شاعري

پنھنجا پاڇا

ھن مجموعي ۾ روُمانوي عنصر گهٽ مِلي ٿو پر زندگيءَ جي تلخ حقيقتن سان وابستگي ۽ طنز ڪلاميءَ جا جهَجها مثال مِلن ٿا. طنز جو فنڪارانہ استعمال ئي کيس اَھميت بخشي ٿو. طنز جو استعمال اڪثر ساھتيہ جي مُختلف وِڌائُن –شاعري، ڪھاڻي، اُپنياس، ناٽڪ نويسيءَ کان سواءِ چِترڪاري، اَداڪاري، نقل بازي (Mimicry) ۾ بہ ملي ٿو. طنز تِکي ۽ چُڀندڙ بہ ٿي سَگهي ٿي ۽ نامعلوم اَلبت اَڻلکي بہ. ڀڳوان ٻاٻاڻي صرف عشق و محبت جا ترانا گنگنائڻ جي بجاءِ زندگيءَ جي تلخ حقيقتن جا عڪس پيش ڪرڻ جي پَھل ڪري ٿو.

Title Cover of book پنھنجا پاڇا

ڇو تَڪڙ ھَردم ڪَري ٿيِ

ڇو تَڪڙ ھَردم ڪَري ٿيِ
ڪونَ آنندُ ڪو وَٺي ٿيِ

اَک ٻَکيِ ٿَس ڪنھن سان شايد
اِئن جو اَڄڪلھہ چُپِ رَھي ٿيِ

خود تَہ بي کُٽڪي سُمھي، پر
عاشِقَن جي نِنڊَ ڦِٽي ٿي

لُطفُ ماڻي ڪو اَگر پِيو
ٻئي مَٿان ڇو ڇِپَ ڪِري ٿي؟

ڪم اَٿس ڦاٿَلُ ڪو مون ۾
ڪِئن نَہ تنھن لءِ چَٽَ ٻَڌي ٿي !

سوُنھَن جوڀَنُ سَڀُ اُڏي ويو
پو بِہ ايڏو ڪِئن ڪُڏي ٿي !

ڪونہ مِليَسِ موٽَ موُن مان
تنھن تي مونکي ڄَٽُ چَوي ٿي !

ھاءِ ! پنھنجا ڇو ھَلي ويا
ڀِٽَ ڌَڻيءَ جي ڀِٽَ پُڇي ٿي

واڪُ ڏي ٿو جيڪو سَچَ جو
دُنيا تَنھِنجا چَپَ سِبي ٿي

مان ڪَمايان مَسخَريءَ مان
ڀَل تَہ ڪنھنجي پَڳَ لَھي ٿي

ڪونَ بِگڙي ڪُجهُہ ’بندي‘ جو
کيس دُنِيا ڀل پِٽي ٿي