’هلندي گهَڻي آ مُنھِنجي‘، چَوَندو نَہ ڪر، اِئين توُن
اَهڙيون ٻَٽاڪون سَکڻيون، هَڻندو نَہ ڪر، اِئين توُن
رَهبر اَنوکا اَڄُ جا، مَنزِل مُنجهائي وِجهندءِ
هَر ڪَنھِن کان پَنھِنجو رَستو پُڇندو نَہ ڪر، اِئين توُن
پَڌِرو ڪَري ڇَڏيندءِ سَڀ ڪُجهُہ دُنيا جي سامھون
ڪَنھِن سان بِہ دِل جون ڳالھِيوُن ڪڍَندو نَہ ڪر، اِئين توُن
تُنھِنجي حسيِنْ شِڪِل ۾ بِجليءَ جي ڇاٽَ آھي
بي پردا ڪَنھِنجي سامھوُن لنگهَندو نَہ ڪر، اِئين توُن
قانوُن آ ٺَھِيو جو ڏوهيُن جي ڌَر پَڪَڙ لءِ
اُن کان بنا سَببَ جي ڏَڪندو نَہ ڪر، اِئين توُن
چؤڌر رڱيل ئي شِڪليوُن، پر صافُ تُنھِنجو چَھِرو !
هوليءَ جي ڏڻ تي رنگ کان بَچَندو نَہ ڪر، اِئين توُن
مونکي صَفا وِسارڻُ، مُشڪِل گهڻو آ تو لءِ
دِل مان مونکي ڪَڍَڻ جي ڪَندونَہ ڪر ، اِئين توُن
مون سان ڦِٽائي، جڳ ۾ تُنھِنجو وَجوُدُ رَهندو !
سُپنا هي ڏينھَن ڏِٺي جا ڏِسندو نَہ ڪر، اِئين تون
ڪنهن ٻاجهَہ ۽ دَيا سان عُھِدو اَگر مِليو ٿَئي،
اَڀمانَ سان آڪَڙ ۾ هَلندو نَہ ڪَرِ، اِئين تون
چَوڻو اَٿئي اَگر جي، سامھون کُلي چَئي ڏي
پَرپُٺ ڪَڏھن بِہ ڪَنھِنجي بَڪَندو نَہ ڪر اِئين تون
’بندا‘! رَهيِن گهڻو ٿو مَشغول ، آ خَبر، پَـرَ
مَحفل ڇَڏي اَڌوُري اُٿندو نَہ ڪر، اِئين تون