نِگاهُن جي اِشارن مان عَجَب اِسرارَ جهَلڪَن ٿا
ڪڏهِن نَفرَت لَکائِن ٿيون ڪڏهِن ڏِسُ پيارَ جهَلڪَن ٿا
گهڻو آهِن اَندَرَ ۾ خوش ڪَري ديِدارُ مُنھِنجو هوُ
سَندَن اکڙيُن مان اَهِڙا ڪُجهُہ مِٺا اِظھارَ جهَلڪَن ٿا
تِکيُن نَظرُن جي تيِرَن سان رَکي ٿَن دِل نِشاني تي
زَباْن سان ڪيِنَ ڪُـجهُہ ٻولِن، اَکيُن ۾ کارَ جهَلڪَن ٿا
اَندَرَ ۾ ٿا رَکَن هَردم حِـقارَتَ ۽ بُـڇان موُن لءِ
مَگر ظاھِر تہ ڏِسُ ڪيڏا مِٺا مَنٺارَ جهَلڪَن ٿا
وَڏي عَرصي کان پو موُن ڏي کِلي مُشڪي نِھاريو ٿَن
وَري سَرچـاءَ جا يارَن سـان اَڄُ آثارَ جهَلڪَن ٿا
’بندي‘ جي مؤتَ جو ڄاڻي گهڻو خوش ئي ٿِيَن پيا، پَر
ڏَئي ڪُٽنبيُن کي پَرچاڻي وَڏا غَمخوار جهَلڪَن ٿا!