شاعري

پنھنجا پاڇا

ھن مجموعي ۾ روُمانوي عنصر گهٽ مِلي ٿو پر زندگيءَ جي تلخ حقيقتن سان وابستگي ۽ طنز ڪلاميءَ جا جهَجها مثال مِلن ٿا. طنز جو فنڪارانہ استعمال ئي کيس اَھميت بخشي ٿو. طنز جو استعمال اڪثر ساھتيہ جي مُختلف وِڌائُن –شاعري، ڪھاڻي، اُپنياس، ناٽڪ نويسيءَ کان سواءِ چِترڪاري، اَداڪاري، نقل بازي (Mimicry) ۾ بہ ملي ٿو. طنز تِکي ۽ چُڀندڙ بہ ٿي سَگهي ٿي ۽ نامعلوم اَلبت اَڻلکي بہ. ڀڳوان ٻاٻاڻي صرف عشق و محبت جا ترانا گنگنائڻ جي بجاءِ زندگيءَ جي تلخ حقيقتن جا عڪس پيش ڪرڻ جي پَھل ڪري ٿو.

Title Cover of book پنھنجا پاڇا

ويچارَن ۾ صادِقُ سادو

ويچارَن ۾ صادِقُ سادو
تنھن کي چَوَنِ ٿا ماڳِھين موڳو

سَچَ جي مَنزل اَڻ ڄاتَل، ۽
پَھُچَڻَ جو آ پَنڌُ اَڻانگو

خطرو آهہ ڪِرڻَ جو ھَردم
چَڙهِج سَنڀالي ڏاڪو ڏاڪو

صافُ سَڻائيِ دِل جي آھي
ڪونہ رَهي پو ڀؤ ۽ ڀولو

راتِ کُٽَڻَ جو فِڪرتَڏهن ٿئي
اُجل صُبح جو هُجي ڪو سانگو

حَياتِ معنيٰ تڏهن رَکي ٿي
اَگر جِئڻَ جو اَرٿُ بہ آ ڪو

بِنا سَببَ ئي بَحثَ ھَلن جِتِ
سو سَڏِجي ڏاھَن جو ڏيرو

سالن جي دَزَ، ڌوُڙِ جهاڙَڻَ لءِ
گهُرجي تيز هَوا جو جهونڪو

سَمجهَن ھا جي وَقعَت’بندا‘
ڇو ڪن ھا ھئن مونکان پاسو!