شاعري

پنھنجا پاڇا

ھن مجموعي ۾ روُمانوي عنصر گهٽ مِلي ٿو پر زندگيءَ جي تلخ حقيقتن سان وابستگي ۽ طنز ڪلاميءَ جا جهَجها مثال مِلن ٿا. طنز جو فنڪارانہ استعمال ئي کيس اَھميت بخشي ٿو. طنز جو استعمال اڪثر ساھتيہ جي مُختلف وِڌائُن –شاعري، ڪھاڻي، اُپنياس، ناٽڪ نويسيءَ کان سواءِ چِترڪاري، اَداڪاري، نقل بازي (Mimicry) ۾ بہ ملي ٿو. طنز تِکي ۽ چُڀندڙ بہ ٿي سَگهي ٿي ۽ نامعلوم اَلبت اَڻلکي بہ. ڀڳوان ٻاٻاڻي صرف عشق و محبت جا ترانا گنگنائڻ جي بجاءِ زندگيءَ جي تلخ حقيقتن جا عڪس پيش ڪرڻ جي پَھل ڪري ٿو.

Title Cover of book پنھنجا پاڇا

وَڃَن ناراض ٿي جي سَچُ چَوان، چَئِجي تہ ڇا چَئِجي ؟

وَڃَن ناراض ٿي جي سَچُ چَوان، چَئِجي تہ ڇا چَئِجي ؟
اَسانجي دوستن جي داستانْ، چَئِجي تہ ڇا چَئِجي !

نَہ ڀاسي کين ٿيِ واجِب ڪِٿي ڀي ڳالھِہ ڪا مُنھِنجي
وَڻان پَر ڪين تَہ بِہ، جي چُپِ رَھان، چَئِجي تہ ڇا چَئِجي !

ٿِئي نُقصان پبلڪ جو، ڏِسن سَڀُ پيا مگر، سوچِن
’ ڀَلا ڇا ٿو وَڃي مُنھِنجي ھَڙان؟‘، چَئِجي تہ ڇا چَئِجي !

ڇَڏايو جن وَطنُ پَنھِنجو، چَون ٿا سي، ’ اَچو واپَس‘
اَسان لءِ ڇو نِھارِن ٿا اَڃان ؟، چَئِجي تہ ڇا چَئِجي !

اُصولن ۽ عَقيِدن جا اَسان وَٽِ ڳوٺَ آھن خوب
مگر تِن جو ڪِٿي پالن پَسان ؟ چَئِجي تہ ڇا چَئِجي !

نِھارِن چؤطرف پيا واٽَ ڪَنھِن اَوتارَ جي ’بندا‘
ٿِيو پئدا نَہ ٿَن ڪو ڀيِ ڪِٿان، چَئِجي تہ ڇا چَئِجي !