شاعري

پنھنجا پاڇا

ھن مجموعي ۾ روُمانوي عنصر گهٽ مِلي ٿو پر زندگيءَ جي تلخ حقيقتن سان وابستگي ۽ طنز ڪلاميءَ جا جهَجها مثال مِلن ٿا. طنز جو فنڪارانہ استعمال ئي کيس اَھميت بخشي ٿو. طنز جو استعمال اڪثر ساھتيہ جي مُختلف وِڌائُن –شاعري، ڪھاڻي، اُپنياس، ناٽڪ نويسيءَ کان سواءِ چِترڪاري، اَداڪاري، نقل بازي (Mimicry) ۾ بہ ملي ٿو. طنز تِکي ۽ چُڀندڙ بہ ٿي سَگهي ٿي ۽ نامعلوم اَلبت اَڻلکي بہ. ڀڳوان ٻاٻاڻي صرف عشق و محبت جا ترانا گنگنائڻ جي بجاءِ زندگيءَ جي تلخ حقيقتن جا عڪس پيش ڪرڻ جي پَھل ڪري ٿو.

Title Cover of book پنھنجا پاڇا

جاڳڻ سان ئي سَڀُ سَچَ پسبا

جاڳڻ سان ئي سَڀُ سَچَ پسبا
ننڊ ڏئي ٿي سُهڻا سُپِنا

ڪي ڊيڄارِن، ڪي ھِرکائِن
ھَر سُپني جي پَنھِنجي رچنا !

دِل ۾ ويٺل آھِن گَھِرا
ساڻُ گُذارياسيِن جي لمحا

دل جي ڳالھہ بہ ڪڍجي سوچي
هر ڪَنھِن سان ڇا روئبا ڏُکڙا!

ٻار تہ ڪن ٿا اُئين ئي سڀ ڪُجهہ
ڏِسن ڪندا وڏڙن کي جِئَن ٿا

ٻارُ جُڙي سِنڌيءَ سان، تَنھِن لءِ
لوڪَ ڪَھاڻي روزُ توُن کَڻُ ڪا

اک ٻوُٽي ٿا مڃيِن توکي
ڳالھِہ بِہ سوچي سمجهي چئُہ ڪا

رکي دلين ۾ هيڏي دوُري
ڇا لءِ آهيوُن گڏجي ويٺا ؟

ڳالھِہ سَدائين وَڃيِن گهُمائي
سَچّي آخر مَنَ جيِ ڪَرِ ڪا

سامھون هڪڙو، پرپُٺ ٻيو ڪجهُہ
ڀَريَلُ دِليُن ۾ ڪيڏو ڇَلُ آ !

روزُ حادِثا ڏِسجن ڪيئي
چُڀي وَڃن ٿا پر ڪي واقعا

’بندي‘ جو سَرمايو آِھن
دُنيا جيڪي ڏِنَس تَجُربا