پُڇي ٿي مون کان سفر ۾ حسين هر وادي،
ڇو هيل ساڻ توسان ناهي تنهنجي شهزادي.
قدم قدم تي حُسن قيدي آهي رَسمُن جو،
اکين کي عشق ڪرڻ جي به ناهي آزادي.
مِلي، ٿي جيڪا! چوي ٿي غلام ٿي رهندين،
جي منهنجو پيارُ ٿو گهُرجئي ته شرط ٿئي شادي.
دلين ۾ صاف سچو احترام رکڻو آ،
سواءِ پيار جي شادي به آهي بربادي.
ڳڻيئون نٿا هتي انسان ڪيترا آهن،
وڌائيندا ٿا وڃئو روز پنهنجي آبادي.
نه جنهن به وقت جي مزاج کان شعور وتو،
ستم سهڻ جي اُها قوم ٿي وئي عادي.
سَببَ سُڪون جا زاهدَ فقط ٻه ٿو سمجهان،
رکيم خلوص کي بهتر ۽ طبيعت سادي.