اَعِزازَ ۽ انعامَ سِفارِشَ بِنا مِلَن
اهڙا مِثالَ ڀي تہ اَکيُن آڏوڪُجهُہ هُـجَن
حَقدار جيڪي آھِن، ڳولھي ڪَڍي اَچون
شَل قاعِدا ڪي اَهڙا پِڻ قؤمَ ۾ ٺَھَن
جِن جو نَہ واسطو ڪو اَدَب ۽ ڪلا سان آہ
ھَر مَنچ تي ٺَھيِ ٺُڪي ڇو سي ئي ٿا وِھَن
تَھذيِبَ ۽ ثَـقافَـت جِن آ خَـتَـم ڪَئيِ
نيتاگِري سَماج جي ھَٿيائيِ تِن جَڏَن
ڀانئِن وَڏو ٿا خود کي ثَـقافَـت کان دوُر ٿيِ
ڪَمزور قؤمَ کي تَہ بَڻايو آ تِن وَڏَن
نالائِـقَن سَھاري، جي مُعتبَرَ بَڻيا
تِن جا تَـڏا تَہ شَھَرَ مان جَلدي ئي شَل کَڄَن
ايِمانُ ۽ ضَميِرُ بہ ماري ڇڏيو آ جِن
سي ئي سَڀِن کي آڳ ٿا هَر راھَہ ۾ ڏِيَن
اوُڻايوُن، عيَب، نُقصَ سَگهَنِ روبَرو چَئيِ
اهڙا دِليرَ صافُ’بَندا‘ ڀي تَہ ڪُـجهُہ کَپَن