لُڙڪَ اَکِ ۾ چَپَ تي چِڻگاريِ ھُجي
پَر اَندر مَنجهِہ دِل تہ ٻاجهاريِ ھُجي
سِڪَ سَندي سوغاتَ ھرڪو ڏي وَٺي
ڪَنھِن ۾ڪَنھِن لءِ ڪا نہ بيزاريِ ھُجي
پنھنجا غم دِل ۾ دَٻائي خوش رَھون
اَھڙي سَڀَ وٽ شَلَ اَداڪاريِ ھُجي
لَڄَ سندو ڳَھِڻو سَندَسِ سيِنگارُ آ
ڀل تہ عؤرتَ ڇو نَہ بازاريِ ھُجي
ھِن جَھانْ ۾ شَخص ڪوئي ناھہِ جَنھِن
دِل ڪَڏھِن ڪَنھِنجي نَہ آزاريِ ھُجي
ڪي لَڇَڻَ بُنيادي ھَر ڪَنھِن ۾ مِلن
شَخصُ ڀَل ڪو ڇو نَہ اوَتاريِ ھُجي
دانُ ڏي يا ڪنھنکي پَرچاڻيِ، مَگر
ھُن جو مَقصَدُ: ’ڳالھہ اَخباريِ ھُجي‘
ڪي تَہ رَستا بَندِ پَڪَ ٿيندا سَھين
گهَر اَندر ٿيِندي جي اوساري ھُجي
ڦوُٽِ رِشتَن ۾ تَہ پوَندي آ يَقيِنن
جيڪڏھن ڪو دِل تي شَڪُ طاريِ ھُجي
ڪوُڙَ کي سَچَ کان بہ وَڌ اَھميت ڏِئي
ڪنھنکي شَل اَھڙي نَہ لاچاري ھُجي
جيڪو جَھِڙو آھِہ، تنھنکي سو چَئون
ڪو نَہ چَپَ تي راڳُ دَرٻاريِ ھُجي
ڪو بِہ حيلو ڪم نَہ ايِندو آ تڏھن
وَقتُ ئي ’بندا‘ اگر ڀاريِ ھُجي
اوساري= ڀِت جي اَڏاوَتَ