ڪتاب جو نالو: وڻ وڻ منجھان واس
مصنف: گڏيل شاعري
ڇپائيندڙ: سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2018
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 18 جون 2020 ع
پڙهيو ويو: 693 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 156 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
. ھي ڪتاب ڪاڇي (جوھيءَ) جي شاعرن مير محرم لغاري، خادم حسين جسڪاڻي، سڪندر اُداس لُنڊ، زين کوسي ۽ گهايل لغاريءَ جي شاعريءَ جو گڏيل مجموعو آھي. ڪتاب جي سھيڙ گهايل لغاري ۽ زين کوسي ڪئي آھي. علي دوست عاجز لکي ٿو:
”ڪاڇي (جوهي) جي خوبصورت شاعرن جِي شاعريءَ جو هي مجموعو ڏسي، مون جڏهن ان جي ورقن کي وَرائڻ شروع ڪيو، تڏهن منهنجي اندر جون سموريون دريون، هڪ هڪ ٿي ڪاڇي ڏانهن کُلڻ لَڳيون، جن مان ڪاڇي جا اُٺا، توڙي اڻ اُٺا واسَ ساهَن کي واسَڻ لڳا- مون خيال ئي خيال ۾، هڪ هڪ نظاري کي، اهڙي ته احترام سان، اکين سان لائي، چپن سان چُميو، جيئن ماڻهو، خانهءِ ڪعبه جي ڪُنڊ ۾ لڳل حجر اَسود کي چُمندا آهن. ڪاڇو به ته ائين ئي، حجر اَسود وانگر کير ٿر جبل جي ڪڇ ۾ رکيل پَٽن، پوٺن، وارِي ۽ ٽاڪرِ وارو علائقو وارِي ۽ ٽاڪرِ وارو آهي!“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • اداري پاران
  • مهاڳ: جوهيءَ جا جَر ڦُل!
  • مير محرم لغاري

  • ڄاڻ سڃاڻ
  • لفظ اهڙا ته تو ڳالهايا هن
  • زندگي حادثا هِڪو پاڙو،
  • زندگي چپ چاپ ايئن گذري پئي،
  • دم ڏئي ويو دوا ٿيڻ تائين،
  • وار پيشاني تان واريو ڪجهه نه ڪجهه،
  • غم جي خمار ۾ آ ڪيڏو مٺو سُرور،
  • تون جو ڦولار پويان ڦٽين ٿي پرهه!
  • جو زندگي گذاريندو غم ڪري ڪري،
  • اک تنهنجي بيان کان ٻاهر،
  • پليان پيار کان سا به دل شاعراڻي،
  • لفظ ڪهاڙا، جملا ڀالا، لهجا مارن ٿا،
  • محبت، حسن، جواني، جلون جي حد ختم،
  • سج به ٿڪجي ٻڏي ٿو پهاڙن پٺيان،
  • چوٽ جي موٽ ۾ ملي ڪوتا،
  • سونهن آدرش آجپي وانگيان،
  • شاعراڻي خيال وانگر شاهڪار،
  • جذبن جي نه جھل گاج، نه رک سير قيد ۾،
  • حياتي گھڙيءَ جو ڳهر ئي ته آ،
  • گھاوَ ڀرجن نه کڻي مرهم کان،
  • شعر ناهي سهيڙجي ته ڪِئين،
  • ڪاش! ڪنهن کي سڃاڻون مَرڻ کان اڳي
  • خادم حسين جسڪاڻي

  • ڄاڻ سڃاڻ
  • وار کليل هن رئو ئي ڪونهي
  • نفرت جو ذهنن جي اندر ڄارو ٿي ويو آ،
  • زماني جي هرهڪ ڪهاڻي ڏٺئي!
  • گاج تو وٽ وهي، ڄڻ ته مهراڻ آ،
  • جيت تي مُرڪي، ۽ سڏڪي هار تي،
  • سر تي آئي ماڻهو آ، ڇا ڇا ڪندو!
  • منهنجي به يارو آهي هي خاڪ طبيعت،
  • شيشي جي دل ۽ پٿر ميڙين ٿو جھول ۾،
  • مُک مُک تي مُرڪ جو موڙ هجي،
  • ظاهري هو شهر ۾ رهندو آ،
  • هر نئين عيد تي هر نئين سال تي،
  • وقت نه ڪنهن سان وير ڇڏيندو،
  • هُو دل جو ايڏو سخت نه هو،
  • تون پاڻ کان ڌار جو ڀانئين ٿو،
  • ڳالهيون کريون ڪجن يا ڪي شڪ لڪائجن،
  • تُنهنجي صُحبت جو هي اثر هوندو،
  • بُک سُک ڪاٽِي روزن آڙ ۾، خوب نڀائي، سوچي ٿو،
  • وڇونءَ وانگي هر پل هڻن ڏنگّ ماڻهو،
  • ڪکائون گھر هوا سان وير، سياڻو ٿي!
  • گيت
  • گيت: هرڪو الڳ ٿو سوچي آهُون جُدا جُدا
  • سڪندر علي لنڊ

  • ڄاڻ سڃاڻ
  • پيار جو ڪو راڳ ڇيڙجي
  • سنڌ تنهنجا ڇا الم لکان،
  • سنڌ جيجل جي گھيڙن گھٽن تي لکان،
  • هن سنڌ جي نيڻن مان رڳو ڳوڙهو ڳڙي ٿو،
  • ڪيڏي راحت آ تنهنجي لوليءَ ۾،
  • اڄ سونهن ڪائي پسجي جيئن سوچ من جي مٽجي،
  • سچ سڀن کي ٿو هتي وڻي،
  • شاعري هڪ حسين فن آهي،
  • خوف دهشت جاڳي پيوٿو من منجھان،
  • پيار جي پينگهه تي ٿي جواني لڏي،
  • نه کيڏو خون جي هولي،
  • خواب ۾ پئي ڏٺم حور ڪمري اندر،
  • ڪو به منظر نه تو سوا وڻندو،
  • شاعري پنهنجي لاءِ ماني ٿئي،
  • ڳوٺ دلڪش پرين اباڻو هو،
  • محبت ۾ ائين دل رولجي ٿي،
  • جي هلبو فاصلا ڪٽبا،
  • اوهان کان پوءِ ٿي نيري،
  • هير ٿڌڙي مٺا گھُلي آهي،
  • محبت سان اچي وئي زندگي ۾ روشني آهي،
  • شاعري اناج ٿي پوي
  • زين العابدين کوسو

  • ڄاڻ سڃاڻ
  • وسارڻ هجي ها جي سولو وساري ڇڏيان ها
  • جيون سارو سڏڪا آهون،
  • ڪمرو، تصويرون ۽ تنهائي،
  • گل ٽڙي پيا پرهه ڦٽيءَ جو،
  • ايڏو ڇا لئه ويٺو آهين اداس،
  • حسينن کان ڪبي ڪهڙي شڪايت،
  • گهر جا ڪمرا خالي خالي،
  • روڪ پنهنجي سار جي تون ڇاڙ کي،
  • ڳاڙهن ڳلڙن مان جرڪي پيو ٿو جوڀن،
  • سال صديون ٿي ويا،
  • مزو ناهي نظارن ۾،
  • هُو نچي جڏهن ڇير پائي پير ۾،
  • روز ساريندو هوندين مٺا،
  • ڪنهنکي چاهڻ ڏوهه ته ناهي،
  • پياري پنهنجي پريت ڪهاڻي،
  • ڪوڙي دنيا ڪوڙا ماڻهو،
  • تنهنجي مجبوري سمجهان ٿو،
  • پيار ڏئي پو ڌار ڪرڻ کي ڇا چئجي،
  • دل ٿي منهنجي باغ بهار،
  • منهنجا سارا خط ساڙي ڇڏ،
  • وائي
  • غلام حيدر گهايل لغاري

  • ڄاڻ سڃاڻ
  • درد جوڀن جو روپ بدلايو
  • يادن جو پڙلاءُ ڏئي ويو،
  • پيار مونکي انيڪ ڏي پيارا،
  • سونهن ڪيڏو سرور آندو آ،
  • منهنجي دل جي جناب خاني ۾،
  • پاڻ هن جي نهار ٿي پياسين،
  • ٻري مون ڪئي روشنائي زمانا،
  • وقت جي گهڙيال جي ٽِڪ ٽِڪ،
  • پنهجائپ جا رشتا ٽانڊا،
  • سڪ ۽ پيار مان سڏي ڪوئي،
  • وڇوڙي ساهه ساڙيو آ،
  • درٻار عشق جي ۾ مهمان ڪيترا،
  • وقت جو انتظار ٿا ڪريون،
  • اسان وٽ سونهن آئي آ، لڳي ٿو عشق ڀي ايندو،
  • دوستي ۾ دغا ڏسان ويٺو،
  • سونهن ڏي دل رسا ڇنائي ٿي،
  • نيڻ تنهنجا خمار آڇين ٿا،
  • مون مان هُن جو ڌيان مٽجي ويو،
  • اسان ڪنهن انتظاري ۾،
  • حياتي سوڀاري ڪندو هل پرين،
  • وائي
  • بئڪ ٽائيٽل پيج

  • حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ

    ڪتاب نمبر 138

    حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ

    ڪتاب جو نالو: وڻ وڻ منجهان واس
    موضوع: گڏيل شاعري
    سهيڙيندڙ: گهايل لغاري/زين کوسو
    ڇاپو پهريون: ڊسمبر 2018ع
    ڪمپوزنگ@ٽائيٽل: سعيد سومرو
    ڇپيندڙ: سمبارا پبليڪيشن
    سيد آرڪيڊ آفيس نمبر 8 عبرت گهٽي گاڏي کاتو حيدرآباد
    03003513966
    ڊجيٽل ايڊيشن: 2020ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گھر
    books.sindhsalamat.com
    مُلهه: 240 روپيه



    WAN WAN MANJHAN WAS
    (Joint Poetry)
    Collected: GHAYAL LEGHARI/ZAIN KHOSO
    Sambara Publication Hyderabad
    03003513966


    ڪـتـاب مـلـڻ جـا هـنـڌ:
    ڪنگ پن بڪ هائوس پريس ڪلب، حيدرآباد.
    سمباره/ڪنول بڪ شاپ، سيد آرڪيڊ، گاڏي کاتو- حيدرآباد.
    رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو – سليمان برادرس، نواب شاهه
    انڊس ويلي بڪ شاپ، دادو – مدني بڪ اسٽور، دادو
    سنڌيڪا ڪتاب گهر سکر - ٿرڪتاب گهر، مٺي.
    ڪويتا ڪتاب گهر، حيدرآباد. تهذيب بڪ اسٽور، خيرپورميرس – مهراڻ ڪتاب گهر، سانگهڙ، سراج بڪ اسٽور، قنبر


    ارپنا

    ڪاڇي جي سونهن ۽ سڃاڻپ

    طالب لغاري
    ۽
    جاني اسحاق ملاح
    جي نانءُ


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”وڻ وڻ منجهان واس“ اوهان اڳيان حاضر آهي. ھي ڪتاب ڪاڇي (جوھيءَ) جي شاعرن مير محرم لغاري، خادم حسين جسڪاڻي، سڪندر اُداس لُنڊ، زين کوسي ۽ گهايل لغاريءَ جي شاعريءَ جو گڏيل مجموعو آھي. ڪتاب جي سھيڙ گهايل لغاري ۽ زين کوسي ڪئي آھي. علي دوست عاجز لکي ٿو:

    ”ڪاڇي (جوهي) جي خوبصورت شاعرن جِي شاعريءَ جو هي مجموعو ڏسي، مون جڏهن ان جي ورقن کي وَرائڻ شروع ڪيو، تڏهن منهنجي اندر جون سموريون دريون، هڪ هڪ ٿي ڪاڇي ڏانهن کُلڻ لَڳيون، جن مان ڪاڇي جا اُٺا، توڙي اڻ اُٺا واسَ ساهَن کي واسَڻ لڳا- مون خيال ئي خيال ۾، هڪ هڪ نظاري کي، اهڙي ته احترام سان، اکين سان لائي، چپن سان چُميو، جيئن ماڻهو، خانهءِ ڪعبه جي ڪُنڊ ۾ لڳل حجر اَسود کي چُمندا آهن. ڪاڇو به ته ائين ئي، حجر اَسود وانگر کير ٿر جبل جي ڪڇ ۾ رکيل پَٽن، پوٺن، وارِي ۽ ٽاڪرِ وارو علائقو وارِي ۽ ٽاڪرِ وارو آهي!“

    هي ڪتاب سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد پاران 2018ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون غلام حيدر گهايل جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    اداري پاران

    موجودہ دور ۾ شاعرن جو وقت بوقت وڌندڙ ڳاڻيٽو نھايت خوش آئيند ۽ وقتائتو ان ڪري به آهي جو سنڌ جو باشعور نوجوان طبقو پنھنجي تخليقي ۽ تعميري صلاحيتن کي اجاڳر ڪرڻ جو فن خوب ڄاڻي ٿو. اهوئي سبب آھي جو گذريل ٿوري عرصي ۾ خاص طور گڏيل شاعرن جي شاعري جا ججھا ڪتاب منظر عام تي اچي چڪا آهن ۽ انھن کي ڀرپور موٽ به ملي آهي. جنھن جو ڪريڊٽ انھن سھيڙيندڙ جوهري تخليقڪار ڏانھن ئي وڃي ٿو، جيڪي جديد شاعرن جي موتين مالھا کي پوئي هڪ خوبصورت هار جي شڪل ۾ اسان سامھون آڻين ٿا. سنڌي ٻوليءَ جي بھترين سرجڻھارن گھايل لغاري ۽ زين کوسي جو ترتيب ڏنل ھي ڪتاب ”وڻ وڻ منجھان واس“ پڻ ساڳئي تسلسل جي ھڪ ڪڙي آھي. جنھن ۾ ٻنھي ليکارين سنڌي شاعريءَ مان پاڻ سميت ٽي ٻيا چونڊ شاعر گڏ ڪري اهڙو گلدستو جوڙيو آهي، جنھن جي مختلف ۽ دلفريب مھڪ جو ھڳاءُ يقينن پڙهندڙن جي ذهني وسعتن کي سيراب ڪرڻ جي سگھه سان سرشار آھي.
    ھن ڪتاب ۾ شامل ھڪ هٿ جي آڱرين جيترن سنڌ جي ڀلوڙ شاعرن ھر ھڪ مير محرم لغاري، خادم حسين جسڪاڻي، سڪندر اداس لنڊ، زين کوسي ۽ گهايل لغاريءَ جي شاعريءَ ۾ عميق احساسن جي اپٽار سميت فڪري ۽ فني خوبين جا ڪرڻا زندگيءَ جي معاشرتي پھلوئن جي بہ عڪاسي ڪن ٿا ته داخلي ڪيفيتن کي به پنھنجي ڍنگ سان نمودار ٿي پنھنجي ڀرپور موجودگيءَ جو احساس جتائين ٿا. سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي خدمت لاءِ پاڻ پتوڙڻ جو جذبو رکندڙ ھن ٻنھي ڪوتاڪارن گھايل لغاري ۽ زين کوسي جي محبتن ۽ محنتن تي کين جس ڏيڻ گھرجي، جن پاڻ سميت ٻين ساٿي شاعرن کي به اتساھ بخشيندي ايڏو مانُ ڏئي سندن ڪوتائن‏ کي نه فقط منظر عام تي آندو پر ھميشه لاءِ محفوظ پڻ ڪري ورتو. اميد ته سندن هن پھرين اشاعتي وک کي ساڳي محبتي موٽ سان نوازيو ويندو.

    ساجد سنڌي
    سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد


    مهاڳ: جوهيءَ جا جَر ڦُل!

    ڪاڇي (جوهي) جي خوبصورت شاعرن جِي شاعريءَ جو هي مجموعو ڏسي، مون جڏهن ان جي ورقن کي وَرائڻ شروع ڪيو، تڏهن منهنجي اندر جون سموريون دريون، هڪ هڪ ٿي ڪاڇي ڏانهن کُلڻ لَڳيون، جن مان ڪاڇي جا اُٺا، توڙي اڻ اُٺا واسَ ساهَن کي واسَڻ لڳا- مون خيال ئي خيال ۾، هڪ هڪ نظاري کي، اهڙي ته احترام سان، اکين سان لائي، چپن سان چُميو، جيئن ماڻهو، خانهءِ ڪعبه جي ڪُنڊ ۾ لڳل حجر اَسود کي چُمندا آهن. ڪاڇو به ته ائين ئي، حجر اَسود وانگر کير ٿر جبل جي ڪڇ ۾ رکيل پَٽن، پوٺن، وارِي ۽ ٽاڪرِ وارو علائقو وارِي ۽ ٽاڪرِ وارو آهي!
    ڪاڇو ڪيترن ئي زمانن کان، کيرٿر جِي ڳچيءَ ۾ پاسي تي ڀرت ڀريل پهراڻ وانگر پيل آهي، جنهن تي ٽاڪيل ڪاوَن جا، هاڻ رڳو نشان وڃي بچيا آهن- ۽ ڀرت ڪڏهوڪو اُڊڙي، اُجڙي چڪو آهي. اُڃارا هرڻ رُڃن ۾ ڊُڪي ڊُڪي ملوڪن جو شڪار ٿيندا پيا وڃن. ڪُونجن جا ڪرڳل سُڻيي سال لڳيو وڃن- سرنهُن جي مُند ۾، تلُورن جي تاڙَ ۾ ويٺل عرب شهزادن جا خيما، ايئن کوڙجي ويندا آهن، جهڙا مِنا ۾ مسافر حاجين جا تنبو هجن!
    سچ به، ڪاڇي جي ڏرا ڏئي ويل اکين سان اکيون ڪير ملائي! ڪاڇي کي رُڳو ڪڪرن جي بيوفائيءَ جو ارمان ڪونهي، پر انهن پکين ۽ وڻن جو به افسوس آهي، جيڪي وڍجي، وِڪامجي، سڙي سُڪي ويا ۽ پکي الائجي ڪيڏانهن اُڏاڻا هليا ويا!
    ماڻهو ۽ مال آهن پاڻيءَ سان- پکي ۽ پريت آهي وري ماڻهوءَ سان! گاج (نئن) کي الائي ڪهڙو غم کائي ويو! دِلان، ٻُوري، سالاري، سول ۽ ٻيون سوين اُڃاريون نديون (نيُون) واري ۾ وات وجهيو، اَڌ مُيون ٿِي، پٽن جي پاسن ۾، پيٽ اُگهاڙيون پيون آهن.
    نديُن ننگا ٿيو پَون، پاڻيءَ ڌاران پيٽ!
    ندين جو پيٽ، پاڻي ئي ته ڍڪيندو آهي! جي ساهُه سنگتياڻيءَ سان ٿو سُونهين، ته درياههَ به پاڻيءَ سان ٿا ٺهن!
    آءٌ سوچيندو آهيان، ٿَر جي ڀِٽُن کي ته ڪيئي ڀانَ مليا آهن، مائي ڀاڳيءَ کان وٺي مائي ڌائِي تائين. مراد فقير کان وٺي صادق فقير تائين، موهن کان وٺي شفيع فقير ۽ رفيق فقير تائين! پر ڪاڇي جو ڪير هو!؟
    توڙي جو اهڙي ڳالهه به ڪانهي، جو ڪنهن وڍيل جي وايُن ۽ ڪُٺلِ جي ڪُوڪن کي، ڪَنايو نه هُجي- ايئن لڳندو آهي، ڄڻ ڪيئي ڪَڻڇين جهڙا ڪَوي، پنهنجن چُنهنبن ۾ پاڻيءَ جا ڦڙا کنيون، ابراهيم جي آڙاهه کي اُجهائڻ جا جَتن ڪري رهيا هجن! تنهن هوندي به اڃا تائين اُڃيا کُوهَه پاڻي پاڻي پيا پُڪارين، ٻرندڙ ٻيلو دريا دريا پيو ڪري!
    حيرت لڳندي آهي، جڏهن ڪاڇي توڙي ٿَرَ ۾ بنا برساتن جي به ڪيترا وڻ، سدا ساوا نظر ايندا آهن- ايئن ڪَلا کيتر ۾ به ڪيترائي ڪَوي ۽ لِکاري به سدا ساوا پيا نظر ايندا آهن! ڀلي اُهي هڪ ٻئي کي ويجهو آهن يا پري پري- پر اُهي پاڻيءَ جي مِٺن چشمن وانگر ڏَسجن ۽ ٻُڌجن ٿا- جتان ڪيئي پاڻياريون وَر ور ڪيو، دِلا، اويون (کليون) ڀريو، پِيئن پيارين پيون. ادب ۽ آرٽ جي اُڃ به عشق جي اُساٽ وانگر آهي، جنهن مان پيتي نه ٿو ڍاپجي-
    سمنڊ مُنهن ڪيان، ته سُرڪيا ئي نه ٿئي!
    ڪَلام ۽ ڪهاڻين جي ڪَويسَرن جا ڪيترا نالا ڳڻائجن! ڪَڪرن جا نالا ڪهڙا...! ڪڪر جڏهن وسڻ ٿا لڳن، تڏهن ٽڪرين جون دليون به ڌڙڪڻ شروع ڪريو ڇڏين! سچ ته، آرٽ به اهو ئي ڪم ڪندو آهي- ۽ اهڙا ڪيئي معجزا رڳو عشق ڏيکاريندو آهي يا ته آرٽ سرانجام ڏيندو آهي!
    ڇا انهن آرٽسٽن جي آبيارِي، ڏک، اداسي ۽ اڪيلائي ٿي ڪري!؟ يا اهو اهتمام قدرت پاڻ ٿي ڪري!؟ جو پَٽَ ۽ پوٺا ته پاڻيءَ لپ لئه پريشان هوندا آهن، پر هنن جون اکيون برسات ۾ وهي آيل نيُن وانگر، وَڪُڙن (بندن) تان اُٿلي وَهي پونديون آهن!
    اهو ايئن ئي آهي، جيئن آءٌ چوان ٿو، جي نه، ته انهن کان پُڇي ڏسو، جن طالب لغاري، احمد خان مدهوش، لياقت علي لياقت، جاني اسحاق، عزيز ڪنگراڻي، خليل عارف، آس ٻٻر ۽ طالب قنبراڻي کي ٻُڌو آهي!
    ڀلا اُنهن جي ڏات کي ڪهڙي ماتِ، جن تي لُکون ۽ جهولا به سانوڻ جا مِينهن بنجي ٿا برسن! ايئن لڳندو آهي، ڄڻ چيٽي چانڊوڪيون، انهن جي هِنيانوَ ۾ هٿ وِجهڻ بدران، انهن جي ڏات کي، پاڪ پاڻيءَ ۾ وِهنجاري مٿن نالو رکي ڇڏينديون هجن!
    نئين دور جو هٿ جهلڻ جي باوجود، پنهنجي ورثي جي وارثي به ڪوئي ناهي ڇڏيندو- ڪلا وارن جا وارث ڪلا وارا ئي هوندا آهن. جنهن کي وري اڃا اڳتي وڌائڻو هوندو آهي!
    ان ڳالهه جو افسوس ضرور ٿئي ٿو ته، اسان ماڻهن کي تخليقي ورثي سان گڏ رُڃ ۽ اُڃ به پلئه پوندي ٿي رهي-
    مونکي ماروئڙن، سُڃَ ڳڻائي سِيج ۾!

    مير محرم لغاري:

    مِينهن کي چئجو، هاڻ اچ به کڻي،
    هوريان هوريان، لڏي پيو پاڙو!
    برساتن نه پوڻ جي ڪري ڪاڇي واري علائقي ۾ جيڪا بيوسي ۽ ڏک واري صورتحال بنجي ٿي، ان کي جيڪڏهن ٻِن سِٽُن ۾ بيان ڪجي، ته ان کان وڌيڪ ڇا ٿو چئي سگهجي! برسات ناهي، پاڻي ناهي، زندگي ناهي، ساوڪ ناهي، مال جو چارو ناهي، ته پو ماڻهو لڏيندا نه ته ڇا ڪندا! مِلائيندا ته مِينهن هِن نه! ڏُڪارين حالتن کي هي شعر اهڙي زورائتي احساساتي انداز سان ٿو پينٽ ڪري، جنهن جو پينافليڪس ٺهرائي چونڪ تي لڳائي ڇڏجي.
    مير محرم سرائڪي شعر به تمام خوبصورت انداز سان لکڻ جي صلاحيت رکي ٿو- مان سمجهان ٿو، ڪهڙن به سببن جي ڪري ڪافي خوبصورت شاعر، شاعريءَ مان ايئن هٿ ڪڍي ٿا وڃن، جيئن گهٽ ريج ۽ لاڳيتي برسات نه پوڻ جي ڪري، ماڻهو پوکيل فصل مان، هٿ ڪڍي، ان کي مال کان ڀيلائي ڇڏيندا آهن!
    زندگي حادثا، هِڪو پاڙو،
    پيار، پيڙا جو جيئن جنڊو پاڙو.
    تنهنجي پاڙي جي نانوَ تان صدقي،
    مير ۽ مير جو سڄو پاڙو!

    يار جو پاڙو ته ماکيءَ جو مانارو لڳندو آهي. پر پيار ۽ پيڙا جو به پاڻ ۾ ڪيڏو ڳانڍاپو آهي. استاد چوندو هو، پيار ۽ پيڙ هڪ ٻئي جا پاڙيسري آهن- مير به ساڳي ڳالهه ٿو ٻڌائي، ته انهن جو پاڻ ۾ جنڊو پاڙو آهي.
    مير جي شاعريءَ ۾ پنهنجي تَرَ جا، کوڙ مشاهدا ۽ مشاهدن مان ميڙي گڏ ڪيل تشبيهون آهن. جيڪي هن شعرن جي مالا ۾ مَڻين وانگر پوئي ڇڏيون آهن.
    زندگي چُپ چاپ، ائين گذري پئي،
    ڄڻ اَڳاٽي ٻير آ، جا اُڪري پئي.

    انتظاري جو لغاري کان نه پُڇ،
    سُئي جي دُڪ مان هر گهڙي گذري پئي.
    ٻيريون به ڪي آڳاٽيون، ڪي پاڇاٽيون ٿين. ڪي آرهاڙي جا ٻير به جهلن. انتظار جي گهڙين يعني اُٺن جي قافلي کي ننڍو ڪري سُئيءَ جي دُڪَ يا پاکي مان گذارڻ، اَڻ ڇُهي ۽ اَڻ مُلهي تشبيهه آهي ۽ انتظار جي ساعتن کي سالن کان به گهڻي ڊيگهه ڏياري ٿي ڇڏي. سندس هي تشبيهي شعر پڻ ڪيڏو خوبصورت آهي.
    هوءَ سينگارجي گهران نڪتي،
    تير نڪتو ڪمان کان ٻاهر!
    هن جي شعرن ۾ غربت جا، ڏڪار جا ڏک آهن- خانه بدوشن جون خدا سان، ڪَڙيون شڪايتون آهن، ته ماکيءَ جي مِٺاس ۽ امرت جون ڳالهيون به!
    وارَ پيشانيءَ تان واريو ڪجهه نه ڪجهه،
    کاڄ تان ماکي اُٿاريو ڪجهه نه ڪجهه!

    ماکيءَ جي ڪاريُن مکين سان وارن کي ۽ پيشانيءَ کي ماکيءَ جي کاڄَ مطلب ته مِٺاس ۽ ماکيءَ جي رنگ سان ڀيٽيو ويو آهي- ۽ هڪ نئون رنگ، جنهن کي ماکيءَ جي رنگ طور، متعارف ڪرايو ويو آهي.
    ديد خانه بدوش ٿي رهندي،
    ڪنهن نه ڪنهن دل ۾ گهر ڪرڻ تائين!

    تنهنجا مظلوم پِيڙجي ويندا،
    ديڳ تنهنجي خدا! تپڻ تائين!

    منهنجي نالي ۾ به امرت رس ڀريو،
    مير يا محرم اُچاريو ڪجهه نه ڪجهه.

    هوءَ ته وِڇڙڻ ئي ڄاڻي، لڏي ڳوٺ مان،
    کيس ڪهڙي خبر ٿا سنڀارن پُٺيان!

    روز راتيون ڄڻي ٿيون، مُنجن صُبح ڏي،
    مسئلن جون قطارون قطارن پُٺيان!

    مٿيان شعر، خانه بدوشيءَ جي درد، مظلومن جي پِيڙا، خدا جي ديڳ جي دير سان تپڻ واري شڪايت ۽ هُن جي اهڙي انداز سان وڇڙي وڃڻ واري ڳالهه، ڏک جي لهر اُڀاري ٿا وڃن، جنهن جو تاثر دير تائين اداس بنائي ٿو ڇڏي!

    خادم حسين جسڪاڻي:
    ڳوٺ ۾ خوشبوءِ ويئي ڦهلـجي،
    هن وڌو چولو سُڪڻ لئه تار تي!
    چولي کي تار تي سُڪندو ڏسي، شاعر کي اُن سُڳنڌئي سُپرينءَ جي واسن جو احساس ٿو ٿئي- ۽ هو انهن واسن کي سڄي پاڙي يا ڳوٺ ۾ ڦهلبو محسوس ٿو ڪري- لٽن جي سُڪڻ جو واسطو خوشبو جي ڦهلاءَ سان هجي يا نه هجي، پر منظر کي سُٺو چِٽيو ويو آهي. ٻهراڙين ۾ لَٽن سُڪائڻ ۽ واهن ڪناري مايُن جا لٽا ڌوئڻ وارا ڏيک، حُسناڪين سان ڀريا پيا آهن.
    خادم جسڪاڻي، اهڙين حسناڪين سان گڏ روين، احساسن ۽ تَر جي تڪليفن جي ڪَڙاڻ کي هر شعر جي زبان تي رکي ڇڏيو آهي- ۽ اهڙن روين کي روڪڻ ۽ ٽوڪڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
    مٺي لهجي پُٺيان، ٽُوهن جي واڙي،
    رکين ٿو مَن ۾ ايڏي مير، سياڻو ٿي!
    هن جو اهو خوبصورت شعر ٻڌندڙ، پڙهندڙ جو پاڻ ڏانهن ڌيان ڇڪرائي ٿو. غزل جا هيٺيان بند، شاعريءَ جي رستي تي کنيل مضبوط وِکُن وانگر آهن، جيڪي اڳتي وڃڻ جو ساهس رکن ٿا-
    ڳالهيون کڻي کريون نه ڪجن، شَڪ لڪائجن،
    پر دوستن جا ڪهڙا ڪهڙا ڌڪ لڪائجن!

    تون ٿو چوين ته چاهتون، لوڪان لڪائجن،
    نيڻن ۾ ڪيسين نيٺ ڀلا اَڪ لڪائجن!

    اي وقت! ڪيئن گذري وئين، سوچيان پيو،
    جيون جي ڳل تي تنهنجا ڪٿي چَڪ لڪائجن!

    هُن کي ڏسڻ سان، پل ۾ لهي ڪيئن ٿي ويا‏،
    عُمرين جا هاڻ ڪاٿي اهي ٿَڪ لڪائجن!

    پَٽن تي پکڙيل ٽُوهَه، انهن جون وَليون، ساوا گهاٽا، وڏن پنن وارا اَڪ ۽ انهن جون اڇين، نيرين ڦُلين جو حُسن پنهنجي جاءِ تي، پر انهن جي ڪڙاڻ ٻئي پاسي- اَڪن جي کير جي ڪڙاڻ جو اکين ۾ ڀرجي وڃڻ، محبت جي موٽ ۾ ڏک ۽ تڪليف ڏانهن اشارو ٿو ڪري. چاهتن کي ته لوڪ کان لڪائجي، پر اکين ۾ ڀرجي آيل اَڪن جي ڪڙاڻ کي ڪيڏانهن ڪجي!
    ايئن زندگيءَ جي ڳل تي وقت جا چَڪ، ڪي عاشق جا چڪ نه آهن ۽ نه ئي اهي محبت جي يادگار طور رهجي ويا آهن، پر اهي اهڙي جانور جا چڪَ آهن جن جي لڳڻ سان ويڪسين ضروري ٿي پوندي آهي!
    خادم جا کوڙ سارا شعر سُٺا ٿا لڳن، جيئن ماهوئيءَ جا گُل هوندا آهن، ننڍڙا، نيرڙا!
    جيون آڳر تان هُو گذريو،
    يادن جا ويو پير ڇڏيندو.
    ڳالهه ٿوريءَ تي روئي ٿو اڪثر،
    ڇا هو ڪاري ڪڪر ۾ رهندو آ!؟

    زماني جي هر هڪ ڪهاڻي ڏٺئي،
    اسان جي نه اکين جو پاڻي ڏٺئي!
    ڪنهن شاعر جي شعر وانگر، ماڻهن جا ڏک ڏسي، پنهنجو غم وِسريو وڃي، ان ڪري پنهنجي ڏکَ توڙي محبت کي پنهنجن ماڻهن سان سلهاڙي ڇڏڻ وڏي ڳالهه آهي. ٻيو ڪو ايئن ڪري يا نه ڪري، پر هڪ شاعر لاءِ، اها ڳالهه تمام گهڻي اهميت ٿي رکي! جيڪا اسان کي خادم جي شعرن ۾ ملي ٿي.
    هن جي اک، هن جو احساس رڳو حُسن شناس ناهي، پر نبض شناس به آهي، رڳونينهن نواز ناهي، پر غريب نواز به آهي:
    وار کليل هن، رئو ئي ڪونهي،
    ڇوريءَ کي ڪو ڀئو ئي ڪونهي!

    تن جو سوچيو اٿئي، جن جي،
    گهر ۾ چڙهيو تئو ئي ڪونهي!

    مزدورن جو ڏينهن ملهايئي،
    جن کائي ڪيو ڍئو ئي ڪونهي!

    سڪندر اُداس لُنڊ:
    جي سِبڻ نه ٿو پُڄي ته پو،
    ڪين ڪنهن جو مَن اُڊيڙجي!

    خواب خواب، درد گڏ ڪري،
    شاعريءَ ۾ ٿو سهيڙجي!

    سڪندر علي اُداس، ڳالهه جي ڳنڍ ٻڌي ڇڏي آهي. سڀ ڪو پاڻ ان کي کولي ۽ سمجهي- ماري اهو، جيڪو جياري! ڪجهه پوکڻو آهي، ته پو هر به ڏِجن، نه ته ڪنهن جو اَندر نه اُڊِيڙجي. شاعري، چونڊ لفظن جي ترتيب ۽ ردم سان گڏ ڪم واري ڳالهه به آهي. ماڻهو ڳالهين سان سڃاتو ويندو آهي ماڻهوءَ جو واسُ ڳالهين مان ايندو آهي. ڳايون به ڳالهيون وينديون! شاعر، اديب اهڙيون ڳالهيون چوندا آهن، چرين جون ڳالهيون سياڻا سهيڙيندا آهن-
    ڪو به منظر نه تو سوا وڻندو،
    دل ٽٽل آهي، شهر ڇا وڻندو!

    لفظ ناهن جو مان بيان ڪيان،
    ايترو آهي دلربا وڻندو!

    مٿي ڄاڻايل اداس جي غزلن جي پهرين سٽن ۾ رديف آزاد آهي ۽ پوين ۾ قافيو آزاد رکيو ويو آهي. آزاد قافيي ۾ غزل وڏا ساهَه کڻڻ لڳندو آهي- استاد جو هڪ شعر آهي ته:
    اڄ ته استاد سان آجو اورج،
    ڪيڏو آزاد هو قافيو تنهنجو!

    پر آزاد قافيي جي آزادي ڪيستائين هجڻ گهرجي، ان ڳالهه جي نازڪيءَ جو احساس هئڻ به تمام ضروري آهي! نه ته قافيي کي ڏنل آزادي، ڇُڙواڳي جو شڪار ٿي ويندي!
    ڇُلن ٿيون درد جون ڇوليون اندر ۾،
    غمن ۾ زندگي ڇاڇولجي ٿي!

    زندگيءَ کي نديءَ سان تشبيهه ڏبي آهي، هڪ ته اها وهندي رهندي آهي، ٻيو اها واپس ناهي ورندي- ان ۾ ڇول ڇولان آهي. سڪندر، “ڇاڇولجي” سان “سول جي” قافيو ملايو آهي. قافيي جي اهڙي استعمال واري اها ٽيڪنڪ سُٺي لڳندي آهي- ۽ ڪڏهن شعوري ڪڏهن غير شعوري طور ٻن لفظن کي ملائي مرڪب لفظ ٺاهڻ جو ڪم ڏئي ويندي آهي. “سول” نئن جو نالو آهي، ان سان جَي، مطلب جيڪڏهن، شرطيه، Conditionalلڳائي ويو آهي.
    تڏهن ڪشمير ٿي پوندو آ ڪاڇو،
    وهي برسات ۾ نئن سول جَي ٿِي!
    مقصد ڪاڇو تڏهن ئي سرسبز ۽ خوشحال بنجي پوندو آهي، جڏهن برساتون پونديون آهن، ۽ سول توڙي گاج ۽ ٻيون نيون وهي ايندون آهن.
    سڪندر جي ان غزل جو هيٺيون بند نهايت خوبصورت، رواني ۽ سلاست سان ڀرپور آهي، جنهن ڪري غزل جي جان ۽ مُنفرد لهجي جي صدا بنجي پيو آهي!
    ائين لڳندو آ، ڄڻ غلطي ڪئيسين،
    جڏهن ڪا ڳالهه دل جي کولجي ٿي!

    شاعري شعور جي ۽ موسيقي روح جي غذا آهي. پر جتي بُک ۽ بدحالي آهي، اُڃ ۽ سُڃَ آهي، اُتي هڪ دردمند شاعر سوچي ٿو، چاهي ٿو ته، ڪاش سندس اکين جا لُڙڪ پاڻي ٿي پون، جيڪي اُڃي تَر جي اُڃ اُجهائن ۽ سندس شاعري ماني جو ڳڀو بنجي پوي، جيئن بک ۽ بدحالي گهٽجي يا ختم ٿي سگهي!
    شاعري اناج ٿي پوي،
    هي سُکيو سماج ٿي پوي!

    موت کان ڇو اڳ مري غريب،
    سستو جي علاج ٿي پوي!

    ڇو ڪڏهن اوهان جو اي پرين!
    ٿو تِکو مزاج ٿي پوي!

    زين کوسو:

    شاعري ريساري به آهي ۽ ساڙولي به، اها پورو ڌيان ۽ وقت گهري ٿي- نه ته رُخ گهٽ ٿي ڏئي. شاعريءَ کي جنهن نمبر تي رکبو، اها شاعر کي پاڻ کان هڪ نمبر پوئتي رکندي. شاعري به هڪ رويو آهي، محبت وانگر- شاعر جي پرک، شاعري مان ڪري ٿي سگهجي- رويو ڪهڙو؟ اهو ته:
    اسان جو خير آهي، جي مُئاسين،
    هجين سهڻا! سدائين تون سلامت!
    جيئن چندر چوندو هو، رُٺائي رهن، پر هجن شل حياتي! سِٽ کڻڻ سان جنس جو اندازو ٿي ويندو آهي- زين جي شعرن سان ملي، سندس حال به اکين اڳيان گُهمي ٿو وڃي. جيئن چهرو ۽ اکيون اندر جو احوال ٻڌائينديون آهن. تيئن شاعري به زندگيءَ جا سچَ سُڻائي ويندي آهي، ۽ سندس چهرو ظاهر ڪري ڇڏيندي آهي- ڳالهه لڪائي ڪبي آهي، تڏهن به سمجهڻ وارا سمجهي ويندا آهن.
    سال صديون ٿي ويا،
    پيار پَتيون ٿي ويا!

    هو نه اڃا آيو،
    چيٽَ ڪَتيون ٿي ويا!
    مُندون ته چار ٿيون چيون وڃن- ڪي ان ۾ پيار جي به موسم ڳڻائيندا آهن. ٿائيلينڊ ۾، هڪ گائيڊ ٻڌايو ته، اسان وٽ ٽي موسمون آهن! پر سنڌ ۾ سدائين ٻن موسمن جو ذڪر ٿيندو آهي-
    هاڙهه سيارو، ٿڌي ڪوسي. آبادي جي لحاظ کان چيٽ ۽ ڪَتي- بهار جي ڏينهن ۽ راتين کي به چيٽ ڪري ڳايو ويندو آهي، جو چيٽ جو مهينو بهار واري مُند کي ڪَور ڏيندو آهي.
    هُو نه اڃا آيو،
    چيٽ، ڪَتيون ٿِي ويا!
    مطلب، انتظار ڪندي چيٽ ۽ ڪتيون گذري ويا، پر هُو نه آيو، سو نه آيو! شاعري هم ڪلامي به هوندي آهي، پر گهڻو ڪري ماڻهو ٻئي سان ضمير حاضر ۾ ڪلام ڪندو رهندو آهي- دنيا کي پاڻ کان ڌار ڪجي، ته باقي سڀ “تون” ٿو رهجي وڃي! تنهن ڪري ڪلام جو وڏو حصو ضمير حاضر سان ڳالهيون ڪندي، نظر ايندو آهي.
    زين کوسو به اسان کي پنهنجي ڪلام ذريعي، پنهنجي پرينءَ سان، دنيا جهان سان- ڪيئي ڳالهيون ڪندي نظر ٿو اچي. اچو ته سندس ڳالهيون ٻڌي اِنجواءِ ڪيون ۽ واهه واهه ڪريون!
    دل کي ايڏا درد نه ڏي تون!
    دل آهي، ڪو روهه ته ناهي!
    ڀاڪُر بوسا، ڪوسا ڪوسا،
    مون ڏي، تنهنجا کوڙ اُڌارا!

    پنهنجي پيرن هيٺيان پيارا،
    جذبا ايئن نه لتاڙي ڇڏي!

    دل جو هلَڪو بار، ڪرڻ لئه،
    زين، ٻه ڳوڙها هاري ڇڏ!

    گهايل لغاري:
    غلام حيدر گهايل لغاري، هن مجموعي جو شاعر ۽ مرتب آهي. ادبي سنگت جو جاکوڙي ڪارڪُن به آهي- زين به ساڻس گڏ آهي. گڏيل مجموعن جو رواج هلندو ٿو اچي- پڙهندڙ کي وِرائٽي مليو وڃي- اهڙو مجموعو انگورن جي ڇُڳي وانگر هوندو آهي-
    غلام حيدر جو ڪلام وزن ۾ پڪو پُختو آهي- سندس سِٽُن ۾ سادگي به آهي ته رواني به- طنز به آهي ته رمز به. ڳالهيون کُليون کُليون ۽ سِڌيون آهن- مِينڍ ۾ مارئي ڳايل ڪانهي! مَن تي مُونجهه آهي، ته مامرا به پڌرا ڪري ڇڏيا اٿائين!
    پنهنجي خوابن جو موت ٿي پيو آ،
    اڄ تڏهن سوڳوار ٿي پياسين!

    سُونهن! تنهنجي هٿان محبت ۾،
    جيت هوندي به هار ٿي پياسين!

    هن جا اهڙا ڪيئي گهايل شعر آهن، جيڪي پنهنجي نسبت غلام حيدر سان ٻڌائن ٿا.
    جڏهن سچ چوڻ دوستن کي لڳاسين،
    ڏنگيندي رهي، هيڪلائي زمانا!

    درياهه درد جو هي سيلاب آڻيندو،
    هِن ساهه کي ٻُڏڻ جا امڪان ڪيترا!

    ملندين ته دوست! پاڻ ئي محسوس تون ڪندين،
    گهايل جي دل ۾ آهن، ارمان ڪيترا!

    مضبوط قافيو، غزل جي ٻَڌ کي مضبوط ٿو بنائي- ايئن رديف به اڻ ڇُهيل هوندو، ته ان ۾ نواڻ نظر ايندي.
    ساڳين قافين ۽ رديفن جي هيل تائين ايڏي لَتاڙ ٿي آهي، جو نقاد ناراض نه ٿين ته، مورڳو اهڙن قافين ۽ رديفن کي حرام قرار ڏئي ڇڏجي! جيڪڏهن غزل لاءِ قافيي ۽ رديف جو هئڻ لازمي آهي، ته ڇا اهو به ضروري آهي، ته جيترا قافيا ملن غزل کي ايتري ڊيگهه ڏجي!؟
    غزل ۾ قافيي جي سخت بندش جي ڪري شاعرن بغاوت ڪري آزاد قافيو آندو، دل چوي ٿي هاڻي گهڻو چوڙيل قافين خلاف به اهڙي بغاوت ٿيڻ گهرجي! غزل جي حوالي سان، ڪي بحر ته سرل ۽ سهنجا آهن، جن ۾ رڌم ۽ رواني آبشار جهڙي هوندي آهي، پر ڪي بحر واريءَ جي پنڌ جهڙا هوندا آهن، انهن تي ڪلام لِکي وڃڻ ته هڪ ڳالهه آهي، پر ان ۾ ڳراڻ ايڏي هوندي آهي، جهڙوڪ، گيهه جا ڍُڪ پيا ڀرجن!
    آءٌ ڳالهه کي جنرلائيز ڪندي، قافيي، رديف ۽ بحر وزن جي ذڪر سان گڏ هيءَ به گذارش ڪندو هلان ته، شعر ۾ لفظن جي صحت جو خيال گهڻو رکڻ گهرجي، سِٽَ جي کڻت وقت متحرڪ ۽ ساڪن لفظن جو خيال به ضروري آهي- نه ته سِٽُن جون پاڻ ۾ وِکون ئي نه ملنديون!
    ادب جي بارگاهه ۾ اچي بيهڻ لاءِ ڪنهن کي به جَهل پَل ناهي، پر جيڪڏهن ڪوئي شاعر پنهنجو آواز اياز، استاد، امداد، اقبال يا اسحاق سان ملائڻ ٿو چاهي، ته ان کي پنهنجي آواز ٺاهڻ لاءِ کوڙ سارو رياض ۽ محنت ڪرڻي پوندي. دل سان پورهئي کي قبوليت آهي. سجدو هڪ ئي اَگِهي وڃي، ته وڏي ڳالهه آهي- سِٽَ ڀلي ته هڪڙي هجي، پر اها سونَ جهڙي سَچِي هئڻ گهرجي!

    علي دوست عاجز


    مير محرم لغاري

    ڄاڻ سڃاڻ

    نالو: محرم لغاري
    ادبي نالو: مير محرم لغاري
    پيءُ جو نالو: ميان بخش لغاري
    جنم تاريخ: 9 آڪٽوبر، 1974ع.
    جنم جو هنڌ: ڳوٺ ميان بخش لغاري.
    تعليم: بي.اي.
    ڪرت: استاد.
    لکڻ جي شروعات: 1989ع.
    ڇپجڻ جي شروعات: 1990ع.
    ڇپيل مواد: سنڌ جي مختلف مشهور و معروف اخبارن ۽ رسالن ۾.
    لکيل صنفون: غزل،گيت، نظم، وائي، بيت، ٽه سٽا، هائيڪو، وغيره.
    لکپڙهه جو پتو: ڦلجي روڊ جوهي، ٽپال گهر جوهي، تعلقه جوهي،
    ضلع دادو، سنڌ.
    رابطي جو نمبر: 03003250505


    لفظ اهڙا ته تو ڳالهايا هن

    لفظ اهڙا ته تو ڳالهايا هن،
    نيڻ ڪيڏا نه ڀرجي آيا هن.

    تو جلائڻ شروع ڪيو آ جڏهن،
    مون به سگريٽ پئي جلايا هن.

    ڳاٽ اوچو، الڳ انداز، اصول،
    ڪنهن جي نيڻن کڻي نوايا هن.

    ڪنڌ جيڪي سُتا نه ٻانهن تي،
    بار بُت جي مٿان اجايا هن.

    دوست اونداهه ۾ ڇڏي ويندءِ،
    هي سڀئي روشني جا سايا هن.

    صرف ديدار ڪاڻ آيل لئه،
    هي تو ڇا ڇا کڻي گھرايا هن.

    اڄ ڪفارو ادا ڪريون گڏجي،
    پل جدائي ۾ جي گنوايا هن.


    زندگي حادثا هِڪو پاڙو،

    زندگي حادثا هِڪو پاڙو،
    پيار پيڙا جو جئن جنڊو پاڙو.

    ڳوٺ ۾ انب، سرينهن، نم، ٽالهيون،
    تو بنا ته به ٻُسو ٻُسو پاڙو.

    هو ته پنهنجي ٿلهي تي بيٺو هو،
    خواهه مخواهه ٿيو آهي ڇتو پاڙو.

    تون مان انڌا، انڌي محبت ۾،
    هيءُ سارو نه آ انڌو پاڙو.

    مينهن کي چئجو: هاڻ اچ به کڻي،
    هوريان هوريان لڏي پيو پاڙو.

    تنهنجي پاڙي جي نانءُ تان صدقي،
    ”مير“ ۽ ”مير“ جو سڄو پاڙو.


    زندگي چپ چاپ ايئن گذري پئي،

    زندگي چپ چاپ ايئن گذري پئي،
    ڄڻ آڳاٽي ٻير آ جا اڪري پئي.

    هاءِ! انڊلٺ جيئن دنيا ڇڏبي ڪڏهن،
    وقت جي ٽڪ ٽڪ اندر چچري پئي.

    حسن تي جوڀن لٿو ئي هيل آ،
    ماڪ ۾ مکڙي نئين نکري پئي.

    جيئن اتر جي واءَ هنبوڇيون ٿي هڻي،
    تيئن وڻن مان راڳڻي اڀري پئي.

    انتظاري جو”لغاري“ کان نه پڇ،
    سُئي جي دُڪ مان هر گھڙي گذري پئي.


    دم ڏئي ويو دوا ٿيڻ تائين،

    دم ڏئي ويو دوا ٿيڻ تائين،
    ساٿ غربت ڏنس مرڻ تائين.

    شهر ايڏو وڏو پڇان ڪنهن کان،
    ڪهڙي ويندي گھٽي سڄڻ تائين.

    دل کي گوڏا ڏئي گذاريون پيا،
    دل ڇڄي پئي نه شل ملڻ تائين.

    جنگ آ جنگ پنهنجي اوندهه سان،
    باک گيڙو رتي ڦٽڻ تائين.

    ديد خانه بدوش ئي رهندي،
    ڪنهن نه ڪنهن دل ۾ گھر ڪرڻ تائين.

    تنهنجا مظلوم پيڙجي ويندا،
    ديڳ تنهنجي خدا! تپڻ تائين.


    وار پيشاني تان واريو ڪجهه نه ڪجهه،

    وار پيشاني تان واريو ڪجهه نه ڪجهه،
    کاڄ تان ماکي اٿاريو ڪجهه نه ڪجهه.

    پاڻ کي هر وقت سينگاريو ڀلي،
    منهنجي قسمت ڀي سنواريو ڪجهه نه ڪجهه.

    سال ٿيا خط پٽ نڪي هڏڪي لڳي،
    يار پرديسي! سنڀاريو ڪجهه نه ڪجهه.

    ياد آهي عشق نئون نئون هو تڏهن،
    جنهن لکڻ مونکي سيکاريو ڪجهه نه ڪجهه.

    رات لڇندي ٿي وئي، ساجھر اٿيس،
    باک ويلي من قراريو ڪجهه نه ڪجهه.

    منهنجي نالي ۾ به امرت رس ڀريو،
    ”مير“يا ”محرم“ اچاريو ڪجهه نه ڪجهه.


    غم جي خمار ۾ آ ڪيڏو مٺو سُرور،

    غم جي خمار ۾ آ ڪيڏو مٺو سُرور،
    دکندڙ آزار ۾ آ ڪيڏو مٺو سُرور.

    نيڻن ۾ سڪ ملڻ جي، من ۾ عجيب هُرکُر،
    هڪ انتظار ۾ آ ڪيڏو مٺو سُرور.

    ڦاسي پئون ٿا پوءِ ڀي ڦٿڪڻ تي دل نٿي چئي،
    زلفن جي ڄار ۾ آ ڪيڏو مٺو سُرور.

    ساوڪ سڄو، پٽوڙو، سُرهي هوا ۽ تون مان،
    ڄانڀي ڦلار ۾ آ ڪيڏو مٺو سُرور.

    دل ٿي گھري عمر ڀر گم ٿي وڃان نظر ۾،
    هن جي نهار ۾ آ ڪيڏو مٺو سُرور.

    ڇاتيون ملڻ لاءِ آتيون، جنهن دم ملي وڃن ٿيون،
    چُڀندڙ اُڀار ۾ آ ڪيڏو مٺو سُرور.


    تون جو ڦولار پويان ڦٽين ٿي پرهه!

    تون جو ڦولار پويان ڦٽين ٿي پرهه!
    روپ ڪيڏو نه پيارو وٺين ٿي پرهه!

    گيڙو ڳلڙن پٺيان رات چوٽي جيان،
    مون کي جانان جي آسيس ڏين ٿي پرهه!

    توکي ڏسندي ڏهاڙي اکيون ٿيون ٺرن،
    يار جي گھر مٿان جو ڦُٽين ٿي پرهه!

    مُرڪ، شبنم، مهڪ خوبصورت مگر،
    تون صبا کان به مون کي وڻين ٿي پرهه!

    رات جي سانت ۾ درد ڀي ها سُتل،
    ڇو اونداهي جو پردو کڻين ٿي پرهه!

    ڪو امن آجپي جو به آڻج صُبوح،
    روز رت ساڻ رڱجي پُڄين ٿي پرهه!


    جو زندگي گذاريندو غم ڪري ڪري،

    جو زندگي گذاريندو غم ڪري ڪري،
    زخمي به پاڻ ٿيندو ماتم ڪري ڪري.

    پيڙا لڪل هئي ڪيڏي، ميلي کي ڇا خبر،
    ساڻي ٿي پئي جا پايل ڇِم ڇِم ڪري ڪري.

    ڪاڇي ڪڻي نه پئي ڪا، ٿر ۾ ڏڪار هو،
    دوکو ڏئي ويو سانوڻ آگم ڪري ڪري.

    آيو جي موت، وڃبو اوچي ئي ڳاٽ سان‏،
    جيئنداسين ڪيستائين سر خم ڪري ڪري.

    موٽي الئه نه موٽي، اُلڪن ۾ اڌ ڳري،
    ڪنهن ڪنڊ ۾ ويهي رئندين”محرم“ڪري ڪري.


    اک تنهنجي بيان کان ٻاهر،

    اک تنهنجي بيان کان ٻاهر،
    جو ڏسي سو ايمان کان ٻاهر.

    توکي فنڪار جنهن تراشيو آ،
    هوندو سهڻو گُمان کان ٻاهر.

    پاڻ خاموش چاهيندڙ آهيون،
    عام ماڻهو جي ڌيان کان ٻاهر.

    شعر جنهن ۾ نه ڳالهه چاهت جي،
    ڇو نه ڪڍجي ديوان کان ٻاهر.

    هوءَ سينگارجي گھران نڪتي،
    تير نڪتو ڪمان کان ٻاهر.

    تنهنجو ويڙهو ڇڏي ائين ڀانيم،
    ڄڻ ته آهيان جهان کان ٻاهر.

    ”مير“ بس تولئه ايترو چوندو،
    تون زمانو مڪان کان ٻاهر.


    پليان پيار کان سا به دل شاعراڻي،

    پليان پيار کان سا به دل شاعراڻي،
    بيهارڻ گھرو ٿا بلندين تي پاڻي.

    قبي تي نه بيهي سگھي نيٺ هدڙي،
    جھليندي ٿڪم عشق کان دل اياڻي.

    پرين جي اکين ۾ وڏو معجزو هو،
    اسان هڪ جھلڪ مان ئي معراج ماڻي.

    حسينن سان رهندو عشاقن جو رشتو،
    گلن ساڻ پوپٽ جي ياري پراڻي.

    اها منهنجي جانان ئي هوندي ڏسو جا،
    اکيين نار پاڻي ويڳاڻي ويڳاڻي.

    چٽي وٺ ڪي منظر ڦلارن جا شاعر!،
    اجھو چيٽ جي کيٽ ڪئي موڪلاڻي.

    رڳو رولڙن ۾ رهيو ”مير“ آهي،
    پڙهي ڇا ڪبي تنهنجي آتم ڪهاڻي.


    لفظ ڪهاڙا، جملا ڀالا، لهجا مارن ٿا،

    لفظ ڪهاڙا، جملا ڀالا، لهجا مارن ٿا،
    ماڻهو ڪنهن کي ڇا ماريندو رَوَيا مارن ٿا.

    هلندي پڄندي آهر هرڪو گھاو رسائي ٿو،
    ڪڏهين ڌاريا ڪڏهين پنهنجا ويجھا مارن ٿا.

    تنهنجو مقدر پاڻي کان پوءِ واڻ وٽڻ تائين،
    او ڪاڇائڻ! تنهنجا مُڳليءَ دهڪا مارن ٿا.

    من مان جيڪر ڪوري ڪڍجي محبوبا جي سار،
    سانوڻ رت ۾ جُھڙ ڦُڙ وارا لمحا مارن ٿا.

    روز آ ڌرتي، ٻولي، توڙي پاڻيءَ تي يلغار،
    سنڌڙي تنهنجي آئيندي جا اُلڪا مارن ٿا.

    شاعر بڻجي جڳ ۾ ”محرم“ ڪيڏو ڀوڳيون پيا،
    ڪنهن جا نخرا ناز ته ڪنهن جا سُڏڪا مارن ٿا.


    محبت، حسن، جواني، جلون جي حد ختم،

    محبت، حسن، جواني، جلون جي حد ختم،
    تو وٽ اچي ٿئي ٿي رنگن جي حد ختم.

    ٻئي نيڻ حسرتن مان ڏسندا ئي ٿا رهن،
    جيسين وڃي ٿئي ٿي نظرن جي حد ختم.

    هن طرف ڌڙڪندڙ دل، هُن ڀر به محبتي من،
    ٿيندي ڪئين اياڻا! جذبن جي حد ختم.

    وسعت طرف وڃن ٿيون هر دم حقيقتون،
    تو صرف ڪئي آ پنهنجي سوچن جي حد ختم.

    تنهنجي حسين هاٺي جھڙو غزل لِکان،
    تخيل جي حد ختم، جت خيالن جي حد ختم.

    دم ٿو ٻوساٽجي هن تنگ دل سماج ۾،
    محبت خلاف ڪريون رسمن جي حد ختم.

    هڪ شخص ڀوڳي ڀوڳي ان ماڳ تي پُڳو،
    جاٿي لکيل ڏٺائين! جيون جي حد ختم.

    ملبو ضرور ”محرم“ ڪنهن موڙ تي وري،
    بس ٿئي نه روح وارن رستن جي حد ختم.


    سج به ٿڪجي ٻڏي ٿو پهاڙن پٺيان،

    سج به ٿڪجي ٻڏي ٿو پهاڙن پٺيان،
    ڄڻ چوي پيو: نه ڊوڙو سهارن پٺيان.

    هوءَ ته وڇڙڻ ٿي ڄاڻي لڏي ڳوٺ مان،
    کيس ڪهڙي خبر ٿا سنڀارن پٺيان.

    روز راتيون ڄڻي،ٿيون مُنجن صبح ڏي،
    مسئلن جون قطارون قطارن پٺيان.

    ڦُول ڄانڀي سرنهن جا ڦڪا پئي لڳا،
    ڦُول کان وڌ لنگھي جو ڦُلارن پٺيان.

    ڪو انهيءَ آس تي ٿو لڙي ٻاٽ سان،
    باک ڦٽڻي ضرور آ، انڌارن پٺيان.

    سي نه ڄانڀا رهيا، سا نه خوشبوءِ رهي،
    سار رهجي وئي بس بهارن پٺيان.


    چوٽ جي موٽ ۾ ملي ڪوتا،

    چوٽ جي موٽ ۾ ملي ڪوتا،
    مون لئه آئي مسيح ٿي ڪوتا.

    ڪلهه روين جا چهڪ ڏئي وئي هوءَ،
    رات مرهم جيان لٿي ڪوتا.

    دل تي آڻي غبار جي موسم،
    بار هلڪا ڪري وئي ڪوتا.

    شاعري شوق ناهي پورو ڪجي،
    ذهن جي آ ولوڙ هي ڪوتا.

    پاڻ کي ڳولڻو هجئي جي پرين،
    آئينو ٿئي سندم سڄي ڪوتا.

    ڄڻ ته محرم مان ٿي ويو نامحرم،
    ”مير“ٿي ويو لکي لکي ڪوتا.


    سونهن آدرش آجپي وانگيان،

    سونهن آدرش آجپي وانگيان،
    عشق لازم عزم پڪي وانگيان.

    دل به هڪ جاءِ تي ٽڪي ئي نٿي،
    جابلو لوڪ جي لڏي وانگيان.

    هوءَ پائي وئي جو جلون سان،
    آئون نکري پيس ڪچي وانگيان.

    هيل ڀي عيد تي نه آئين پرين،
    عيد کاڌي مون ڪانڌپي وانگيان.

    ”مير“ جي دل جنهين جو مرڪز آ،
    درد ڌوڏي ٿو زلزلي وانگيان.


    شاعراڻي خيال وانگر شاهڪار،

    شاعراڻي خيال وانگر شاهڪار،
    هوءَ قدرت جو سراسر شاهڪار.

    بس ڀڳي ٽوڙي وٽان گذري، لڳم،
    الهندو عظمت ته اوڀر شاهڪار.

    سانوڻي ۾ برش ٻوڙي سونهن مان،
    پينگهه جوڙي ٿو مصور شاهڪار.

    مرڪ آڇيندي رهين جي لازوال،
    گيت ارپي توکي شاعر شاهڪار.

    کيرٿر تي سج لهڻ کان ڪجهه اڳي،
    ڊرنگ تان چوڦير منظر شاهڪار.

    ڏيهه جوڙيندڙ وڏو باذوق هو،
    لاڙ، ڪاڇو، وچ، اتر، ٿر شاهڪار.


    جذبن جي نه جھل گاج، نه رک سير قيد ۾،

    جذبن جي نه جھل گاج، نه رک سير قيد ۾،
    نظرن جا ڇٽن تير، نه ڪر تير قيد ۾.

    فطرت سان گھڻي سوڙهه ۽ ٻوسٽ چڱي نه آ،
    ڇو نينهن، نديون، سار، سڳنڌ هير قيد ۾.

    عنوان غزل هيٺ سڄو فوٽو جيئن جو تيئن،
    هڪ ڊائري ۾ يار جي تصوير قيد ۾.

    هر ٻاٽ پٺيان لاٽ آ، هوءَ باک ڏس پريان،
    او ڌرتي جا شاعر نه ٿي دلگير قيد ۾.

    مخلوق هٿان ربّ ڪرايا پئي معجزا،
    انسان ڪري ورتي آ تقدير قيد ۾.

    رسمن ۽ رواجن ته ڪڏهن سونهن وٽ اسير،
    ننڍپڻ کان رهيو آهي پڪو ”مير“ قيد ۾.


    حياتي گھڙيءَ جو ڳهر ئي ته آ،

    حياتي گھڙيءَ جو ڳهر ئي ته آ،
    عدم ڏي اڄاتو سفر ئي ته آ.

    اجائي توقع نه موتين جي رک،
    جو ساگر ٿو سمجھين، سا ڇر ئي ته آ.

    اسان ڪيئن مڃون سو مهذب پڻو،
    جڏهن تنهنجي هٿ ۾ خنجر ئي ته آ.

    ڊسڙ روز جھاڳي ٿو ڳولڻ اچان،
    جتي دل وڃايم شهر ئي ته آ.

    پرينءَ جي تِرن واري ڳل کان به وڌ،
    جو پيارو لڳي ٿو سو تَر ئي ته آ.

    ڪچو ڪوٺڙو، ڪجهه ڪتاب ۽ بتي،
    سو جنت نما منهنجو گھر ئي ته آ.

    ڪٿي ڪوتا راڻي ڪٿي هيءُ ”مير“،
    اهو عشق! تنهنجو ثمر ئي ته آ.


    گھاوَ ڀرجن نه کڻي مرهم کان،

    گھاوَ ڀرجن نه کڻي مرهم کان،
    ڍنگ جيئڻ جو سکيو هان غم کان.

    ٽهڪ ڏيئي سگھو ته بهتر نه ته،
    مرڪ سکڻي به چڱي ماتم کان.

    ڏيهه ڏاهر جو، جي پوي گڏجي،
    ڌرتي موٽايون ابن قاسم کان.

    ڪيڏو ڇرڪي ٿي ٻاٽ اونداهي،
    ٻل ٽِنڊڻي جي هلڪي ٽم ٽم کان.

    پيٽ بارود سان نٿو ڀرجي،
    ڀور ماني وڌيڪ آ بم کان.

    ڪا جي هن کي سڏي ٿي نانءُ وٺي،
    ڇرڪ نڪري وڃي ٿو ”محرم“ کان.


    شعر ناهي سهيڙجي ته ڪِئين،

    شعر ناهي سهيڙجي ته ڪِئين،
    منتشر ذهن ميڙجي ته ڪِئين.

    ڄاڱري ٻير جيئن سندس چاهت،
    دل اڙيءَ کي نکيڙجي ته ڪِئين.

    تنگ نظري جا هو ٻڌي ٿو بند،
    سوچ تازي پکيڙجي ته ڪِئين.

    حال حاڪم اڳيان ڪجي ڪهڙو،
    ساز سانڊي سان ڇيڙجي ته ڪِئين.

    مون کان ٻالڪپڻي جو دور کسيئه،
    وقت! توساڻ جھيڙجي ته ڪِئين.

    سونهن ۽ سنڌ شعر ۾ اوتيان،
    عرش ڏاندن سان کيڙجي ته ڪِئين.


    ڪاش! ڪنهن کي سڃاڻون مَرڻ کان اڳي

    ڪاش! ڪنهن کي سڃاڻون مَرڻ کان اڳي،
    لڙڪ معنيٰ رکن ٿا ڪِرڻ کان اڳي.

    ڀاڳ پنهنجو به پئي ڪو کُلي هيل شل،
    چيٽ جي کيٽ جا گُل ٽِڙڻ کان اڳي.

    هوءَ ڏسي ساهه اونهو کنيم، هانءُ ڏکيو،
    ماني گھرجي محبت ڪَرڻ کان اڳي.

    ٿي سگھئي، ڪنهنجي رويي مان سمجھڻ جي ڪر،
    راز چهري تان پڙهجي، چَوڻ کان اڳي.

    ”مير“ توڪاڻ پيرون سُڪايم مٿي،
    آس ڇت تي رهي، تو اچڻ کان اڳي.


    خادم حسين جسڪاڻي

    ڄاڻ سڃاڻ

    نالو: خادم حُسين جسڪاڻي
    ادبي نالو: خادم جسڪاڻي
    پيءُ جو نالو: الله بخش جسڪاڻي
    جنم تاريخ: 20 جولاٰءِ، 1975ع
    جنم جو هنڌ: جوهي شهر
    تعليم: بي.ٽيڪ (اليڪٽرانڪس)
    ڪرت: خانگي ملازم
    لکڻ جي شروعات: 1990ع.
    ڇپيل مواد: سنڌ جي مختلف مشهور و معروف اخبارن ۽ رسالن ۾.
    لکيل صنفون: غزل، گيت،وائي،بيت، نظم،ترائيل ۽ چوسٽا وغيره.
    لکپڙهه جو پتو: جسڪاڻي محله، وارڊ نمبر 1، ٽپال گهر جوهي،
    تعلقا جوهي، ضلع دادو، سنڌ.

    رابطي جو نمبر: 03337056667


    وار کليل هن رئو ئي ڪونهي

    وار کليل هن رئو ئي ڪونهي،
    ڇوريءَ کي ڪو ڀئو ئي ڪونهي.

    تن جو سوچيو ٿئي، ها جنهن جي،
    گهر ۾ چڙهيو تئو ئي ڪونهي.

    دريا ڪپ تي ٻيلا ها پر؟
    هاڻ اُتي هڪ لئو ئي ڪونهي.

    مزدورن جو ڏينهن ملهايئي؟
    جن کي مُيسر ڍئو ئي ڪونهي.

    رويا آويءَ جھڙا ”خادم“،
    جيون ۾ ٻيو تئو ئي ڪونهي.


    نفرت جو ذهنن جي اندر ڄارو ٿي ويو آ،

    نفرت جو ذهنن جي اندر ڄارو ٿي ويو آ،
    تن جو اُجرو من جو ڪيڏو ڪارو ٿي ويو آ.

    بابو چئي ٿو، شعر لکين ٿو، ڪجهه احساس اٿئي؟
    گھر جي ڇت جو ڇيتون ڇيتون گارو ٿي ويو آ.

    لوڪ ٻڏي ٿو، ٻوڏ اچڻ سان، ڳالهه هي مڃبي پر،
    دادو مورو پل جو منظر پيارو ٿي ويو آ.

    ڪارو ٻڌجي ڪمري سان جي، رنگ ڏيکاريندو؟
    سمنڊ ڪناري رهندڙ ماڻهو کارو ٿي ويو آ.

    ڏاهر بڻجي ڏيهه سمورو هاڻ اٿڻ گھرجي،
    ڌرتيءَ تي ابنِ قاسم جو مارو ٿي ويو آ.

    رولاڪين ڀي رنگ آ لاتو، يار مبارڪ ڏيو،
    هي رولاڪ به ڪنهنجي اک جو تارو ٿي ويو آ.


    زماني جي هرهڪ ڪهاڻي ڏٺئي!

    زماني جي هرهڪ ڪهاڻي ڏٺئي!
    اسان جي اکين جو نه پاڻي ڏٺئي؟

    وڇوڙو به ڄڻ آ ولوڙي جيان،
    الئه ڇو نه من ۾ مانڌاڻي ڏٺئي.

    پنهنجي شوق خاطر، ٻي شادي ڪيئي،
    سمائي جا گھر ۾ نه نياڻي ڏٺئي.

    پڇين ٿو ته ڇا لئه اُٿي وئين چريا؟
    نه روين ۾ پنهنجي کانڀاڻي ڏٺئي.

    ستارن ڏي ”خادم“ پئي هر هر ڏٺو،
    اسان ڏي نه ڇو ڄاڻي واڻي ڏٺئي.


    گاج تو وٽ وهي، ڄڻ ته مهراڻ آ،

    گاج تو وٽ وهي، ڄڻ ته مهراڻ آ،
    پو به ڪاڇي جي اک ۾ ڇو آلاڻ آ.

    تنهنجي منشور جي پت ڪيان وائکي،
    اڄ به ڪاڇي جي صنعت وڏي واڻ آ.

    يار مُنهنجي جون مستيون به ڄڻ گاج جيئن،
    پل ۾ ٻوڙيو ڇڏي پياس ڀي پاڻ آ.

    توکي گورک جي غم جو ڪو غم ڀي اٿئي،
    جنهن جي واڳن جو والي ڪو اڻ ڄاڻ آ.

    پاڻ ڪاڇي جي ڄانڀي جيان هون پرين،
    ٿوري لفظن ۾ ان لئه هي ڪوڙاڻ آ.

    پاڻ ٽوهن کي ڀي ڄاتو اڪسير ٿي،
    هن جي گدري ۾ ڀي ڄڻ ته گدلاڻ آ.

    تو نه نظرون کڻي جنهن کي پل ڀي ڏٺو،
    سو ته ”خادم“ توسان هر گھڙي ساڻ آ.


    جيت تي مُرڪي، ۽ سڏڪي هار تي،

    جيت تي مُرڪي، ۽ سڏڪي هار تي،
    ضبط ناهي من اندر جي ٻار تي.

    نفرتن جو ڪو به ويري ڪونه آ،
    آڱريون ساريون کڄن ٿيون پيار تي.

    اُٺ ٿي ڦيرا ڏنا چوڦير ها،
    ساٿ لوٽين جو ڏٺوسين نار تي.

    ڪجهه انائن ۽ روين جي سبب،
    دوستيون اڄ ڪلهه ٽنگيل هن دار تي.

    ڳوٺ ۾ خوشبوءِ ويئي ڦهلجي،
    هُن وڌو چولو سُڪڻ لئه تار تي.

    گھر جي ڀاتين سان چڙين هر ڳالهه تي،
    چِڙ نه ايندي ٿئي غلامي گار تي.


    سر تي آئي ماڻهو آ، ڇا ڇا ڪندو!

    سر تي آئي ماڻهو آ، ڇا ڇا ڪندو!
    ڌڪ لڳڻ تي وڻ ڀي آ واڪا ڪندو.

    ظاهري تنهنجو پرين مونسان ملڻ،
    زلزلا ذهنن اندر برپا ڪندو.

    مانُ جيئرن کي ڏيڻ، اڳ رسم هئي،
    هاڻ ورسين تي وتي وهوا ڪندو.

    اچُ خدا جيئن تون متان وسري وڃين،
    آسري ۾ ڪيسين ڪو سجدا ڪندو.

    تنهنجون تنقيدون بنا اصلاح جي،
    توکي تنهنجو هي عمل رُسوا ڪندو.

    سنڌ جو پاڻي کسڻ وارا، خدا،
    تنهنجي گھر جو مٽ شل ڀورا ڪندو!

    مان ته ”خادم“ هان وفا جو پيشوا
    ڇا؟عمر ڀر هُو پيو ڌوڪا ڪندو.


    منهنجي به يارو آهي هي خاڪ طبيعت،

    منهنجي به يارو آهي هي خاڪ طبيعت،
    ڏاڍو رُلائي ٿي مونکي رولاڪ طبيعت.

    سڀ ڄاڻ هوندي نانگن سان وير ٿي رکي،
    آڙاهه ۾ وجھائيندي بي باڪ طبيعت.

    هفتا مهينا ٿي وڃن ٿا، منهن نه ٿو ڏسين،
    پو خاڪ دوا ڪم ڪري، ٿئي چاڪ طبيعت.

    توکان ڇڄان ته ميلي ۾ ڄڻ ٻار گم ٿيل،
    تون ساڻ آن گُلن تي ڄڻ ماڪ طبيعت.

    سڄڻن جي سٿ ۾ ڀي، غيرن سان هڪ ڪرو،
    تو جھڙي ڪٿان آڻيان چالاڪ طبيعت.

    آوارگيءَ مان ڏاڍو بيزار هان ٿيو،
    ڳولي ٿي هاڻ ”خادم“ ڪو ٿاڪ طبيعت.


    شيشي جي دل ۽ پٿر ميڙين ٿو جھول ۾،

    شيشي جي دل ۽ پٿر ميڙين ٿو جھول ۾،
    ڪيڏو نه آ تضاد تنهنجي فعل و قول ۾.

    ٻين جي وجود کي ڀي تسليم ڪر چريا،
    ڪوڙي انا جي ڪيسين رهندين تون خول ۾.

    ٿاريليون ويون پاڻي ڀرڻ کوهه تان مگر،
    بُک ڀي ڀري هُو آيون پاڻيءَ سان ڏول ۾.

    تنهنجون خزان، بهارون مٽجن ٿيون مُند تي،
    منهنجون ته چار موسمون مُنهنجي ئي ڍول ۾.

    تنقيد کوکلي ۽ واڪا وڏا ڪرين،
    ڪهڙو مزو اچئي ٿو ڪنهن جي ٺٺول ۾.

    هُو گاج کي ٿا روڪن، خاموش هُون اسان،
    پاڻيءَ کي پوءِ ڳولجو ڪُڪڙاني سول ۾.

    چاهين ٿو تون خبر آ، پر ٿورڙو ته ڏس،
    خوبي نظر ڇا آيئي ”جسڪاڻي“ رول ۾.


    مُک مُک تي مُرڪ جو موڙ هجي،

    مُک مُک تي مُرڪ جو موڙ هجي،
    هت هر ماڻهوءَ جو جوڙ هجي.

    درياهه ٿو ڪِري جيئن سمنڊ اندر،
    تيئن يادن جو ڀي ڇوڙ هجي.

    ڊوڙي نه سگھو ته به ايئن هلو،
    هي جيون ڄڻ ڪا ڊوڙ هجي.

    هُو ملندو، ڪين الئه ملندو؟
    بس پائڻ جي جاکوڙ هجي.

    رولاڪ طبيعت، عشق مٿان،
    هي ڄڻ ته ڳچيءَ ۾ نوڙ هجي.

    ”خادم“ جو خون ٿيو آهي،
    قاتل ڳولڻ جي ووڙ هجي.


    ظاهري هو شهر ۾ رهندو آ،

    ظاهري هو شهر ۾ رهندو آ،
    ڏاڍو تنها اندر ۾ رهندو آ.

    هُن جو ڪوئي ٺڪاڻو ٻيو ڪونهي،
    هو ته منهنجي نظر ۾ رهندو آ.

    ڳالهه ٿوريءَ تي روئي ٿو اڪثر،
    ڇا هُو ڪاري ڪڪر ۾ رهندو آ.

    هونئن ته جيئڻ جي آس پوري ٿي،
    ساهه هن لئه سفر ۾ رهندو آ.

    ڪيڏو محفوظ پاڻ کي ڀانئي،
    جا گھڙي ڀاڪر ۾ رهندو آ.

    سور ڪهڙا ڀلا سلي ”خادم“،
    ڄڻ ته جيئري قبر ۾ رهندو آ.


    هر نئين عيد تي هر نئين سال تي،

    هر نئين عيد تي هر نئين سال تي،
    ڪوئي مون کي به ساري ضروري نه آ.

    مان ته گمنام ڪائي قبر هان پرين؟
    مون تي گُلڙا ڪو هاري ضروري نه آ.

    مئه اسان لاءِ شايد بڻائي وئي،
    ڪو لبن ساڻ پياري ضروري نه آ.

    موڪلائڻ مهل تنهنجو روئڻ چريا،
    دوستن کي روئاري ضروري نه آ.

    توکي منزل ملي بس مبارڪ هجئي،
    مان به پهچان ڪناري ضروري نه آ.

    تو وساريو مگر، تو جيان اي پرين،
    توکي ”خادم“ وساري ضروري نه آ.


    وقت نه ڪنهن سان وير ڇڏيندو،

    وقت نه ڪنهن سان وير ڇڏيندو،
    ساٿ اوهان جو ڪير ڇڏيندو.

    هُو ته هوائن سان هلندو آ،
    هٿ ته دير سوير ڇڏيندو.

    جيون آڳر تان هو گُذريو،
    يادن جا ويو پير ڇڏيندو.

    جنهن جو جيون سرگم آهي،
    سو ڪيئن پنهنجي ڇير ڇڏيندو.

    ظاهر ۾ هن ڀاڪر پاتو،
    ڇا اندر جي مير ڇڏيندو.

    ”خادم“ هونئن ته فنا آهي پر،
    پويان پنهنجا شعر ڇڏيندو


    هُو دل جو ايڏو سخت نه هو،

    هُو دل جو ايڏو سخت نه هو،
    بس هُن وٽ مون لئه وقت نه هو.

    تو نيڻ ها ٽاڪيا نيڻن سان،
    ڪو جڳ ۾ اهڙو ڀرت نه هو.

    تون پارس آن پر پهرين ٻُڌ؟
    ڇا ڪعبي ۾ ڪو بُت نه هو.

    هُن ڀيڻ ڪُٺي هئي ملڪيت لئه،
    غيرت ۾ بي غيرت نه هو.

    هو وڇڙي پو ڀي جيئن ٿا،
    پر پاڻ ۾ ايڏو ست نه هو.


    تون پاڻ کان ڌار جو ڀانئين ٿو،

    تون پاڻ کان ڌار جو ڀانئين ٿو،
    پاڻيءَ تي ليڪا پائين ٿو.

    هڪ شخص نه مون سان ساڻ هليو،
    تون جڳ کي ڪيئن هلائين ٿو.

    جنهن ڳالهه کان توکي روڪيو هو،
    آدم آن سوئي کائين ٿو.

    محفل ۾ پنهنجي غير سڏي،
    ياري ڪنهن ساڻ نڀائين ٿو.

    ڪجهه سيني تي پوکيندين ڇا؟
    روين جا هر هلائين ٿو.

    آ ناچ منع، مان ناچُو هان؟
    مرضيءَ تي خوب نچائين ٿو.

    هي تنهنجو جيئڻ ڇا معنيٰ،
    نه ئي تڙپين ٿو تڙپائين ٿو.

    مون شعر پڙهيو پٿر آڏو،
    تاڙي ڀي ڪين وڄائين ٿو.

    هي عشق به ”خادم“ ايئن آ ڄڻ،
    لوڙهي ۾ باهه لڪائين ٿو.


    ڳالهيون کريون ڪجن يا ڪي شڪ لڪائجن،

    ڳالهيون کريون ڪجن يا ڪي شڪ لڪائجن،
    پر دوستن جا ڪهڙا ڪهڙا ڌڪ لڪائجن.

    تون ٿو چوين ته چاهتون، لوڪان لڪيل هجن،
    نيڻن ۾ ڀلا ڪيسين پرين اڪ لڪائجن.

    اي وقت وئين گذري سوچان ٿو مان ڪِئين،
    چهري تي هنيل تنهنجا هي چڪ لڪائجن.

    هُن کي ڏسڻ سان پل ۾ ويندا ها خاڪ ٿي،
    عمرين جا هاڻ ڪاٿي سي ٿڪ لڪائجن.

    ڪنهن جي ڪچي ڪرڻ کان بهتر آ دوستو!
    روين ڏنا جي دل کي سي ڏڪ لڪائجن.


    تُنهنجي صُحبت جو هي اثر هوندو،

    تُنهنجي صُحبت جو هي اثر هوندو،
    گھر جي هوندي ڪو دربدر هوندو.

    مان جي روئندس ته هيڪلو روئندس؟
    پر جي مرڪان ته گڏ شهر هوندو.

    دل جي شيشي کي جو ڀڃيندو آ؟
    شخص پڪ ڄاڻ سو پٿر هوندو.

    مونکي جنت ۾ ڪٿ مزو ايندو؟
    منهنجي ڪاڇي ۾ جي ڏُڪر هوندو.

    لوڪ آڏو ته مون سان پرتو آ؟
    هُن جي دل ۾ اڃان ڪَٽر هوندو.

    زُلف رُخ تان هٽيا جيئن هوندا؟
    اُڀ تي حيران ٿيو قمر هوندو.

    ڪنهن جو مُرڪي ملڻ به ماکي ڄڻ؟
    ڪنهن جو لهجو ڪڙو زهر هوندو.

    راهه رابيل ٿي وئي آهي،
    ڪنهن ته جوڙي جو ٿيو گُذر هوندو.


    بُک سُک ڪاٽِي روزن آڙ ۾، خوب نڀائي، سوچي ٿو،

    بُک سُک ڪاٽِي روزن آڙ ۾، خوب نڀائي، سوچي ٿو،
    عيد ڏهاڙي انگ اُگھاڙا، ڪيئن لڪائي، سوچي ٿو.

    روزن جيئن گُذران هميشه، عيدن کان اڻ واقف ماڻهو؟
    جيئري ئي ارمان اندر جا سڀ جلائي، سوچي ٿو.

    رات چڪي وئي، ٻڪري کائي، ننڊ اصل ناهيس،
    ماڻهو پئسي خاطر ڪيئن ٿو وڻ وڍائي، سوچي ٿو.

    آڳُر ساڳيو، ماءُ به ساڳي، شايد ڀاءُ ٿئي،
    عيد ڏِهاڙي ڇو نه الئه ٿو ڀاڪر پائي، سوچي ٿو.

    نسلُن جو ۽ فصلُن جو، ها ٻج هُيو پاڻي؟
    ڪير آ ”خادم“ ڌرتيءَ کي ويو ٺوٺ بڻائي، سوچي ٿو.


    وڇونءَ وانگي هر پل هڻن ڏنگّ ماڻهو،

    وڇونءَ وانگي هر پل هڻن ڏنگّ ماڻهو،
    هي رنگين خيالن جا بي رنگّ ماڻهو.

    ڪَٺي ڪانو ٿيا ها، وڏو گوڙ ٿيو هو،
    نه خصلت ۾ بڻجي سگھيا ڪَنگّ ماڻهو.

    نه دشمن کي تاڙي سگھياسين او ساٿي،
    نه ذاتين کان اڳتي وڙهن جنگّ ماڻهو.

    زمينن کي ڪانن سان ماپي ورهائن،
    دلين ۾ الئه ڪيئن ڪڍن دنگّ ماڻهو.

    خُماريل خُماريل غُلامي اسان ۾،
    ۽ غيرت کي پياريو وتن ڀنگّ ماڻهو.

    رڳو انفرادي آ سوچن جو غلبو،
    هي نظرين جا ڪيڏا هتي تنگّ ماڻهو.

    ڏِٺو خواب ”خادم“ حقيقت ٿئي شل،
    وٺڻ آجپي لئه ٿين سنگّ ماڻهو.


    ڪکائون گھر هوا سان وير، سياڻو ٿي!

    ڪکائون گھر هوا سان وير، سياڻو ٿي!
    ڪنول جذبا ۽ ڄر تي پير، سياڻو ٿي!

    هي ڌڻڪا، ڪيئن نڌڻڪا ٿيا، خبر ناهي!
    هتي پنهنجن ۾ ٿئي ڪي غير، سياڻو ٿي!

    مِٺي لهجي جي پٺيان، ٽُوهن جي واڙي،
    رکين ٿو من ۾ ايڏي مير، سياڻو ٿي!

    اڄوڪي ميل کانپوءِ، بس جُدائي آ،
    سڀاڻي يار جيئندو ڪير، سياڻو ٿي!

    پياڪن کي چُڪي پياريو هليا ويندا،
    هيراڪن جي نه ڀڃ تون هير، سياڻو ٿي!


    گيت

    گيت

    پينگهه ڪاٿي ٻڌان، ڇانوَ آڻيان ڪٿان!
    ٻير وڍجي وئي ٻير ڇاڻيان ڪٿان!

    تنهنجي دل مان به چاهت اڏامي وئي،
    ڏيهه واسين وڻي آ غلامي وئي،
    هاڻ سوچيان ٿو پهرين پلاڻيان ڪٿان!

    سرد لهجن اندر کي آ ڇاڻي ڪيو،
    تو الئه ڇو نه پاڻيءَ تي پاڻي ڪيو،
    تنهنجي چُپ تي بندوقون مان تاڻيان ڪٿان!

    چوٽ اهڙي لڳي، دل جا ڀورا ٿيا،
    غم اسان جا زماني ۾ ڇورا ٿيا،
    دل ڇڳي آ، نه آکٽ، جو واڻيان ڪٿان!


    گيت: هرڪو الڳ ٿو سوچي آهُون جُدا جُدا

    گيت

    هرڪو الڳ ٿو سوچي آهُون جُدا جُدا،
    مقصد سڀن جو ساڳيو راهون جُدا جُدا.

    من ۾ ٻري ٿي باهه سا ڪيئن وسامجي،
    ليڊر پُٺيان لغڙ ٿي، ورڪر اڏامجي،
    پئسي تي ڪجهه وڪاميا، ڪجهه نوڪريون وٺي؟
    هر ماڻهوءَ جي آ قيمت پيو ٿو وڪامجي،
    هت واڪ تي وڪن ٿا ماڻهو جُدا جُدا،
    مقصد سڀن جو ساڳيو راهون جُدا جُدا.

    درياهه ڀي کسيندا هڪ ڏينهن ڏسجو سڀ،
    منڇر ڀي لٽيندا هڪ ڏينهن ڏسجو سڀ،
    جسقم، محاذ، ايس ٽي پي، گڏجڻ جي ويل آ،
    هُو ڊئم ڀي اڏيندا هڪ ڏينهن ڏسجو سڀ،
    دُشمن ڪندو اچي ٿو ڪاهون جُدا جُدا.
    مقصد سڀن جو ساڳيو راهون جُدا جُدا.

    ڪاتيون ڪهاڙا هٿ ۾ هو ٿا کنيو وتن،
    ڌرتي ڌڻين جا لاشا تحفي ۾ ٿا ڏين،
    هڪ ٿي وڃڻ جي ويل آ سستي ڇڏيو سڀئي،
    ڌُوتا ٿا ڪن عياشيون مارو بکيا مرن،
    ڪيسين ڪنداسين ساٿي دانهون جُدا جُدا.

    مقصد سڀن جو ساڳيو راهون جُدا جُدا.
    هرڪو الڳ ٿو سوچي آهُـون جُدا جُدا.


    سڪندر علي لنڊ

    ڄاڻ سڃاڻ

    نالو: سڪندر علي لنڊ
    ادبي نالو: اداس لنڊ
    پيءُ جو نالو: الهه رکيو لنڊ
    جنم تاريخ: پهرين جنوري، 1973ع.
    جنم جو هنڌ: ڳوٺ خان جي ڪُور.
    تعليم: پرائمري پاس.
    ڪرت: محنت مزدوري.
    لکڻ جي شروعات:1995ع.
    ڇپيل مواد: سنڌ جي مختلف مشهور و معروف اخبارن ۽ رسالن ۾.
    لکيل صنفون: غزل، نظم، وائي، بيت، ٽه سٽا، هائيڪا، چوسٽا غيره.
    لکپڙهه جو پتو: ڳوٺ خان جي ڪُور، ٽپال گهر جوهي، تعلقو جوهي،
    ضلعو دادو، سنڌ.
    رابطي جو نمبر: 03075028950


    پيار جو ڪو راڳ ڇيڙجي

    پيار جو ڪو راڳ ڇيڙجي،
    جڳ ۾ پيار کي پکيڙجي.

    ڍير تي ڦاٽل لٽي جيان،
    درد ۾ دل ٿي لِويڙجي.

    جي سبڻ نٿو پڄي ته پو،
    ڪين ڪنهن جو من اُڊيڙجي.

    سنڌ جي حقن جي گهر ڪجي،
    پنهنجي قوم لاءِ جھيڙجي.

    تو سوا مان ان پٿر مثل،
    راهه ۾ جو پيو ٿو ٿيڙجي.

    خواب آئيني جيان ٽٽا،
    ٽڪرو ٽڪرو ڪيئن ميڙجي.

    خواب خواب درد گڏ ڪري،
    شاعري ۾ ٿو سهيڙجي.

    روز غم ”اداس“ جا ڏسي،
    روح روز ٿو اکيڙجي.


    سنڌ تنهنجا ڇا الم لکان،

    سنڌ تنهنجا ڇا الم لکان،
    صبح شام ويٺو غم لکان.

    دوست تنهنجا ڇا ستم لکان،
    هر ستم کي ٿو ڪرم لکان.

    سنڌ جون ڀنل اکيون ڏسي،
    دل چيو کڻي قلم لکان.

    مون تي قوم جو به فرض آ،
    صرف توتي ڇو صنم لکان.

    گيت وايون بيت هائڪا،
    ۽ غزل مان دم بدم لکان.

    هڪ جنم ٻيو جنم ته ڇا،
    قوم تي جنم جنم لکان.

    شاعري ۾ آ وڌيو ”اداس“،
    روشني طرف قدم لکان.


    سنڌ جيجل جي گھيڙن گھٽن تي لکان،

    سنڌ جيجل جي گھيڙن گھٽن تي لکان،
    ۽ مان جوهي جي ٿڌڙن مٽن تي لکان.

    سونهن تنهنجي کي ڳائي وڄائي ويا،
    سنڌ تنهنجي مان راڳين ڀٽن تي لکان.

    صرف محبوب جي سونهن تي ڇو لکان،
    ڇو رڳو هن جي زلفن لٽن تي لکان.

    اڄ لکان ڪو غزل پيار ۽ امن تي،
    روز ٿو هونءَ ته جھيڙن جھٽن تي لکان.

    ٿي حياتيون کسي بک بيماري جتي،
    ڪاڇي ۽ ٿر جي مان تن پٽن تي لکان.

    اڄ سڀاڻي ڪندي زندگي گذري وئي،
    دلربا ڪهڙو تنهنجي وچن تي لکان.

    دل چيو آ کڻي مان قلم اي”اداس“،
    قوم جي درد پيڙا ڦٽن تي لکان.


    هن سنڌ جي نيڻن مان رڳو ڳوڙهو ڳڙي ٿو،

    هن سنڌ جي نيڻن مان رڳو ڳوڙهو ڳڙي ٿو،
    هي لڙڪ ڏسي غم جو پاڇو دل ڏي لڙي ٿو.

    دشمن جا ڪڍون پير متان پير ڄمائي،
    ها سنڌ ورهائڻ جي هو سازش ڪا گھڙي ٿو.

    بي ڏوهه ٿو ماريو وڃي ڌرتيءَ جي ڌڻين کي،
    روڊن تي نوان لاش ڏسي هانءُ سڙي ٿو.

    مون رات ڏٺو خواب اهو آ ته سنائي،
    هن سنڌ مان غيرن ۽ غدارن کي تڙي ٿو.

    آئينده نسل تنهن کي پيو ڏيندو ميارون،
    هن وقت جيڪو پنهنجي حقن لئه نه لڙي ٿو.

    ڇا شعر ٿو ”اداس“ لکي مون نه پڙهيا هن،
    سٽ سٽ ۾ ڀري ساهه ۽ هر لفظ جڙي ٿو.


    ڪيڏي راحت آ تنهنجي لوليءَ ۾،

    ڪيڏي راحت آ تنهنجي لوليءَ ۾،
    لولي ڏني ماءُ سنڌي ٻوليءَ ۾.

    ٻار کي ماءُ کان ڇنو رسمن،
    ٻار چنبڙيو گھڻو ئي چوليءَ ۾.

    تو سوا ڪنهن تي مون، نه ڪنهن مون تي،
    دوست هاريو آ رنگ هوليءَ ۾.

    دل ۾ ڏک جو سمونڊ اڌميو آ،
    موتي لڙڪن جا نڪتا ڇوليءَ ۾.

    جو اثر آ قلم اسان جي ۾،
    سو اثر ناهه تنهنجي گوليءَ ۾.

    سوچ ۾ گڏ سنائي سان آهيون،
    بند هون توڙي هڪڙي کوليءَ ۾.

    گھرج جنهن جي آ ماني، گھر، ڪپڙو،
    مان به شامل هان ان ئي ٽوليءَ ۾.

    ڪجهه جواني به هئي سٺي گذري،
    عشق جھوريو عمر وچوليءَ ۾.

    گل خوشين جا سڀئي ”اداس“ کڻي،
    خار غم جا وجھي وئين جھوليءَ ۾.


    اڄ سونهن ڪائي پسجي جيئن سوچ من جي مٽجي،

    اڄ سونهن ڪائي پسجي جيئن سوچ من جي مٽجي،
    ٻاهر هلون ٿا اي دل برسات ٿوري گھٽجي.

    اهڙو مليو آ صدمو هٿ ويا اچي مٿي تي،
    شل پيار ۾ ڪو ماڻهو مون وانگي ڪين ڦٽجي.

    اڳيان آ باهه منهنجي، پويان آ منهنجي پاڻي،
    وڌجي ته ڪاڏي وڌجي هٽجي ته ڪاڏي هٽجي.

    جيون جي هن سفر ۾ آ همسفر ضروري،
    ساٿي بنا حياتي ڏاڍي ڏکي ٿي ڪٽجي.

    ها سچ چيو آ، چوندس ڦندن مٿان به بيهي،
    مون لئه اگر رسو ڪو وٽجي ته ڀل پيو وٽجي.

    چاهت جو ٻوٽو دل ۾ پوکي ۽ پلجي بس،
    نفرت جي پاڙ کوٽي ڳولي انهي کي پٽجي.

    ڪهڙي خبر جدائي طوفان بڻجي ايندي،
    هر خواب بيوسي جي پيو ڌوڙ ۾ ٿو لٽجي.


    سچ سڀن کي ٿو هتي وڻي،

    سچ سڀن کي ٿو هتي وڻي،
    ڪوڙ ٿو اجهو لڏو کڻي.

    لوڏيان ٿو وڻ نصيب جو،
    ڇا ڪيان جي ڦر نٿو ڇڻي.

    سر ڏين جي ننگ دنگ تي،
    ماءُ اهڙا ڪيئي پٽ ڄڻي.

    درد ڪو پراڻو اڄ به هن،
    هانءُ ۾ سنبا پيو هڻي.

    تنهنجي پيار ۾ چرين جيان،
    آڱريون ”اداس“ ٿو ڳڻي.


    شاعري هڪ حسين فن آهي،

    شاعري هڪ حسين فن آهي،
    جنهن سان وندريو پيو هي من آهي.

    پيار آهيان رهان ٿو هر هنڌ مان،
    ساري دنيا منهنجو وطن آهي.

    ڀاڳ جي وڻ کي مون ڏنو ڌوڻو،
    ڦر ڇڻيو ۽ نه ڇڻيو پن آهي.

    بس گھرڻ سان نه ملندي آزادي،
    سر سان ٻڌڻو پيو ڪفن آهي.

    سال سارو ٻنيءَ ۾ لوڙيو ٿم،
    ٻن مهينن جو آيو ان آهي.

    درد تنهنجو ”اداس“ ڇا هوندو،
    گھاءُ جيڪو ڏنو گلن آهي.


    خوف دهشت جاڳي پيوٿو من منجھان،

    خوف دهشت جاڳي پيوٿو من منجھان،
    بوءِ رت جي ٿي اچي روڊن منجھان.

    لوڪ کان آئون لڪي پيو ٿو ڪڍان،
    جي ڪنڊا مونکي لڳا پنهنجن منجھان.

    ڪو ڏسي رستو قرارن جو کڻي،
    تنگ ٿيو آهيان گھڻو دردن منجھان.

    سنڌ خاطر جنگ جي ڪئي سون شروع،
    گونجندا نعرا اسان جا سن منجھان.

    توڙي هٿ ۾ ڪنڊا چڀندا رهيا،
    پو به ميڙيندو رهيس رستن منجھان.

    گھاءُ ڪنهن جي عشق جو ويو آ ڇٽي،
    داغ پر تنهنجو نه ويو آ تن منجھان.

    شال مهڪي سنڌ جو هر هڪ چمن،
    گل ڇڻي مرجھي نه ڪو گلشن منجھان.

    منهنجي تو مان دل ڦڪي ٿي پئي ”اداس“،
    روز جي مهڻن منجھان طعنن منجھان.


    پيار جي پينگهه تي ٿي جواني لڏي،

    پيار جي پينگهه تي ٿي جواني لڏي،
    ها مڃيم وڇ ڪلي زور تي ٿي ڪُڏي.

    عشق آهيان پهاڙن سان ٽڪرايان ٿو،
    وڻ مان ناهيان جو طوفان ڀڃي ۽ مُڏي.

    سونهن وارن جي ٻيڙي تي مان ڀي چڙهيس،
    عشق پنهنجو پرين پو تري يا ٻڏي.

    دل چيو آ گُھمون شهر تنهنجو پرين،
    پاڻ اينداسين توڏي سڀاڻي جھُڏي.

    حسرتن جي پکي جا پٽي پر پرين،
    هاڻ چئين ٿو الاءِ نٿو ڇو اُڏي.

    پيار دولت جو محتاج ناهي ”اداس“،
    ڪنهن ته مُرلي کنئي بادشاهي ٿُڏي.


    نه کيڏو خون جي هولي،

    نه کيڏو خون جي هولي،
    ٻڌايو امن جي ٻولي.

    وهي پيا نيڻ ها اُٿلي،
    ڏني يادن هئي ڇولي.

    اگھاڙو ڪوڙ ٿي پيو آ،
    ويو ٿس سچ کسي چولي.

    ڏيندي آ روح کي راحت،
    امڙ جنهن جي به ڏئي لولي.

    پڇيم تنهنجو چڙي هُو ڇو،
    سهيلي تنهنجي ساڙولي.

    گلن جي آس هئي جنهن ۾،
    ڪنڊن سان تنهن ڀري جهولي.

    قلم جا ٿي به ڳالهايو،
    اتي خاموش ٿي گولي.


    خواب ۾ پئي ڏٺم حور ڪمري اندر،

    خواب ۾ پئي ڏٺم حور ڪمري اندر،
    اک کلي هڪڙو هُس مور ڪمري اندر.

    در کي تالو هڻي مان ستو هوس مگر،
    ڪيئن آيا گھڙي سور ڪمري اندر.

    وقت کي گھرج آ اٿ هلون دار ڏي،
    رات آيو هو منصور ڪمري اندر.

    روشني جي اگر جي ضرورت پئي،
    خود جلائي ڪندس نور ڪمري اندر.

    عشق منهنجي جو نوحو چون درد ٿا،
    روز هوندو آ عاشور ڪمري اندر.

    وقت! مونکان کسي زندگي جو مزو،
    ۽ ڪري وئين ڇڏي جھور ڪمري اندر.

    تو مسيحا اچڻ ۾ گھڻي دير ڪئي،
    دم ڏنو نيٺ دل چور ڪمري اندر.


    ڪو به منظر نه تو سوا وڻندو،

    ڪو به منظر نه تو سوا وڻندو،
    دل ٽٽل آهي شهر ڇا وڻندو.

    جنهنجو پنهنجن هجي جلايو گھر،
    اهڙي ماڻهو کي ڇا ڀلا وڻندو.

    لفظ ناهن جو مان بيان ڪيان،
    ايترو آهي دلربا وڻندو.

    جو وڻي سو ملي ائين ناهي،
    سهڻو ماڻهو ته سڀ کي آ وڻندو.

    جنهن چمي تنهنجي چپن جي خوشبو،
    تنهن کي موتيو گلاب ڇا وڻندو.

    ڇو پڇين ٿو ”اداس“ جو پو تون،
    ناهي توکي اگر مٺا وڻندو.


    شاعري پنهنجي لاءِ ماني ٿئي،

    شاعري پنهنجي لاءِ ماني ٿئي،
    خوش هي ڪيڏي نه زندگاني ٿئي.

    پيار جي ڏيو نه ٿا ته غم به نه ڏيو،
    جي اوهان کان هي مهرباني ٿئي.

    تو سوا ٻيو نه ڪنهن کي چاهيندم،
    چاهي منهنجي ختم جواني ٿئي.

    خواب ۾ روز گڏ ئي گڏ آهي،
    جاڳ ۾ ڇو ٿو دور جاني ٿئي.

    حسرتن جا نه گل اُتي پوکيو،
    جي نه ٿي پاسباني ٿئي.

    مسئلا قوم جا لکان ويٺو،
    قوم جي پئي ٿي ترجماني ٿئي.

    باغ هڪ ڏينهن اُجڙي سو ويندو،
    ڪين ٿي جنهنجي باغباني ٿئي.

    فڪر نئون شعر ۾ ”اداس“ ڏنو،
    ڪاش اي دوست قدرداني ٿئي.


    ڳوٺ دلڪش پرين اباڻو هو،

    ڳوٺ دلڪش پرين اباڻو هو،
    ڪيڏو ماحول دوستاڻو هو.

    خواب ايڏو ته ڪو روئاريو هو،
    صبح تائين ڀنل وهاڻو هو.

    هن جي من مان اُميد جو پنڇي،
    آخري ساهه سان اُڏاڻو هو.

    رات هاسين اسان به محفل ۾،
    حسن وارن جو آجياڻو هو.

    گاج آئي وهي ڀريو منڇر‏،
    ڪالهه خوش ڪيترو مُهاڻو هو.

    نڪري آيس ”اداس“ جنت مان،
    تو سوا اُت به ساهه ساڻو هو.


    محبت ۾ ائين دل رولجي ٿي،

    محبت ۾ ائين دل رولجي ٿي،
    وڃايل چيز ڪا جيئن ڳولجي ٿي.

    ڇلن ٿيون درد جون ڇوليون اندر ۾،
    غمن ۾ زندگي ڇاڇولجي ٿي.

    اسين ان ديس جا رهواسي آهيون،
    جتي چاهت جي ٻولي ٻولجي ٿي.

    تڏهن ڪشمير ٿي پوندو آ ڪاڇو،
    وهي برسات ۾ نئين سول جي ٿي.

    ايئن لڳندو آ، ڄڻ غلطي ڪئيسين،
    جڏهن ڪا ڳالهه دل جي کولجي ٿي.


    جي هلبو فاصلا ڪٽبا،

    جي هلبو فاصلا ڪٽبا،
    جي ويهبو حوصلا گھٽبا.

    اسان کان پو به ڦل ڏيندا،
    ڪي اهڙا خواب هت ڇٽبا.

    نه هُم سوچيو ته گل ڇُهندي،
    ڪنڊن ۾ هٿ به ڪو ڦٽبا.

    هئي سڌ وقت مٽبو آ،
    نه هئي سڌ ماڻهون ڀي مٽبا.

    گلن کي چئو ٽڙڻ ڇڏين،
    اگر ٽڙندا ته پيا پٽبا.

    سدا ڌرتي جي دشمن تي،
    هي شهپر ٻئي پيا وٽبا.


    اوهان کان پوءِ ٿي نيري،

    اوهان کان پوءِ ٿي نيري،
    اکين جي روشني نيري.

    لڳي ٿو صبح ڀي ڌنڌلو،
    لڳي ٿي شام ڀي نيري.

    چٽايون سڀ کسي وئي هوءَ،
    ڪري وئي زندگي نيري.

    قلندر تان وتم تو لئه،
    ڪنگڻ نيرو سڳي نيري.

    سمنڊ نيرو تڏهن تنهن ۾،
    ٿي ڏسجي هر مڇي نيري.

    اکر ها پين جا نيرا،
    نه هئي پر شاعري نيري.


    هير ٿڌڙي مٺا گھُلي آهي،

    هير ٿڌڙي مٺا گھُلي آهي،
    مس وڃي اڄ دري کُلي آهي.

    بت ڏڪيو آ ڏسي اهو منظر،
    هن جي ڇاتي جڏهن ڇُلي آهي.

    هو چتائي ڀلا ڏسي ڇو ٿي،
    ٿو لڳي ڇوڪري ڀُلي آهي.

    تنهن نه ڀلجي ڪڏهن ڪو هٿ پڪڙيس،
    زندگي جنهن پٺيان رُلي آهي.

    رات ڪاري ڪري ڪٺائون ڪا،
    ڳالهه پاڙي ۾ وئي هلي آهي.

    ڇوريون هن کيت مان لڌي مون آ،
    ڪنهن جي نڪ مان ڪري ڦلي آهي.

    لام تي ڏس ”اداس“ ويٺي آ،
    ڇو دکي ايڏي بلبلي آهي.


    محبت سان اچي وئي زندگي ۾ روشني آهي،

    محبت سان اچي وئي زندگي ۾ روشني آهي،
    محبت کان سوا ماڻهون وساميل ڄڻ بتي آهي.

    اڃان هڪڙي وساريان مس اچي ٻي ياد ٿي تنهنجي،
    اندر ۾ ياد جي اچ وڃ گھٽي ٺاهي ڇڏي آهي.

    محبت آ اها ٻيڙي ويندي آ وهڪرن سان گڏ،
    ويندو جنهن طرف آ پاڻي ۽ وهندي جيئن ندي آهي.

    هُيس بزمِ حسينا ۾ رڳو زلفن جي هئي خوشبو،
    بدن هي روح سوڌو دوستو ويو واسجي آهي.

    ملياسين تون ۽ مان جڏهن، سڙي پنهنجا مخالف ويا،
    لڳي ائن ٿو انهن ماڻهن تي ڄڻ ڪا ڇپ ڪري آهي.


    شاعري اناج ٿي پوي

    شاعري اناج ٿي پوي،
    هي سکيو سماج ٿي پوي.

    موت کان ڇو اڳ مري غريب،
    سستو جي علاج ٿي پوي.

    سنڌ کي ڇو حق نٿا ملن،
    اٿ ته احتجاج ٿي پوي.

    گُھٽجي نفرتون مرن هتي،
    پيار جو رواج ٿي پوي.

    ڇو ڪڏهن اوهان جو او پرين،
    ٿو تکو مزاج ٿي پوي.


    زين العابدين کوسو

    ڄاڻ سڃاڻ

    نالو: زين العابدين کوسو
    ادبي نالو: زين کوسو
    پيءُ جو نالو: مينهون خان کوسو
    جنم تاريخ: 5 سيپٽمبر، 1971ع
    جنم جو هنڌ: ڳوٺ چينجاڻي
    تعليم: ايم. اي ۽ ايل ايل بي
    ڪرت: سرڪاري ملازم
    لکڻ جي شروعات: 1986:87ع
    ڇپيل مواد: سنڌ جي مختلف مشهور و معروف اخبارن ۽ رسالن ۾.
    لکيل صنفون: غزل، نظم، وائي، بيت، ٽه سٽا، هائيڪا، چوسٽا وغيره.
    لکپڙهه جو پتو: ڳوٺ چينجاڻي، پوسٽ آفيس جوهي، تعلقو جوهي،
    ضلعو دادو، سنڌ.
    رابطي جو نمبر: 03003564002


    وسارڻ هجي ها جي سولو وساري ڇڏيان ها

    وسارڻ هجي ها جي سولو وساري ڇڏيان ها،
    حياتي سڄي مان سوا تو گذاري ڇڏيان ها.

    محبت ۾ خطڙا لکيا ها تو جيڪي پيارا،
    سمورا سي ساڙي هوا ۾ اڏاري ڇڏيان ها.

    اچڻ جو هجي ها پتو جي، اکين ساڻ او سهڻا،
    سڄي ڳوٺ جون مان گهٽيون ئي ٻهاري ڇڏيان ها.

    سويرو پوي ها پتو جي ڪندين ڪار اهڙي،
    ته اڳواٽ ڪوسا ٻه ٽي لڙڪ هاري ڇڏيان ها.

    رقيبن سان رلجي ڪرين ها نه بدنام ايئن تون،
    سڄو ڌن ۽ تن ڪري تيل ٻاري ڇڏيان ها.


    جيون سارو سڏڪا آهون،

    جيون سارو سڏڪا آهون،
    دل ڪري ٿي دم دم دانهون.

    اڻ ڄاڻ مسافر وانگي آئون،
    ڀلجي ويو هان رڻ ۾ راهون.

    هر هر ياد اچن ٿيون تنهنجون،
    مونکي مٺڙا گوريون ٻانهون.

    مُنهنڙو موڙي مُرڪي گهورڻ،
    منهنجي دل تي قهري ڪاهون.

    تنهنجون چنچل شوخ ادائون،
    برهه ۾ ڀڙڪائن ٿيون باهون.


    ڪمرو، تصويرون ۽ تنهائي،

    ڪمرو، تصويرون ۽ تنهائي،
    سپنا، تعبيرون ۽ تنهائي.

    ڏک ڏولاون ۾ آهي جيون،
    چچريل تقديرون ۽ تنهائي.

    محب رٺو آهي، پرچائڻ لاءِ،
    سوچون، تدبيرون ۽ تنهائي.

    اکين آڏو ڌنڌلو عڪس هو،
    ٽيڙيون لڪيرون ۽ تنهائي.

    يادن کي ساري ”زين“ رنو آ،
    موُثر تحريرون ۽ تنهائي.


    گل ٽڙي پيا پرهه ڦٽيءَ جو،

    گل ٽڙي پيا پرهه ڦٽيءَ جو،
    لڙڪ لڙي پيا پرهه ڦٽيءَ جو.

    اهنجن جا اڄ تنهائي ۾،
    ساز ڇڙي پيا پرهه ڦٽيءَ جو.

    هٿڙن ۾ ڏس،گل چونڊيندي،
    خار گِهڙي پيا پرهه ڦٽيءَ جو.

    ماڪ جي صورت ۾ ڳلڙن تان،
    لڙڪ ڳڙي پيا پرهه ڦٽيءَ جو.

    چهه چهه ڪيڏي،پوء به ڪوئل جا،
    ڦٽ ڪُري پيا پرهه ڦٽيءَ جو.


    ايڏو ڇا لئه ويٺو آهين اداس،

    ايڏو ڇا لئه ويٺو آهين اداس،
    ڇا هي دنيا توکي آئي نه راس؟

    ڪيڏا طبقا ٿي ويا ماڻهن ۾،
    ڪو آ عام ته ڪو آ خاص.

    جڳ ۾ نفرت جي آ بوءِ وڌي،
    ڪنهن ۾ ناهي يارو چاهت واس.

    وقت ڊڪي ٿو، هرڪو آ مشغول،
    ڪنهن کي ناهي ڪنهنجو احساس.

    ماڻهن جا لامارا ماڻهن تي،
    هڪٻئي جو پٽن پيا ٿا ماس.


    حسينن کان ڪبي ڪهڙي شڪايت،

    حسينن کان ڪبي ڪهڙي شڪايت،
    رُئاري ڇڏڻ آ انهن جي روايت.

    اسانجو خير آهي جي مئاسين،
    هجين سهڻا سدائين تون سلامت.

    کڻي ڪاوڙ منجهان نظرون نهاريو،
    اِها ئي آ وڏي اوهانجي سخاوت.

    گهڙي جا تون وڃين ڏور مون کان،
    سائي مون لئه ٿي بڻجي قيامت.


    گهر جا ڪمرا خالي خالي،

    گهر جا ڪمرا خالي خالي،
    سوچون چهرا خالي خالي.

    بن خوشبو جي ڪاغذ جا گل،
    موتيا مگرا خالي خالي.

    منجهه حويلي سوچي سپنا،
    ٻاهر پهرا خالي خالي.

    ڏي ڪا شاعر سوچ سگهاري،
    لفظ نه دهرا خالي خالي.


    روڪ پنهنجي سار جي تون ڇاڙ کي،

    روڪ پنهنجي سار جي تون ڇاڙ کي،
    يا ته ديد جي پوري ڪر تون ٻاڙ کي.

    الفتن کي الوداع ڇا لئه ڪريون،
    يار ساڙيون نفرتن جي ساڙ کي.

    پوئتي ڇو ڌڪيو ويو آ سنڌ جي،
    ٿر، سرو، ڪاڇو، ڪچو ۽ لاڙ کي.

    عشق جو اوٿر اٿيو اهڙو اٿئي،
    ڌوڏي رسمن جي ڇڏيائين پاڙ کي.

    هوش آيو جوش ٺاهيو دوستو،
    ڪين سهبو هن ڌڙا ڌڙ ڌاڙ کي.

    روز مارو ٿا مرن تو ڇا ڪيو؟،
    بند ڪر پنهنجي لٻاڙي ڊاڙ کي.


    ڳاڙهن ڳلڙن مان جرڪي پيو ٿو جوڀن،

    ڳاڙهن ڳلڙن مان جرڪي پيو ٿو جوڀن،
    جاڙن جبلن مان جرڪي پيو ٿو جوڀن.

    ويجهو ويهه اچي، سرڪي منهنجي سامهون،
    نازن نخرن مان جرڪي پيو ٿو جوڀن.

    ڇيڙيان ڇوريءَ کي، ڇرڪي ٿي پئي،
    انهن ڇرڪن مان جرڪي پيو ٿو جوڀن.

    “دل جو شهزادو نيٺ ته ملندو مونکي”،
    سندر سپنن مان جرڪي پيو ٿو جوڀن.

    روز بيهي ٿي هو آئيني جي سامهون،
    پنهنجي درشن مان جرڪي پيو ٿو جوڀن.

    آڏا ٽيڙا لڪ، وادي ساري ساوڪ،
    ڪرندڙ چشمن مان جرڪي پيو ٿو جوڀن.

    موهي ڇڏيو آ شاعر تنهنجي شعرن،
    گيتن، غزلن مان جرڪي پيو ٿو جوڀن.


    سال صديون ٿي ويا،

    سال صديون ٿي ويا،
    پيار پتيون ٿي ويا.

    زندگي جا سڀ لمحا،
    زهر وٽيون ٿي ويا.

    سونهن جو ڏس ڪرشمو،
    گهاٽ گهٽيون ٿي ويا.

    هو نه آيو آ اڃان،
    چيٽ ڪتيون ٿي ويا.

    ڇا ٻڌايان ڪيترا،
    چاهه چتيون ٿي ويا.

    چين ناهي ڪا گهڙي،
    ساهه سسڪيون ٿي ويا.


    مزو ناهي نظارن ۾،

    مزو ناهي نظارن ۾،
    رهان توبن خمارن ۾.

    جڏهن کان ٿي جدا آهين،
    جلي دلڙي شرارن ۾.

    ڦُٽا گُل پر بنا خوشبو،
    رُکا رنگ سڀ بهارن ۾.

    هزارين ٻيا حسن وارا،
    اُتم آهين هزارن ۾.

    ڪري اظهار دل جو ٿي ،
    اشارن ئي اشارن ۾.

    لُڇيو آهيان ستو ناهيان،
    ڏٺم توکي ستارن ۾.


    هُو نچي جڏهن ڇير پائي پير ۾،

    هُو نچي جڏهن ڇير پائي پير ۾،
    روح رهڙيو ڄاڱري ڄڻ ٻير ۾.

    مُرڪ مُنهن تي، لڙڪ نيڻن ۾ لڪل،
    سوز ڪيڏو آهه ڇسي هن ڇير ۾.

    هوشمند بيهوش هِن جي سونهن تي،
    ڪو نه سمجھيو درد هيڏي دير ۾.

    باز وانگر جھول ۾ هُن کي جھٽي،
    ڪيو اضافو ڪنهن ته من جي مير ۾.

    نرم نازڪ بستري تي هو ڪِري،
    نانگ هن کي آندو پنهنجي گھير ۾.


    روز ساريندو هوندين مٺا،

    روز ساريندو هوندين مٺا،
    پڪ پڪاريندو هوندين مٺا.

    چين ناهي ڪا گھڙي تون ڀي،
    لڙڪ هاريندو هوندين مٺا.

    واٽ ويٺو تڪيان تون به اِئين،
    گس نهاريندو هوندين مٺا.

    نانءُ منهنجو لکائي گج تي،
    پوءِ پائيندو هوندين مٺا.

    گيت ڪو غزل منهنجو پڙهي،
    هانءُ ٺاريندو هوندين مٺا.

    زندگي لڳندي هوندئي زهر،
    ڪيئن گھاريندو هوندين مٺا.


    ڪنهنکي چاهڻ ڏوهه ته ناهي،

    ڪنهنکي چاهڻ ڏوهه ته ناهي،
    ماري جو سو موهه ته ناهي.

    اُٿلي ساگر ٻوڙي ساحل،
    ڇوليءَ جو سو ڇوهه ته ناهي.

    دل کي ايڏا درد نه ڏي تون،
    دل آ هي، ڪو روهه ته ناهي.

    ڪيسين سهندي سور وڇوڙو،
    جان اسانجي لوهه ته ناهي.

    دل ڦُري وئين زوري ”زين“ کان،
    اڃان پُڇين ٿو ڊوهه ته ناهي.


    پياري پنهنجي پريت ڪهاڻي،

    پياري پنهنجي پريت ڪهاڻي،
    بيت غزل هر گيت ڪهاڻي.

    ناز ڀلي ڪر، نازن وارا،
    ڪاوڙجڻ جي ريت پراڻي.

    ياد اٿي هُئي، جيءُ جليو هو،
    تون جو آئين آڳ اُجهاڻي.

    دل سان دل ڳنڍ سونهن جا سائين،
    پوري ڪر هي آس نماڻي.

    هر چيز ٿيندي نيٺ فنا،
    ليڪن ناهي پيار پڄاڻي.


    ڪوڙي دنيا ڪوڙا ماڻهو،

    ڪوڙي دنيا ڪوڙا ماڻهو،
    انڌا گونگا ٻوڙا ماڻهو.

    جڳ کي جيڪي سمجهيا ڪينڪي،
    توڙي ٿي ويا پوڙها ماڻهو.

    ڪنهنکان ڪوئي ڪين پڇي ٿو،
    ڇوٿو ڳاڙي ڳوڙها ماڻهو.

    پٺتي آهيون پاڻ اڃان ڀي،
    ترقي ڪري ويا اوڙا ماڻهو.

    قاتل سورهيه سرويچ ڪُٺا،
    هر هنڌ هائي گهوڙا، ماڻهو.

    بک ۽ بدحالي منجهه مئا،
    پائي ڳچي ۾ ٽوڙها ماڻهو.


    تنهنجي مجبوري سمجهان ٿو،

    تنهنجي مجبوري سمجهان ٿو،
    مونکان هي دوري سمجهان ٿو.

    ڏوهه نه تنهنجو ڪوئي آهي،
    ڳالهه سموري سمجهان ٿو.

    شايد ملڻي ناهين مون کي،
    ها آس اڌوري سمجهان ٿو.

    منهنجا ڀاڳ سڪي جا پاسا،
    هي اکر ڀوري سمجهان ٿو.

    گهاڻي ۾ ڄڻ گهاريو هوندئي،
    هر ساعت مون ري سمجهان ٿو.


    پيار ڏئي پو ڌار ڪرڻ کي ڇا چئجي،

    پيار ڏئي پو ڌار ڪرڻ کي ڇا چئجي،
    سونهن هوندي سينگار ڪرڻ کي ڇا چئجي.

    شرميلي آ، تڏهين ڪين ڪڇي ٿي،
    اکڙين سان اقرار ڪرڻ کي ڇا چئجي.

    ناري ڪائي پڪڙي ويئي پيار ڪندي،
    ماڻهن جي سنگسار ڪرڻ کي ڇا چئجي.

    هن جي يادن کان پل ڀي ناهيان واندو،
    حد کان وڌ پيار ڪرڻ کي ڇا چئجي.

    جوٺي جڳ ۾ ڪير به ناهي ڪريل جو،
    چڙهيل سان سهڪار ڪرڻ کي ڇا چئجي.


    دل ٿي منهنجي باغ بهار،

    دل ٿي منهنجي باغ بهار،
    سندر تنهنجي نيڻ نهار.

    رات سڄي آ لوڇ لڇايو،
    پل ڀي آيو ڪونه قرار.

    شيشي جهڙو صاف شفاف‏،
    تنهنجو منهنجو پاڪ پيار.

    مجبورين جي ڪن ۾ ڦاٿل،
    عشق جي ٻيڙي پار اڪار.

    ڀاڪر بوسا ڪوسا ڪوسا،
    مونڏي تنهنجا کوڙ اڌار.

    سگھڙي اچ تون ساهه سڪي ٿو،
    مور نه مونکان ڌار گذار.

    ”زين“ کي وڃ ديدار ڪراءِ،
    مونڏي واپس موڙ مهار.


    منهنجا سارا خط ساڙي ڇڏ،

    منهنجا سارا خط ساڙي ڇڏ،
    تصويرون ڀي تون ڦاڙي ڇڏ.

    الزام جفائن جا سارا،
    منهنجي کاتي ۾ چاڙهي ڇڏ.

    پنهنجي پيرن هيٺان پيارا،
    جذبا ايئين نه لتاڙي ڇڏ.

    دل جو هلڪو بار ڪرڻ لئه،
    ”زين“! ٻه ڳوڙها ڀل ڳاڙي ڇڏ.


    وائي

    سهڻا تنهنجي سڪ،
    هُرکُر لائي هينئڙي.
    ساري گهاريل ساعتون،
    ويتر وڌي ڇڪ،
    هُرکُر لائي هينئڙي.
    دوري دلبر ايئن ڄڻ،
    ڀاري ڀونءِ جي ڀڪ،
    هُرکُر لائي هينئڙي.
    ڳايان تهنجون ڳالهڙيون،
    منڊيءَ تي جيئن ٽڪ،
    هُرکُر لائي هينئڙي.
    صبح سانجهي سورن جو،
    جيون گاڏو ڌڪ،
    هُرکُر لائي هينئڙي.
    منهنڙو مٽبو ڪيئن مٺا،
    جڳ ۾ تون ئي هڪ،
    هُرکُر لائي هينئڙي.


    غلام حيدر گهايل لغاري

    ڄاڻ سڃاڻ

    نالو: غلام حيدر لغاري
    ادبي نالو: گهايل لغاري
    پيءُ جو نالو: فيض محمد لغاري
    جنم تاريخ: 15 نومبر، 1976ع
    جنم جو هنڌ: ڳوٺ بچل لغاري
    تعليم: بي. اي
    ڪرت: سرڪاري ملازم
    لکڻ جي شروعات: 1990ع
    مرتب ڪيل ڪتاب: امن جو پورٽريٽ
    مليل ايوارڊ: 1)”جشن لطيف ايوارڊ“ 1996پاران (سينوا) سنڌ
    سيڪريٽيريٽ نان گزيٽيڊ ويلفيئر ايسوسيئيشن ڪراچي سنڌ.
    2) بهترين ڪارڪردگي ايوارڊ 2016ع ضلعا رابطا سيڪريٽري،
    سنڌي ادبي سنگت سنڌ.
    ڇپيل مواد: سنڌ جي مختلف مشهور و معروف اخبارن ۽ رسالن ۾.
    لکيل صنفون: غزل، نظم، وائي، بيت، ٽه سٽا، هائيڪا، چوسٽا وغيره.
    لکپڙهه جو پتو:ٽپال گهر جوهي، تعلقو جوهي، ضلعو دادو، سنڌ.
    رابطي جو نمبر: 03068592911 ۽ 03103405607


    درد جوڀن جو روپ بدلايو

    درد جوڀن جو روپ بدلايو،
    آئيني ڪيڏو آهه تڙپايو.

    عشق مشتاق سونهن جو آهي،
    عاشقن جون ڪٿائون اٿلايو.

    خوشبو جانب جي جسم جي آهي،
    بند در ۽ دري ته کولايو.

    زندگيءَ ۾ نوان ٿو رنگ ڀري،
    روشني جيئن پيار ڦهلايو.

    پاند پائي ڳچيءَ ۾ ليلائي،
    سهڻو سورن سان آهه پرچايو.

    قرب ڏيو يا نه ڏيو مگر”گهايل“،
    منهن ڏئي ڪو ته لفظ ڳالهايو.


    يادن جو پڙلاءُ ڏئي ويو،

    يادن جو پڙلاءُ ڏئي ويو،
    گهرو گهرو گهاءُ ڏئي ويو.

    ڪير چئي ٿو، آٿت ڏئي ويو،
    هو ته رڳي پڇتاءُ ڏئي ويو.

    اڻ ميو مون پيار گهريو پر،
    دردن جو هو داءُ ڏئي ويو.

    ”هاڻ نه وربو، آنءُ وڃان ٿو“،
    ڪهڙو ڏس سوداءُ ڏئي ويو.

    اڳيئي سڪ ٿي سينو ساڙيو،
    ويتر تن ۾ تاءُ ڏئي ويو.

    پاڻ سڃاڻو، پنهنجي ٻاريو،
    ”گهايل“ هي ورجاءُ ڏئي ويو.


    پيار مونکي انيڪ ڏي پيارا،

    پيار مونکي انيڪ ڏي پيارا،
    هانءُ لڙهيل کي ٽيڪ ڏي پيارا.

    هوش مون ۾ رهي نه ڪو باقي،
    اهڙي چاهت جو پيڪ ڏي پيارا.

    تاب تنهنجو نه ڪٿ وجهي ساڙي،
    ايئن نه جلون جو سيڪ ڏي پيارا.

    منهنجي جيون ۾ ڇانورو ٿا ڪن،
    زلفن کي ڇوڙي ڇيڪ ڏي پيارا.

    سنڌ لاءِ جاڳ چوچڙي بڻجي،
    دشمنن کي ڪو سيڪ ڏي پيارا.

    محبتون اڄ کڻي وڃي ”گهايل“،
    تون ڪري دل ۾ پيڪ ڏي پيارا.


    *پيڪ: پيگ جي بگڙيل صورت معنيٰ شراب
    ** پيڪ: بند.


    سونهن ڪيڏو سرور آندو آ،

    سونهن ڪيڏو سرور آندو آ،
    عشق مون ۾ شعور آندو آ.

    هي انا جي تباهه ڪاري جو،
    الفتن ۾ فتور آندو آ.

    دلبري ڪانه ٿي ملي ڪٿ ڀي،
    من ۾ ماڻهن ڪلور آندو آ.

    مون خدا کي ڏٺو آ بندي ۾،
    نينهن نيڻن ۾ نور آندو آ.

    احمقن پيار کان ڪري نفرت،
    زندگين ۾ نٿور آندو آ.

    سونهن! پائي سگهيس نه مان توکي،
    پر اثر تو ضرور آندو آ.

    زلف آرس ڀڃين ٿا ”گهايل“،
    حسن ڪيڏو غرور آندو آ.


    منهنجي دل جي جناب خاني ۾،

    منهنجي دل جي جناب خاني ۾،
    کوڙ سارا عذاب خاني ۾.

    مان سدائين مست مست ٿو رهان،
    تنهنجي اک جي شراب خاني ۾.

    حسن جي نور کي ڏٺوسين پئي،
    ننڊ! تنهنجي ئي خواب خاني ۾.

    عڪس خوابن جو ميٽجي ويندو،
    مان رکان ڪيئن آب خاني ۾.

    حسن ڏسبو ڪڏهن آئيني ۾،
    ڪجهه لڪائي حجاب خاني ۾.

    تون جو عملن سچو رهيو ناهين،
    تنهنجا نظريا خراب خاني ۾.

    هڪ نظر ۾ ”نظر“ جهپي ويو دل،
    ڄڻ رهيو آ عقاب خاني ۾.

    اک حيا ۾ ٻڏل ڏٺي ”گهايل“،
    راهه ويندي نقاب خاني ۾.

    نظر: وفا نظر حسين شاهاڻي، منهنجو پيارو دوست.


    پاڻ هن جي نهار ٿي پياسين،

    پاڻ هن جي نهار ٿي پياسين،
    پن ڇڻي ۾ بهار ٿي پياسين.

    حق طلبي گناهه ڄڻ ڪو ٿيو،
    ان ڪري داغدار ٿي پياسين.

    روپ رهبر جو رهزني نڪتو،
    ديس سان گڏ شڪار ٿي پياسين.

    پنهنجي خوابن جو موت ٿي پيو آ،
    اڄ تڏهن سوڳوار ٿي پياسين.

    سونهن! تنهنجي هٿان محبت ۾،
    جيت هوندي به هار ٿي پياسين.

    فطرتن گل ٿا لڳون ”گهايل“،
    لوڪ جي لاءِ خار ٿي پياسين.


    ٻري مون ڪئي روشنائي زمانا،

    ٻري مون ڪئي روشنائي زمانا،
    لڇان ٿو ڪکي پئي چڱائي زمانا.

    وڏا ٽهڪ ڏئي، ڪوڙ خوشيون ملهايون،
    صليبن تي لٽڪيل سچائي زمانا.

    صدين جي سمايل آهي اڃ اندر ۾،
    اڃان پيار سرڪي سوائي زمانا.

    اندر جون اکيون کول ونحن و اقرب،
    انهيءَ ۾ سڄي آ خدائي زمانا.

    جڏهن سچ چوڻ دوستن کي لڳاسين،
    ڏنگيندي رهي هيڪلائي زمانا.

    اسان نور چئون ٿا بشر ناهي آقا،
    اوهان جي اکين ۾ انڌائي زمانا.

    ڏسون اڄ به ٿا ڪربلا آ لڳي پئي،
    قهاري ۾ ڪانهي توائي زمانا.


    وقت جي گهڙيال جي ٽِڪ ٽِڪ،

    وقت جي گهڙيال جي ٽِڪ ٽِڪ،
    سنڌ! تنهنجي خيال جي ٽِڪ ٽِڪ.

    راحتن کي ڪنهن ڏٺو آهي،
    آدمي بي حال جي ٽِڪ ٽِڪ.

    تون جي نظرون کڻي نهارين ٿي،
    منظرن ۾ ڪمال جي ٽِڪ ٽِڪ.

    پياربن بي معنيٰ ٿو لڳين،
    عاشقي جي حال جي ٽِڪ ٽِڪ.

    فَاذ کُرني اذ کُرُ کم،
    ذهن ۾ لڄپال جي ٽِڪ ٽِڪ.

    سک پهاڙن تي سمهي پيو آ،
    ڏيهه ۾ جنجال جي ٽِڪ ٽِڪ.

    تون رسائي کان پري آن فلڪ،
    ڀونءَ تي ڀونچال جي ٽِڪ ٽِڪ.


    پنهجائپ جا رشتا ٽانڊا،

    پنهجائپ جا رشتا ٽانڊا،
    مون لئه سارا رستا ٽانڊا.

    چاهت جا گل ڪومائن پيا،
    محبوبن جا رويا ٽانڊا.

    درد جي اهڙي شدت ڀانيم،
    نيڻئون نڪتا ڳوڙها ٽانڊا.

    منهنجي من کي ڇرڪائن ٿا،
    ٻهروپين جا پاڇا ٽانڊا.

    آسون ساڙي رک ڪيائون،
    يارن جا ها لهجا ٽانڊا.

    هن کي هٿ ۾ ڏيندي ٿي ويا،
    ”گهايل“جا گل دستا ٽانڊا.


    سڪ ۽ پيار مان سڏي ڪوئي،

    سڪ ۽ پيار مان سڏي ڪوئي،
    دل ڊٺل کي اچي اڏي ڪوئي.

    دل کي تنهائي پئي ڪپيندي آ،
    ساٿ ڪنهنجو نه شل ڇڏي ڪوئي.

    آهي واريءَ جي مُٺ جيان جوڀن،
    حُسن تي ايڏو ڇو پڏي ڪوئي.

    درد پنهنجن ڏنا اٿس شايد،
    اڄ ٿو مجبور ٿي لڏي ڪوئي.

    روح کي راحتون ملن موٽي،
    پنهنجي سٿ ۾ کڻي گڏي ڪوئي.


    وڇوڙي ساهه ساڙيو آ،

    وڇوڙي ساهه ساڙيو آ،
    جِئين سيءَ گاهه ساڙيو آ.

    جسم هو طور سينا جيان،
    حُسن جي باهه ساڙيو آ.

    سڄڻ جي آٿتن اڄ ڇو؟
    منهنجو ويساهه ساڙيو آ.

    هوا جي اک ڏيئي تي هُئي،
    تڏهن اونداهه ساڙيو آ.

    تڏهن آ دل منهنجي ”گهايل“،
    جو عشق اٿاهه ساڙيو آ.


    درٻار عشق جي ۾ مهمان ڪيترا،

    درٻار عشق جي ۾ مهمان ڪيترا،
    تنهنجي حُسن تي ٿي پيا مستان ڪيترا.

    درياهه درد جو هي سيلاب آڻيندو،
    هن ساهه کي ٻڏڻ جا امڪان ڪيترا.

    آڙاهه نفرتن جا ٻارين ٿا پيا،
    انساني روپ ۾ هي شيطان ڪيترا.

    اچ پنهنجي چاهتن جا گل پوک تون پرين،
    گلشن اسان جا رهندا سنسان ڪيترا.

    ملندين ته دوست پاڻ ئي محسوس تون ڪندين،
    ”گهايل“ جي دل ۾ آهن ارمان ڪيترا.


    وقت جو انتظار ٿا ڪريون،

    وقت جو انتظار ٿا ڪريون،
    نيڻ هي اشڪبار ٿا ڪريون.

    هي حياتي حسين ٿي پئي آ،
    عشق پروردگار ٿا ڪريون.

    سونهن مدهوش ٿي ڪري تڏهين،
    پاڻ کي بي قرار ٿا ڪريون.

    تون رڳو اچ پرين اسان جي تر،
    رُت خزان کي بهار ٿا ڪريون.

    پنهنجي مقدر کي ئي ڇرو لڳندو،
    رهزنن کي ڌنار ٿا ڪريون.

    ڳل ڇهڻ جي خطا تي”گهايل“،
    معذرت بار بار ٿا ڪريون.


    اسان وٽ سونهن آئي آ، لڳي ٿو عشق ڀي ايندو،

    اسان وٽ سونهن آئي آ، لڳي ٿو عشق ڀي ايندو،
    محبت جو هي مئخانو نگاهن ۾ مچي ويندو.

    اسان جو حوصلو آهين، اسان جو ولولو آهين،
    اسانکي جي ڇڏيندين تون اسانکي ڪير سنڀاليندو.

    گهڙياسين عشق جي دريا ۾ سهڻي جيان ٻڌي سندرو،
    سچائي جو بتيلو آ ڪناري تي پڄائيندو.

    وڇوڙي جو اندر ۾ آ وڏو طوفان جاڳي پيو،
    لڳي ٿو هن حياتي جي ڏيئي کي ئي اُجھائيندو.

    اسان ”گهايل“ وساريل ورق جي آهيون ته غم ناهي،
    اميد آهي اُهو ماضي جي الفت کي سنڀاريندو.


    دوستي ۾ دغا ڏسان ويٺو،

    دوستي ۾ دغا ڏسان ويٺو،
    حق ۽ سچ کي گهُٽا ڏسان ويٺو.

    گهر خدا جي وڃان به وڃان ڇو؟
    تن من ۾ خدا ڏسان ويٺو.

    بس حسين ئي ڪونهي، يزيد گهڻا،
    هر گهٽي ڪربلا ڏسان ويٺو.

    پيار ٿيو شرمسار ڪورٽ ۾،
    سونهن کاڌا ڌڪا ڏسان ويٺو.

    پيار! توکي گناهه سمجھن ٿا،
    کوڙ ڪافر ڪٽا ڏسان ويٺو.

    چاهه ناهي ندي وڃي گهٽجي،
    دل ۾ دريا وڏا ڏسان ويٺو.

    صرف ”گهايل“ نه پيار جو پياسو،
    کوڙ تارا تسا ڏسان ويٺو.


    سونهن ڏي دل رسا ڇنائي ٿي،

    سونهن ڏي دل رسا ڇنائي ٿي،
    حوصلا عشق جا وڌائي ٿي.

    ڄڀ ڪٽي، چپ سبي ڇڏيا ظالم،
    رات ڪاري گهڻو ستائي ٿي.

    سونهن ۾ مون ڏٺو خدا آهي،
    مرڪي پنهنجي اڳيان جهُڪائي ٿي.

    ڌرتي پيرن هيٺان ٿي کسڪي پئي،
    قوم تاڙيون اڃان وڄائي ٿي.

    ياد دل جي اچي غفائن ۾،
    روح جي روشني وڌائي ٿي.

    هُو نه سمجھي سگھي سرابن ۾،
    عمر واري پٺيان وڃائي ٿي.

    شل ملاقات ٿي پوي ”گهايل“،
    هي جدائي ته روز گهائي ٿي.


    نيڻ تنهنجا خمار آڇين ٿا،

    نيڻ تنهنجا خمار آڇين ٿا،
    زندگي کي قرار آڇين ٿا.

    پاڻ گل هٿن ۾ کڻي ٿا ڏيون،
    پو به عيوض ۾ خار آڇين ٿا.

    خواب رت ۾ رڱي سدا آمر،
    خزان جهڙي بهار آڇين ٿا.

    حب پنهنجي اندر ۾ ترسائي،
    عمر جو انتظار آڇين ٿا.

    هي ڪيڏي نه خوش نصيبي آ،
    پنهنجي ٻانهن جو هار آڇين ٿا.

    توکي خاموش رهڻو آ ”گهايل“،
    پر ڪٽي، جي اڏار آڇين ٿا.


    مون مان هُن جو ڌيان مٽجي ويو،

    مون مان هُن جو ڌيان مٽجي ويو،
    پل ۾ سارو جهان مٽجي ويو.

    ماڻڪن سر صليب ٿي رکيا،
    ڪانئرن جو بيان مٽجي ويو.

    هُن ڀريا پير پيار مان جڏهين،
    درد جو داستان مٽجي ويو.

    روبرو سونهن جا پسي جلوا،
    زندگي جو گمان مٽجي ويو.

    پيار ۾ پاڻ اڀ کي ڇُهنداسون،
    ڏئي وفا جي زبان مٽجي ويو.

    مان پُڳس آسري صدارت جي،
    ها مگر ميزبان مٽجي ويو.


    اسان ڪنهن انتظاري ۾،

    اسان ڪنهن انتظاري ۾،
    اکيون هن اشڪباري ۾.

    اسان جو چاهه ڦٿڪي ٿو،
    اوهان جي بي قراري ۾.

    اسان الفت جي ڳالهين ۾،
    زمانو انتشاري ۾.

    ڏسون ٿا ڏينهن جو اوندهه،
    رهون ٿا رات ڪاري ۾.

    چمن مالهي اجاڙي ٿو،
    ٽڙن گل ڪيئن ٽاري ۾.

    وطن آزاد ٿو گهرجي،
    هُلايو سنڌ ساري ۾.

    ٿريلي ٻار جيان ”گهايل“،
    اسان جو پنڌ واري ۾.


    حياتي سوڀاري ڪندو هل پرين،

    حياتي سوڀاري ڪندو هل پرين،
    وفا جي اوساري ڪندو هل پرين.

    خزان حرڪتن کان مُڙي ڪانه ٿي،
    تُون مرڪي بهاري ڪندو هل پرين.

    دنيا جُون وانگي ٿي ساڙي بدن،
    ملي برف باري ڪندو هل پرين.

    ڏيئو حق ۽ سچ جو وسامي پيو،
    تون ٻارڻ جي تياري ڪندو هل پرين.

    حُسن جي مُريدن کي مستي به ايندي،
    فقط فيض جاري ڪندو هل پرين.


    وائي

    وائي

    اهڙي آئي ٻوڏ،
    جذبا سڀ لڙهي ويا.

    سڀ ڪجهه ٿي تباهه ويو،
    بچيون سپيون ڪوڏ،
    جذبا سڀ لڙهي ويا.

    حال اسان جا هي آهن،
    گنجي ڦاٽل گوڏ،
    جذبا سڀ لڙهي ويا.

    دل ۾ ڪانهي ڪا خوشي،
    ڪهڙي هڻجي هوڏ،
    جذبا سڀ لڙهي ويا.

    سنڌ سنڌ چڪنا چورٿيو،
    وسري وئي لوڏ،
    جذبا سڀ لڙهي ويا.

    سانوڻ جيئن ”گهايل“ رُنو،
    ڳوڙها بڻيا ٻوڏ،
    جذبا سڀ لڙهي ويا.


    بئڪ ٽائيٽل پيج


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 982
    ڪتابن جو مشاهدو: 3271974
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 861498
    2020 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ