شاعري

پنھنجا پاڇا

ھن مجموعي ۾ روُمانوي عنصر گهٽ مِلي ٿو پر زندگيءَ جي تلخ حقيقتن سان وابستگي ۽ طنز ڪلاميءَ جا جهَجها مثال مِلن ٿا. طنز جو فنڪارانہ استعمال ئي کيس اَھميت بخشي ٿو. طنز جو استعمال اڪثر ساھتيہ جي مُختلف وِڌائُن –شاعري، ڪھاڻي، اُپنياس، ناٽڪ نويسيءَ کان سواءِ چِترڪاري، اَداڪاري، نقل بازي (Mimicry) ۾ بہ ملي ٿو. طنز تِکي ۽ چُڀندڙ بہ ٿي سَگهي ٿي ۽ نامعلوم اَلبت اَڻلکي بہ. ڀڳوان ٻاٻاڻي صرف عشق و محبت جا ترانا گنگنائڻ جي بجاءِ زندگيءَ جي تلخ حقيقتن جا عڪس پيش ڪرڻ جي پَھل ڪري ٿو.

Title Cover of book پنھنجا پاڇا

ڀَل ڪَنھِن کي وَڻي يا نَہ وَڻي، صافُ چَوان ٿو

ڀَل ڪَنھِن کي وَڻي يا نَہ وَڻي، صافُ چَوان ٿو
سَڀُ صافُ چَـوَڻَ جي ڪَري ئـي ڪيِنَ وَڻان ٿو

تُنھِنجيِ تَہ لَڳَل تاتِ اَٿَم اَهِڙيِ او مِٺِڙا !
هَرَ شِڪِل ۽ هَر شَخصَ ۾ مان توکي پَسان ٿو

اَڄُ حالَـتُن تہ اَهِـڙو تہ لاچارُ ڪَيو آ
ڪو ڪُجهہ بِہ چَوي ٿو، مان چُپچاپِ ٻُڌان ٿو

حالت ڀليِ تہ ڪـيڏي بِہ مُشڪل گهڻي ھُجي
مان پَنھِنجيِ زَباْن تان تَہ نَہ ڪُجهُہ اَڄ بِہ ڦِـران ٿو

ظـاهِرُ تَـہ کِلان ٿو ۽ مُرڪان ٿو سَڀِن سان
خاموشُ اَندَرَ ۾ ئي سَڀئي سوُرَ سَھان ٿو

دِل ۾ تَہ دَغا ڪا بِہ ڪڏهن موُن نہ رَکي آ
جيڪي بِہ ڪَيوقُـدِرَتَ سو سَـڀَ سـان سَـلان ٿو

ماڻھو ٿا مِلن چؤڌر، اِنسانُ ڪِٿي آ ؟
هَر واٽَ تي هَر گهاٽَ تي ھر ڪنھنکان پُـڇان ٿو

ڪيڏا بِہ هَڻَنِ ڪوُڙا اِلزامَ ’بَندي‘ تي
پَرواہ نَہ ٻئي جي ڪا، هِڪُ ’هُن‘ کان ڊِڄان ٿو