شاعري

پنھنجا پاڇا

ھن مجموعي ۾ روُمانوي عنصر گهٽ مِلي ٿو پر زندگيءَ جي تلخ حقيقتن سان وابستگي ۽ طنز ڪلاميءَ جا جهَجها مثال مِلن ٿا. طنز جو فنڪارانہ استعمال ئي کيس اَھميت بخشي ٿو. طنز جو استعمال اڪثر ساھتيہ جي مُختلف وِڌائُن –شاعري، ڪھاڻي، اُپنياس، ناٽڪ نويسيءَ کان سواءِ چِترڪاري، اَداڪاري، نقل بازي (Mimicry) ۾ بہ ملي ٿو. طنز تِکي ۽ چُڀندڙ بہ ٿي سَگهي ٿي ۽ نامعلوم اَلبت اَڻلکي بہ. ڀڳوان ٻاٻاڻي صرف عشق و محبت جا ترانا گنگنائڻ جي بجاءِ زندگيءَ جي تلخ حقيقتن جا عڪس پيش ڪرڻ جي پَھل ڪري ٿو.

Title Cover of book پنھنجا پاڇا

سَچيوُن دِل ۾ ڪيڏيوُن ڪَھاڻيوُن لِڪايوُن

سَچيوُن دِل ۾ ڪيڏيوُن ڪَھاڻيوُن لِڪايوُن
مَگر ٺاهي جڳ کي ٻِئي ئي ٻُڌايوُن

نَہ ڪا سَمجهَہ آهي اَدَب ۽ ڪَلا جي
پَوي ڪو جي مطلب تَہ تَنھِن کي پَڏايوُن

لِکڻُ يا پڙهڻُ ۽ نَہ پَھِراڻُ سِنڌي
مگر پو بِہ خود کي ٿا سِنڌي سَڏايوُن !

اَسانجي ثَقافَتَ پُراڻي ۽ بَھِتر
وڏي شانَ سان سَڀَ کي واقف ڪَرايوُن

سُڃاڻَپَ اَسانجي جي رکڻي آ قائِمُ
تَہ بَھتر آ ٻارن کي سِنڌي پڙهايوُن

بڻايوُن کِلَڻھارُ خود کي ٿا جَڳَ ۾
ڪري پَنھِنجي مُنھَن سان ئي پَنھنجوُن وڏايوُن

مَڃي ڳالھِہ دُنِيا اَسانجيِ بِہ دِل سان
جي ڪِردار پَنھِنجي کي اوُچو بَڻايوُن

ڪيوُن ڪونَ مُحتاجَ ، نِرڌَن لءِ ڪُجهُہ ڀي
مگر شانَ ڪوُڙي ۾ سَڀ ڪُجهُہ لُٽايوُن

صَلاحوُن، سِکيائوُن تہ ھر ڪَنھِن ڏِنيوُن پر
نَہ تعميِل ٿي ڪا، وَيوُن سَڀُ اَجايوُن

’اِنھيءَ مان ڇا وَرندو؟‘، اِھو سوچي سوچي
ڪَمَن ڪيتِرَن کان اَسين ٿا نَٽايوُن

سُڀاڻي سُڀاڻي سُڀاڻي تي ٽاري
مِلَنِ جيڪي موقعا اِئين ٿا وِڃايوُن

سڄي عمر موُن سان نِڀايو تو ’بندا‘
اَڪيِچار موُن ۾ هُيوُن ڀَل مَدايوُن