شاعري

پنھنجا پاڇا

ھن مجموعي ۾ روُمانوي عنصر گهٽ مِلي ٿو پر زندگيءَ جي تلخ حقيقتن سان وابستگي ۽ طنز ڪلاميءَ جا جهَجها مثال مِلن ٿا. طنز جو فنڪارانہ استعمال ئي کيس اَھميت بخشي ٿو. طنز جو استعمال اڪثر ساھتيہ جي مُختلف وِڌائُن –شاعري، ڪھاڻي، اُپنياس، ناٽڪ نويسيءَ کان سواءِ چِترڪاري، اَداڪاري، نقل بازي (Mimicry) ۾ بہ ملي ٿو. طنز تِکي ۽ چُڀندڙ بہ ٿي سَگهي ٿي ۽ نامعلوم اَلبت اَڻلکي بہ. ڀڳوان ٻاٻاڻي صرف عشق و محبت جا ترانا گنگنائڻ جي بجاءِ زندگيءَ جي تلخ حقيقتن جا عڪس پيش ڪرڻ جي پَھل ڪري ٿو.

Title Cover of book پنھنجا پاڇا

اُنهن لءِ ڇانوَ اُس ڪَھِڙي، سُڪڻ جِن جي نَصيِبَن ۾

اُنهن لءِ ڇانوَ اُس ڪَھِڙي، سُڪڻ جِن جي نَصيِبَن ۾
خُدا دُنيا جا سَڀُ دُک ئي ورهايا بس غَريِبَن ۾

لڳا دِل سان رَهَن هَردم، نِڀائِن دوستي دل سان
مگر قِسمَتَ اَٿن اَهڙي سدا ڳَڻِجَن رَقيِبَن ۾

تَپاسِن سَڀُ مَشيِنُن سان نہ ٿَنِ ڪا ڄاڻَ ناڙِيُنِ جي
اڳوُڻو هُنرُ حِڪمَتَ جو رَهِيو ناهي طَبيَبَن ۾

لِکيِ جيِوَن ڪٿا ڪَنھِنجي پَڏائي پَنھِنجي مطلب سان
گهَڻن خود کي ڪَيو شامِل اِئين آهي اَديِبَن ۾

مليو جو قُرب يارَن مان، اَٿم دِل ۾ اُهو سانڍِيَلُ
تَپِش سِڪَ جي سَدا ’بندا‘ مِلي آهي حبيِبَن ۾