شاعري

امن جا مسافر

ھي ڪتاب نامياري شاعر ۽ راڳي زاھد شيخ جي غزلن جو مجموعو آھي. امجد دراني مھاڳ ۾ لکي ٿو:
”زاهد شيخ سموريءَ سنڌ جي سچن ۽ بهادر ماڻهن جي اندر ۾ دل وانگر ڌڙڪندڙ شاعر رهيو آهي، هن جا گيت سنڌ جي سريلي راڳي سرمد جي آواز ذريعي سنڌ جي ٻچي ٻچي جي زبان تي سينگاريل آهن. زاهد شيخ پنهنجي سموري شعوري سگهه قوت ۽ عقل پنهنجي اڄ تي خرچ ڪيو آهي ۽ ان جي حل ڪرڻ جي جستجو ۾ قلم جي نوڪ استعمال ڪئي آهي.
  • 4.5/5.0
  • 2848
  • 781
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • زاهد شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book امن جا مسافر

همتون هوش مان هٽيون ناهن،

همتون هوش مان هٽيون ناهن،
جرئتون جيءَ مان جهڪيون ناهن.

جن ۾ آ سونهن سمايل تنهنجي،
سي، مون سوچون پرين مٽيون ناهن.

عمر گهٽجي وئي گهڻي ليڪن،
گهاو گهڙيون اڃان گهٽيون ناهن.

تنهن کي احساس درد جو ڪهڙو،
جنهن به راتيون روئي ڪٽيون ناهن.

ڏور بيٺي آ مرڪ منزل تي،
راحتون راهه ۾ رکيون ناهن.

تنهن نه ڄڻ زندگي ڏٺي زاهد،
جنهن کي وهه جون مليون وٽيون ناهن.