، چُڀن چارا، دُکن جا ڍيرَ دڳ دڳ ۾،
سچا مشتاق سِرَ ڏيندا، هوندا منصور اڳ اڳ ۾.
جلايو يا جسم جهوريو، برهه جي بوءِ رهڻي آ،
پرينءَ سان پيار جا رشتا، رچيا رت ساڻ رڳ رڳ ۾.
اندر ۾ عشق جا آهن، وڏا آڙاهه اڀري پيا،
لڳو آ نينهن لڱ لڱ ۾، چُريو آ چاهه چڳ چڳ ۾.
مرڻ وارا مري ويندا. امر انسان ڪي آهن،
جنين جڳ کي ڏنا جلوه، اُهي جيئرا ته جڳ جڳ ۾.
ڪڏهن ڪينجهر، ڪڏهن منڇر اُتر ۾ لاڙ ۾ زاهد،
پنهوارن کان پري ناهيان، ويٺل وانگين سان وڳ وڳ ۾.