شاعري

پنھنجا پاڇا

ھن مجموعي ۾ روُمانوي عنصر گهٽ مِلي ٿو پر زندگيءَ جي تلخ حقيقتن سان وابستگي ۽ طنز ڪلاميءَ جا جهَجها مثال مِلن ٿا. طنز جو فنڪارانہ استعمال ئي کيس اَھميت بخشي ٿو. طنز جو استعمال اڪثر ساھتيہ جي مُختلف وِڌائُن –شاعري، ڪھاڻي، اُپنياس، ناٽڪ نويسيءَ کان سواءِ چِترڪاري، اَداڪاري، نقل بازي (Mimicry) ۾ بہ ملي ٿو. طنز تِکي ۽ چُڀندڙ بہ ٿي سَگهي ٿي ۽ نامعلوم اَلبت اَڻلکي بہ. ڀڳوان ٻاٻاڻي صرف عشق و محبت جا ترانا گنگنائڻ جي بجاءِ زندگيءَ جي تلخ حقيقتن جا عڪس پيش ڪرڻ جي پَھل ڪري ٿو.

Title Cover of book پنھنجا پاڇا

اَڻ ڏِٺل لءِ ڪيِن ڪي واجهائِجي

اَڻ ڏِٺل لءِ ڪيِن ڪي واجهائِجي
جو مِلي اُن مان ئي سَڀ سُک پائجي

ساري ڪا ميلاپ جي سُھڻي گهَڙيِ
دِل سَدا پنھنجي اِئين بَھِلائجي

آ اَگر ھِڪڙو نَہ، ڀَل ڪو ٻيو صحيح
ڪِئن بہ پَنھِنجو ڪَمُ مَگر تہ ڌِڪائجي

ڀل تہ ڪھڙا ڀي نَوان ساٿي مِلن
ياد جهوُنن جي بہ پَر نہ مِٽائجي

ڪو نَسُل پنھنجو مَتان ڀُلجي وَڃي
ايتِرو ڪِنھِنکي نَہ ڪِٿ ساراھِجي

آھِہ بَھتر درگُذر ڪُجهہ ڪُجهہ ڪَرڻ
ٿوري ٿوري تي نَہ ڪَنھِن سان پائِجي

ٺاھَہ جيِ ڪوشِش ڪري ھَلجي ’بندا‘
داوَ تي عِزّت مَگرنہ لڳائجي