گهَڻو گهَڻو ڪُجهہ چَوندا آهن، پَر پُٺِ اَڪثر
يارَ گِلائون ڪَندا آهِن، پَر پُٺِ اَڪثر
رَهندا آهن چِڙيل هميشھہ، پو بِہ اَلاءِ ڇو
مُنھِنجي لءِ ئي پُڇندا آهِن، پَر پُٺِ اَڪثر
آمھوُن سامھوُن مِلن اَگر ھوُ، نَڪ کي موڙِن،
فوٽو مُنھِنجو ڏِسَندا آهِن، پَر پُٺِ اَڪثر
گهر ڌڻيءَ کي ڪيِنَ پُڇن، پر وَجهُہ ڪو تاڻي
گهر سَندس هوُ ويندا آهِن، پَر پُٺِ اَڪثر
غُصو پي ويندا هِن چُپ ۾ جيڪي ماڻھوُ
موقعو مِلَڻَ تي ڇُلندا آهِن، پَر پُٺِ اَڪثر
بَھبوديءَ جون ڳالھيوُن ڪَنِ ٿا، جيڪي ليڊَرَ
کاٽُ اُهي ئي هَڻندا آهِن، پَر پُٺِ اَڪثر
هِڪَ لَڱا ڇا ڀيرو ڪَيو موُن، لوئِن ويٺا !
پاڻ اُتي پَر ويندا آهِن، پَر پُٺِ اَڪثر
مُنھِنجي خطن کي بِنا پَڙهَڻَ جي ڦاڙي، پو ھوُ
ٽُڪِرَن کي جوڙيِندا آهِن، پَر پُٺِ اَڪثر
کِلندا آهن ٽَھِڪَ ڏَئيِ جي، گهَڻو ڪَري پوءِ
ڳوڙها ڳاڙي رُئندا آهن، پَر پُٺِ اَڪثر
مان ٿو لُڇان هِئن پَل پَل جِن لءِ ، اُھي مَگر ڇا
ڪڏهن بِہ موُن لءِ پُڇندا آهن؟ پَر پُٺِ اَڪثر
ڏِسَڻَ اَچن ڀَلِ ويري ظاهِر، پَر ’بندي‘ تي
جان فِدا پِڻ ڪندا آهن، پَر پُٺِ اَڪثر