منهنجي ماتا مٺي سرَ ساهَه کان پياري ڌرتي،
جند تون جان به تون جيءَ جيئاري ڌرتي.
ساهه وارن لئه وڏو ساهَه سهارو آهي،
ڄڻ سڳيءَ ماءُ جي هيءَ جهول آ ساري ڌرتي.
هي ته انسان سڄو ڏيهه ڇڏيندا ساڙي،
هو به انسان ها جن هيءَ سنواري ڌرتي.
جسم جيڪي ٿا جلن لاش اسان جا آهن،
ظالمن ظلم جي هت باهه آ ٻاري ڌرتي.
روز لڙڪن تي لکيم آرزو مرڪن جي رکيم،
تنهنجي زاهد ائين آ عمر گذاري ڌرتي.