وقت ويچار کي سڏيندو آ،
پيار ئي پيار کي سڏيندو آ.
آڏو ايندڙ حسين هر چهرو،
منهنجي اظهار کي سڏيندو آ.
چاهتن ۾ چڙهي پهاڙن تي،
عشق اقرار کي سڏيندو آ.
دانهن جيڪو ڪندو آ دردن ۾،
دوست دلدار کي سڏيندو آ.
سانت جي مهل ساز جو هر سُر،
گيت گونجار کي سڏيندو آ.
هر سول اسپتال ۾ ويهي،
موت بيمار کي سڏيندو آ.
روز گلڙن جي آس ۾ زاهدَ،
هانءُ هٻڪار کي سڏيندو آ.