پکين جا رهيا پَرَ سدائين سفر ۾-
اَمُن جا مُسافرَ سدائين سفر ۾.
ڏُکن۽ سُکن جا تجربا ڏين ٿا،
شهر ڳوٺ جهنگ جهر سدائين سفر ۾.
اکين منجهه ويهي ڇَڏيئون جيءُ جهوري،
مِليا اهڙا مَنظر سدائين سفر ۾.
روئي، پئي ٿي رستن ۾ خانا بدوشي،
پَکَن جا ٺهيل گهر سدائين سفر ۾.
جيڪي، جڳُ جنت بڻائڻ گهُرن ٿا،
اُهي دوست دلبر سدائين سفر ۾.
نه رهنديون اُداسيون زماني ۾ زاهدَ،
اُميدن جا شاعر سدائين سفر ۾.