شاعري

پنھنجا پاڇا

ھن مجموعي ۾ روُمانوي عنصر گهٽ مِلي ٿو پر زندگيءَ جي تلخ حقيقتن سان وابستگي ۽ طنز ڪلاميءَ جا جهَجها مثال مِلن ٿا. طنز جو فنڪارانہ استعمال ئي کيس اَھميت بخشي ٿو. طنز جو استعمال اڪثر ساھتيہ جي مُختلف وِڌائُن –شاعري، ڪھاڻي، اُپنياس، ناٽڪ نويسيءَ کان سواءِ چِترڪاري، اَداڪاري، نقل بازي (Mimicry) ۾ بہ ملي ٿو. طنز تِکي ۽ چُڀندڙ بہ ٿي سَگهي ٿي ۽ نامعلوم اَلبت اَڻلکي بہ. ڀڳوان ٻاٻاڻي صرف عشق و محبت جا ترانا گنگنائڻ جي بجاءِ زندگيءَ جي تلخ حقيقتن جا عڪس پيش ڪرڻ جي پَھل ڪري ٿو.

Title Cover of book پنھنجا پاڇا

خود کي پَسَن ٿا پاڻَ اکيُن ۾

خود کي پَسَن ٿا پاڻَ اکيُن ۾
ڪَن پيا روحَ رِھاڻَ اکيُن ۾

ھِڪَ ئي گهوُرَ ۾ گهائي وِجهَنِ ٿا
تِکا رَکَن ٿا ٻاڻَ اکيُن ۾

اَکِ ٻوُٽڻ سان وَجوُدُ ئي گُم
ڦاٿل ٿَنِ ڄڻ پراڻَ اَکيُن ۾

اوسيڙو ٿَنِ ڪنھنجو شايد
ڏِسجي ٿي ڇِڪَتاڻَ اکيُن ۾

بعضي بَرکا وَسي اُمالَڪ
ھُجن نَہ ڀَل مانڊاڻَ اکين ۾

راتِ وِھامَڻَ جا مَنظر پِڻ
ڇَڏي وَڃَنِ اُھڃاڻَ اَکيُن ۾

ڪونزباْن سان پُڇَنِ’بندا‘، پَر
ڪَنِ سَڀ جي ڇَنڊَڇاڻَ اکيُن ۾