”ٻه قافيو غزل “ نئون تجربو
جڏهن اندر ۾ ڪي سُهڻا سوال اُڀرن ٿا،
تڏهن ڪي ذهن مان خاصا خيال نڪرن ٿا.
اُتي دلين ۾ ٿيون چاهت جون روشنيون چمڪن،
جتي اکين ۾ حُسن جا جمال جرڪن ٿا.
فڪر ۽ فن سان ڀرپور شاعري ٿا ٻُڌئون،
مُشاعرن ۾ ڪوين جا ڪمال ڏسجن ٿا.
لڪائي، نوٽ گهرن ۾ رکن ٿا ڪامورا،
لڳن ٿا ڇاپا ته رشوت جا مال وکرن ٿا.
سَوَڙِ به ڪونهي سياري جي مُند آئي آ،
ڏڪن ٿا لِڱ غريبن جا حال تڙپن ٿا.
صدين کان سنڌ جي ماڻهن جا هر قدم زاهد،
ڏکن جي ڏيهه ۾ سورن جا سال گُذرن ٿا.