شاعري

پنھنجا پاڇا

ھن مجموعي ۾ روُمانوي عنصر گهٽ مِلي ٿو پر زندگيءَ جي تلخ حقيقتن سان وابستگي ۽ طنز ڪلاميءَ جا جهَجها مثال مِلن ٿا. طنز جو فنڪارانہ استعمال ئي کيس اَھميت بخشي ٿو. طنز جو استعمال اڪثر ساھتيہ جي مُختلف وِڌائُن –شاعري، ڪھاڻي، اُپنياس، ناٽڪ نويسيءَ کان سواءِ چِترڪاري، اَداڪاري، نقل بازي (Mimicry) ۾ بہ ملي ٿو. طنز تِکي ۽ چُڀندڙ بہ ٿي سَگهي ٿي ۽ نامعلوم اَلبت اَڻلکي بہ. ڀڳوان ٻاٻاڻي صرف عشق و محبت جا ترانا گنگنائڻ جي بجاءِ زندگيءَ جي تلخ حقيقتن جا عڪس پيش ڪرڻ جي پَھل ڪري ٿو.

Title Cover of book پنھنجا پاڇا

اَڇا ڪپڙا جَنھِن ڀي پاتا،

اَڇا ڪپڙا جَنھِن ڀي پاتا،
مِـٽيءَ تَنھِن تي رنگ ئي لاتا

لِڪَـل اَندر ۾ ماڻھوُ ڪيڏا،
اَڄُ تائين موُن ڪيِن سُڃاتا

عِزَت، عُمر جا ٻَنڌن ٽوڙي،
ڪَھِـڙا ڪَھِـڙا جُڙجَن ناتا !

معصومن سان قَھَـرُ ڪرڻ لءِ
وَحشي ويٺا آھن آتا

گِــلا ڪَـرَڻَ ۾ اَڳرو ھر ڪو،
ساراهہ لءِ پر سَڀُ ڄڻ ٻاتا

نيڪ آدَم سَنگسار ڪَيائون،
لوٺيَن جا جَس– گيت ويا ڳاتا

لڪ ڇِپَ ۾ پئي پُڃّ ڪَيا جن،
ڪيِنَ وِيا سي جڳ ۾ ڄاتا

رُغبت اوُڻايوُن ڳولھَڻَ ۾
سَـچُ تِن ڪيئن سُجهائي داتا

جهاتيِ پائِن ڪيِنَ اَندر ۾،
واچِن ’بندا‘ جَڳَ جا کاتا