سُٺا ڏيِنَھن ايِندا، چَويِن ٿو، رَهَڻُ ڏي !
لَٻاڙوُن اَجايوُن هڻيِن ٿو، رَهَڻُ ڏي !
وَهي ڇا پيو گهر ۾، خبر ناهِہ توکي
پَرايوُن پَچاروُن ڪَريِن ٿو، رَهَڻُ ڏي !
سَدائيِن مُخالِفُ هُئين جِنِ ڌُريُنِ جي
نَوان ناتا تِنِ سان ڳَنڍيِن ٿو، رَهَڻُ ڏي !
ٻُڌيِن ڪونَہ ٿو ڌيانَ سان ڪَنھِن ٻئي جيِ
رُسي، ڳالھہ اَڌ ۾ ڪَٽيِن ٿو، رَهَڻُ ڏي !
ڪَريِن جيڏيِ تعريِفَ خود جي ٿو مُنَھن سان
ٻِيَن کي بِہ ايڏو وڻيِن ٿو؟ رَهَڻُ ڏي !
’وڏي ووٽ ۾ آهِہ طاقت‘، صحيح آ !
ڏِنُئِہ پر بِہ ڪَھِڙَن؟ ڏِسيِن ٿو! رَهَڻُ ڏي !
’سَموُرا سَدائين سَندمِ ساڻُ هوُندا‘،
غلط ڌارڻائوُن رَکيِن ٿو، رَهَڻُ ڏي !
جَتائِڻُ ٿو چاهيِن، تہ بي خؤف آهين !
ڏِسي سَچَ کي سامھون ڏَڪين ٿو، رَهڻُ ڏي !
وڻي ’بندا‘ سادو سَٻاجهو ٿو چَھِرو
اَجايو ڇو سَنڀريِن سَجيِن ٿو، رَهَڻُ ڏي !