شاعري

پنھنجا پاڇا

ھن مجموعي ۾ روُمانوي عنصر گهٽ مِلي ٿو پر زندگيءَ جي تلخ حقيقتن سان وابستگي ۽ طنز ڪلاميءَ جا جهَجها مثال مِلن ٿا. طنز جو فنڪارانہ استعمال ئي کيس اَھميت بخشي ٿو. طنز جو استعمال اڪثر ساھتيہ جي مُختلف وِڌائُن –شاعري، ڪھاڻي، اُپنياس، ناٽڪ نويسيءَ کان سواءِ چِترڪاري، اَداڪاري، نقل بازي (Mimicry) ۾ بہ ملي ٿو. طنز تِکي ۽ چُڀندڙ بہ ٿي سَگهي ٿي ۽ نامعلوم اَلبت اَڻلکي بہ. ڀڳوان ٻاٻاڻي صرف عشق و محبت جا ترانا گنگنائڻ جي بجاءِ زندگيءَ جي تلخ حقيقتن جا عڪس پيش ڪرڻ جي پَھل ڪري ٿو.

Title Cover of book پنھنجا پاڇا

مُھاڳ

شاعري اَحساسن، جذبن، اُمنگن ۽ سوچَ جي صورتُن جو عڪس آھي. ڪو شخص، سماج ۾ جيڪي ڪجهہ وَھي واپري ٿو يا جيڪي ڪجهہ ڏِسي وائسي ٿو، اَنڀؤ ڪري ٿو تنھن جو ٿورو يا گهڻو رد عمل سندس ذھن ۾ ضرور ٿئي ٿو. جڏھن سوچَ جو سِلسِلو شروع ٿئي ٿو تہ ذھن جي پَردي تي نَوان عڪس اُڀري ٿا اَچن جيڪي اِظھار جا محتاج رھن ٿا. ڪي اظھار پائي وٺن ٿا، پر ڪي رھجي ٿا وڃن.
اَڄوڪي دﺆر جي سنڌي شاعريءَ ۾ ڪافي نوان تَجُربا ٿي رھيا آھن. سوچَ جون نيون صورتون، اظھارَ ۽ اَدائگيءَ جا نَوان طريقا، نون لفظن ۽ مُحاورن جي گهڙت، بَحر ۽ وَزن جي پابَنديُن کان آزاد ٿي ھلڻ جي پِروَرتيءَ جَھِڙا عناصر عام نظر اَچن ٿا. عشق، محبت جون تَرنگوُن، حسن و جمال جا تَذڪِرا، گُل و بُلبُل جا اَفسانا، محبوب جو ناز و نخرو، عاشقن جو سوز ۽ گذار– اھي سڀ اَڄوڪي سِنڌي غزل مان لڳہ ڀڳہ غائب ٿي چُڪا آھن. پر جيئن تہ غزل ۾ بَحر ۽ وزن جي پابندي لازمي ۽ ضروري آھي تنھنڪري غزل لکڻ وارا شاعرَ انھيءَ پابنديءَ جو اَحترام ڪري ھلن ٿا. ”پنھنجا پاڇا“ ڀڳوان ٻاٻاڻي ’بندي‘ جي غزلن جو ٻيو مجموعو آھي. مجموعي ۾ روُمانوي عنصر گهٽ مِلي ٿو پر زندگيءَ جي تلخ حقيقتن سان وابستگي ۽ طنز ڪلاميءَ جا جهَجها مثال مِلن ٿا.
طنز جو فنڪارانہ استعمال ئي کيس اَھميت بخشي ٿو. طنز جو استعمال اڪثر ساھتيہ جي مُختلف وِڌائُن –شاعري، ڪھاڻي، اُپنياس، ناٽڪ نويسيءَ کان سواءِ چِترڪاري، اَداڪاري، نقل بازي (Mimicry) ۾ بہ ملي ٿو. طنز تِکي ۽ چُڀندڙ بہ ٿي سَگهي ٿي ۽ نامعلوم اَلبت اَڻلکي بہ.
ڀڳوان ٻاٻاڻي صرف عشق و محبت جا ترانا گنگنائڻ جي بجاءِ زندگيءَ جي تلخ حقيقتن جا عڪس پيش ڪرڻ جي پَھل ڪري ٿو. طنز ايتري چُڀندڙ ناھي:
رَھندا آھن چِڙيل ھميشھہ، پو بہ اَلاءِ ڇو
مُنھنجي لءِ ئي پُڇنداآھن، پَرپُٺ اَڪثر
آمھون سامھون مِلن اَگر ھوُ، نَڪَ کي موڙِن
فوٽو مُنھنجو ڏِسندا آھن، پَرپُٺ اَڪثر
مُنھنجي خَطن کي بِنا پَڙھڻ جي ڦاڙي پوءِ ھوُ
ٽُڪرن کي جوڙيندا آھن پَرپُٺ اَڪثر
ھَر رَچنا رچناڪار جي اَحساس جي اَڀِويَڪتي ئي تہ آھي. شاعر، چِترڪار يا ڪو فَنڪار جيڪي ڪُجهہ اَنڀؤ ڪري ٿو تنھن جو بي ساختہ اِظھار ڪري ٿو انھيءَ اَڀِويَڪتيءَ ۾ ڪڏھن آھَہ نظر ٿي اَچي تہ ڪڏھن واھہ بہ: –
ٿيِنديِ بِہ گهاءُ گهاءُ حَياتي تہ ڇو نہ يارَ
ھَرڪو ھَڻي ٿو ڏَنگَ، بَچايان ڪِٿان ڪِٿان؟
طنز جو دائرو وسيع آھي. لَپيٽَ ۾ ڪو اَڪيلو فَرد بہ اچي سَگهي ٿو تہ سَماج جو ڪو فِرقو بہ اَچي سَگهي ٿو : –
جِن جو نَہ واسطو ڪو اَدَب ۽ ڪلا سان آ
ھَر مَنچَ تي ٺَھيِ ٺُڪيِ ڇو سي ئيِ ٿا وِھَن ؟
ڀڳوانَ ٿا سڏائِن جيڪي جَھانَ ۾
تِن جا بِہ شخصي ڪي تَہ خُدا پَنھِنجا ٿيِندا هِن !
ھِن مجموعي ۾ پيش ڪَيَل غزلن جا شعر ھَروڀَرو سڀئي طنز ۾ ناھِن، ڪن غزلن ۾ روُمانوي رَنگتِ بہ مِلي ٿي : –
مِلي روُبَرو جي، وَڃي مُنھن ڦِرائي
اَچيِ خوابَ ۾ پَر سَتائي ٿي ڪيڏو !
گهَڙي وَصلَ جي ياد آيَسِ ڪا شايَد
تصوّر ڪري مُسڪرائي ٿي ڪيڏو !
اَحساس جي اِظھار جي ڪا حَـدَ مُقرر ڪرڻُ ڏکيو آھي. اِظھار کي پَـرَ بہ کَپن ۽ پروازُ بہ کپي. نَفيِس کان نَفيس خيالن کي لفظن ۾ پِروئِڻُ بہ ڪَلا آھي : –
سَندَنِ آلا ڪَپِڙا، اَسانجوُن نِگاهوُن،
رِهاڻِيوُن ٻِنھيِ جوُن، ڀَلا ڇو ڦِٽايوُن !
ھِن شعر ۾ ڪيتري نہ سادگي آھي: –
ڀَلي ڪوشِشوُن ڪَنِ پَري ٿيِ رَهَڻَ جوُن،
ڀـُلائي نَہ سَگهَندا ’بندا‘ ويجهڙايوُن !
رِوايتي شاعريءَ ۾ حُسن و جمال جي تَذڪِرَن کي ترجيح ڏِني وينديِ ھُئي. پر اَڄُ بہ ڪِٿي ڪِٿي ذِڪرُ مِلي ٿو: –
ڀولوپَن، معصوم نَظر ۽
تيِرُ، ڇُري، ڪِرپاڻُ اکيُن ۾
ٿاھُہ سَگهيو آ ڪو بِہ نَہ پائي
اوُنھو آ مَھراڻُ اَکيُن ۾
جيِوَن جي يَٿارٿَ کي سَمجهيِ ھَلڻُ دانِشمَنديِ آھي. جيئڻ جو بہ نيٺ ڪو اَرٿُ تہ آھي ! جنھنکي اِھو اَحساس آھي اُھوئي وقت جو قَدُر ڪري ٿو: –
وَقتُ بہ معنيٰ تڏھن رَکي ٿو
اَگر جيئڻ جو اَرٿُ ھُجي ڪو
شاعر جي نظر آسپاس جي ھر چُر پُر، ھلچل تي پَھُچي ٿي ۽ سادن لفظن ۾ ڪو نُقطو پيش ڪري وِجهي ٿو : –
شيرُ ٿوري دير لءِ بس ھو سُمھيو
پو گِدَڙَ ھِڪدَم اُٿيا ڏِسُ ڪيتِرا
لاڪ ڊائون ۾ بہ ٻاھِر پيا گهُمن
مُلڪ ۾ ماڻھو چَرِيا ڏِسُ ڪيتِرا
مؤجودا ڀؤتِڪتاوادي دؤر ۾ اِنساني فِطرتَ ۾ ڪيڏو نہ ڦيرو آيو آھي، اِنھي جو اظھار اِجهو ھِنَ نَموني ڪري ٿو : –
چؤڌر ٿا مِلن ماڻھو، اِنسانُ ڪِٿي آ
ھَر واٽَ تي، ھَر گهاٽَ تي مان سَڀَ کان پُڇان ٿو
مَجبور آھي ڪيڏو اِنسانُ اَڄُ جو ’بندا‘ !
ماڻَڻَ وَڏي عُمر لءِ پَل پَل مَرڻَ لڳو آ
سادگيءَ ڀَريا ڪي شعر ڏِسو : –
عُمر سَڄي نہ چَکيسين ’بندا‘
ٿوري ٿوري وَٺبيِ ھاڻي

اِشتھارَ ڏئي اَخبارُن ۾
خود کي ئي خود وَڻَڻَ لڳاسيِن
ڪورونا مھاماريءَ سَبب لاڪ ڊائون ٿِيڻ تي ٻِين پرانتَن ۾ روزگار لاءِ وِيَل لکين مزدور ڪيتريُن مُشڪلاتن مان گُذرندي واپس پَنھِنجي موُل پرانتن ۾ پَھُتا، تَنھِنجو عَڪسُ شاعرَ ھيئن چِٽيو آھي: –
گُذَر لءِ بَسر لءِ جي نِڪتا ھا گهَر مان
کڻي لاشُ پَنھِنجو ڪُلھَن تي وَرن ٿا
اَھڙي طرح مجموعي ۾ زندگيءَ جي مُختلف شعبن سان وابستہ روزمرہ جي جيِون ۾ اُڀرندڙ اَحساسن، جذبن، اُمنگن ۽ اُڌمن جي خاصي عَڪاسي ٿِيَلَ مِلي ٿي.
ڪِٿي ڪِٿي ناقَص قافِيہ بہ استعمال ٿيل نظر اَچن ٿا ۽ ڪُجهہ ھَنڌن تي ڪي اَھڙا لفظ بہ آندا ويا آھن جيڪي عام فَھم کان مَٿَڀَرو نِڪري ٿا وَڃن، حالانڪ غزل جي اَنت ۾ اُنھن لفظن جون معنائون بہ ڏِنيون وَيون آھن.
سوچَ ۽ خيالَ جو دائِرو پاتالَ جي گَھِرايُن کان ويندي آڪاسَ جي خَلائُن تائين وسيع آھي ۽ شايد اَڃا بہ پَرڀَرو ٿي سَگهي ٿو. ڪا سوچَ عرشَن اُڏاميِ خَلائُن جو سيَـرُ ڪري ٿي تہ وري ڪو خيالُ ڌرتيءَ جي ڌوُڙِ جي ذَري ذَري ۾ سَمايَلَ حَقيِقَتَ جو مُشاھِدو ڪري جيڪي ڪُجهہ آھي ۽ جيِئَن آھي، سو پيش ڪري ٿو. ٻِنھي جو ڪَلاتمَڪ اِستعمال ئي معنيٰ رَکي ٿو.

اَرجن چاولا،
عليڳڙہ