هٿن ۾ پيار سان محبوب جو تحفو رکجو،
دلين ۾ عشق سان گڏ سنڌ جو نقشو رکجو.
جي پنهنجي روح کي راحت ۾ رکڻ چاهيو ٿا،
ته پنهنجي ذهن ۽ ضمير کي پنهنجو رکجو.
جُدا ٿيو ٿا مگر ڪنهن به موڙ تي ڪنهن پل،
ٺهڻ گهُرئون ته ڪوئي ٺاهه جو رستو رکجو.
اسانجي لاءِ پنهنجي قيمتي حياتيءَ مان،
ڪڏهن ڪڏهن ته ملڻ لاءِ ڏينهن ڪو رکجو.
ڪئي وئي آ غريبن لئه مهانگي ماني،
ڪفن جو اَگهُه خُدا واسطي سستو رکجو.
سچن جو سَچُ جهڪائيندو جبر کي زاهدَ،
سدائين چاهُه پنهنجي، ساهَه ۾ سَچو رکجو.