شاعري

پنھنجا پاڇا

ھن مجموعي ۾ روُمانوي عنصر گهٽ مِلي ٿو پر زندگيءَ جي تلخ حقيقتن سان وابستگي ۽ طنز ڪلاميءَ جا جهَجها مثال مِلن ٿا. طنز جو فنڪارانہ استعمال ئي کيس اَھميت بخشي ٿو. طنز جو استعمال اڪثر ساھتيہ جي مُختلف وِڌائُن –شاعري، ڪھاڻي، اُپنياس، ناٽڪ نويسيءَ کان سواءِ چِترڪاري، اَداڪاري، نقل بازي (Mimicry) ۾ بہ ملي ٿو. طنز تِکي ۽ چُڀندڙ بہ ٿي سَگهي ٿي ۽ نامعلوم اَلبت اَڻلکي بہ. ڀڳوان ٻاٻاڻي صرف عشق و محبت جا ترانا گنگنائڻ جي بجاءِ زندگيءَ جي تلخ حقيقتن جا عڪس پيش ڪرڻ جي پَھل ڪري ٿو.

Title Cover of book پنھنجا پاڇا

ڀَـلـمانسي، شَـرافَـت جو مان مُجيِبُ آهيان

ڀَـلـمانسي، شَـرافَـت جو مان مُجيِبُ آهيان
هر ڪَنھِن کان مان ڊِڄان ٿو ڪھڙو اَديِـبُ آهيان ؟

ايِمانَ تي هلي آ، مون زِندگي گُـذاري
ٿيو عام جي نَظر ۾ ماڻھوُ عَـجيِبُ آهيان

بَـس ڪوُڙُ ئي آ جِن جو ايِمانُ ۽ ڌَرَم ڀي
ٿـيِ دوُر تِن کان اَڄُ مان سَچَ جي قَريِبُ آهيان

نِـتُ دُشـمَـنـيِ نِـڀـائـيِ جِـن دوسـتيءَ جي ڍَڪَ ۾
ياري ٽُٽيِ آ تِن سان، مان خوش نَـصيِـبُ آهيان

تعريف ڇا ڪَئي مون هُن جي حَسينْ شِڪِل جي
پيو ايتري ۾ بڻجي ڪَنھِن جو رَقيِـبُ آهيان

جاگيِر ناهِہ ’بندا‘ ڀَـلِ ڪا زَميِنَ زَرَ جي
اِخـلاقَ ۽ اَفعالَن سان وَڏُ نَـجـيِـبُ آهيان

مجيب= قبول ڪندڙ، مڃيندڙ
نجيب = خانداني، اشراف،